رسائی کے لنکس

پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ تحريڪ عدم اعتماد آڻينداسين: آصف زرداري


آصف علي زرداري (فائيل فوٽو)
آصف علي زرداري (فائيل فوٽو)

پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته قبل از وقت چونڊون جمهوريت جي مفاد ۾ ناهن.

نجي چينل ’آج نيوز’ کي ڏنل انٽرويو ۾ آصف زرداريءَ چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جون اسيمبليون تحليل ٿيون ته پيپلز پارٽي انتخابات ۾ ڀرپور حصو وٺندي.

هن چيو ته ڏسون ٿا ته هو (عمران خان) ڪيترا ’ايم پي ايز’ پاڻ سان آڻي ٿو. اسان به خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ تحريڪ عدم اعتماد آڻينداسين. جيڪڏهن اسيمبليون نه ٽوڙيون ويون ته اسان اپوزيشن ۾ ئي رهنداسين.

پاڪستان جي اڳوڻي صدر چيو ته کيس نه ٿو لڳي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙيندو. ليڪن جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته اسان وٽ ’پلان بي’ موجود آهي.

آصف زرداريءَ دعوا ڪئي ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابيءَ جي لاءِ هن وٽ ’نمبر گيم’ پوري آهي. ليڪن، چوڌري پرويز الاهي هن ڀيري سندس اميدوار نه هوندو، ڇو ته هن سان دوريون تمام گهڻو وڌي ويون آهن.

اڳوڻي صدر دعوا ڪئي ته خيبر پختونخوا ۾ به گمراه ٿي پي ٽي آئي ۾ وڃڻ وارا اسان جا ڪيترا ئي فرد واپس اچي ويندا.

چوڌري پرويز الاهيءَ سان عمران خان جي ملاقات

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي تحريڪ انصاف عمران خان سان لاهور ۾ سندس رهائش گاه تي ملاقات ڪئي آهي.

ابلاغ جي ذريعن جي مقامي رپورٽن مطابق، ملاقات ۾ عمران خان جي پاران اسيمبلين مان استعيفا سميت ملڪ جي مجموعي سياس صورت حال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پنجاب جي وڏي وزير سان مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي رهنما مؤنس الاهي به موجود هو، جڏهن ته عمران خان سان تحريڪ انصاف جو رهنما پرويز خٽڪ موجود هو. مقامي ميڊيا مطابق اها ملاقات اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي.

ٽي ٽي پيءَ جو ڪوئٽه تي حملو پريشان ڪن آهي، مگر ان کي قابو ڪري وٺندا سين، رانا ثنا الله

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

داخله جي وفاقي وزير، رانا ثنا الله چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشت گرديءَ جي واقعي جي ذمي داري تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي پاران قبول ڪرڻ ’’پريشان ڪن آهي’’.

اسلام آباد ۾ خميص ڏينهن اخباري ڪانفرنس ۾ رانا ثنا الله چيو ته بلوچستان ۾ ٽي ٽي پي جي حملي کان پوءِ اڄ اجلاس ۾ سيڪيورٽي صورت حال جو جائزو ورتو ويو. ان ڳالهه تي تشويش آهي ته دهشت گرد ٻيهر منهن نه ڪڍن. سندس مطابق، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ته انهن کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي.

اربع ڏينهن ڪوئٽه جي ويجهو بليلي ۾ ٽي ٽي پي جي پوليس جي ٽرڪ تي خودڪش حملي ۾ هڪ اهلڪار سميت ٽي ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي ٿيا.

امن و امان جي حوالي سان رانا ثناالله چيو ته وفاقي حڪومت جي طرفان معاملن کي هٿ ۾ وٺڻ کان اڳ ۾ صوبي جي حڪومت کي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

خيبر پختونخوا جي حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اهم اجلاسن ۾ خيبر پختونخوا جو وڏو وزير شريڪ نه ٿو ٿئي. وفاق هر قسم جي سهڪار ۽ مدد جي لاءِ تيار آهي، التبه صوبائي حڪومتون انهن معاملن کي سنجيدگيءَ سان وٺن.

عمران خان تي تنقيد ڪندي، رانا ثنا الله چيو ته کيس اسيمبليءَ ۾ اچي مسئلا سامهون آڻڻ کپن.

رانا ثناالله چيو ته 26 نومبر تي پي ٽي آئي جو احتجاج ناڪام ٿيو ته عمران خان بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي اسيمبلين ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي. جيڪڏهن هيءُ نظام ڪرپٽ آهي ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جون حڪومتون به ڇڏي، سينيٽ مان به استعفا ڏئي ۽ صدر کي به واپس گهرائي.

XS
SM
MD
LG