رسائی کے لنکس

پاڪستان ۽ سري لنڪا ايشيا ڪپ جي فائنل ۾، افغانستان ۽ ڀارت ڊوڙ کان ٻاهر


نسيم شاه
نسيم شاه

اڄ کان 36سال اڳ شارجه ۾ پختي قسم جي بيٽس مين، جاويد ميانداد ڇڪو لڳائي ڀارت جي خلاف هڪ وڪيٽ تان پاڪستان کي فتح ڏياري هئي. اربع ڏينهن پاڪستان جي اڀرندڙ اسٽار، نسيم شاه انهيءَ ئي گرائونڊ تي لڳاتار ٻن بالن تي ٻه ڇڪا هڻي افغانستان کي هارايو، ۽ ڀارت کي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

افغانستان جي خلاف سپر فور مقابلي ۾ هڪ وڪيٽ سان ڪاميابيءَ پاڪستان کي ايشيا ڪپ فائنل ۾ جڳهه ڏياري. 11 سيپٽمبر تي پاڪستان جو مقابلو هاڻي سري لنڪا سان ٿيندو جيڪا ايونٽ جي ميزباني به ڪري رهي آهي.

پاڪستان ۽ سري لنڪا سپر فور مرحلي ۾ ٻه ٻه ميچون کٽي چار چار پوانٽس حاصل ڪري فائنل ۾ جڳهه بنائي، افغانستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ان مرحلي ۾ پهريون ٻه ميچون هارائي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويون.

خميص جي ڏينهن ڀارت ۽ افغانستان ۽ جمعي ڏينهن پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ سپر فور ميچن جي هاڻي ڪا خاص اهميت نه رهي آهي ڇو ته انهن نتيجن جو فائنل ۾ پهچڻ وارين ٻنهين ٽيمن تي ڪو فرق نه پوندو.

پاڪستاني بالرن افغان ٽيم کي 129 رنز تائين محدود ڪري ڇڏيو.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي، عمير علويءَ پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته افغان اوپنرز ٽن اعشاريه پنجن اوورن ۾ 36 رنز جو شاندار آغاز ڪيو. انهن جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ابراهيم زدران اننگز کي سنڀاليو ۽ سترهين اوور تائين بيٽنگ ڪري 35 رنز ٺاهيا. ليڪن ٻئي اينڊ تي وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو جنهن جي ڪري پاڪستاني بالرن بالخصوص اسپنرز مخالت بيٽسمين جي جارح مزاجيءَ کي بريڪ لڳائي.

مقرره ويهن اوورن جي پڄاڻيءَ تي افغانستان ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنز ٺاهيا. ابراهيم زردان کان سواءِ ڪنهن بيٽسمين 30 رنسن کان وڌيڪ اسڪور نه ڪيو.

فاسٽ بالر حارث رئوف 26 رنز ڏئي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. هو پاڪستان جو سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

محمد نواز چئن اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي عوض 23 ۽ شاداب خان 27 رنز ڏئي هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. نسيم شاه ۽ محمد حسنين جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.

بابراعظم جي ‘گولڊن ڊڪ‘ جي باوجود پاڪستان جي پيش قدمي، آخري اوور ۾ ميچ کٽي ورتي

جواب ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي نه هئي ۽ ڪپتان بابر اعظم پهرين ئي بال تي بغير رن اسڪور ڪرڻ جي پويلين واپس ٿيو، ان جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ فخر زمان وڪيٽ تي آيو، ليڪن جڏهن هو پنج رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته پاڪستان جو اسڪور 18 رنز هو ۽ کٽڻ لاءِ 112 رنز گهربل هيون.

اهڙي وقت افتخار احمد نائب ڪپتان محمد رضوان سان ٽئين وڪيٽ جي شراڪت ۾ 27 رنسون ٺاهيون. رضوان جي 20 رنز تي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ هن شاداب خان سان ملي اسڪور کي سورهين اوور ۾ 87 رنز تائين پهچائي ڇڏيو.

جڏهن 30 رنز ٺاهي افتخار احمد بائونڊريءَ تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ته پاڪستان کي راند کٽڻ لاءِ 27 بالن تي 43 رنز گهربل هيون. ليڪن سترهين اوور ۾ 36 رنز ٺاهي شاداب خان ۽ ارڙهين اوور ۾ چار رن اسڪور ڪري گزريل ميچ جي هيرو محمد نواز جي وڪيٽ افغانستان کي ميچ ۾ واپس وٺي آئي.

فضل الحق فاروقي جي آخري اوور جي پهرين بال تي ڇڪو هڻي هن پهرين کٽڻ جو هدف گهٽايو، ان کان پوءِ ٻئي بال تي به بائونڊري کان ٻاهر اڇلائي پاڪستان کي هڪ وڪيٽ جي ڪاميابي ڏياري ۽ ايونٽ جي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.

فضل الحق فاروقي ۽ فريد احمد جون ٽي ٽي وڪيٽون، ۽ ارشد خان جون ٻه وڪيٽون به افغانستان کي پاڪستان جي خلاف انٽرنيشنل ميچ ۾ فتح نه ڏياري سگهيون.

ان شڪست کان پوءِ افغانستان جي ٽيم ته فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي، ڀارت جي ٽيم به ٽائيٽل ميچ مان ٻاهر ٿي رئي.

شاداب خان کي سندس شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگيءَ تي ‘مين آف دي ميچ‘ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

XS
SM
MD
LG