پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير پنهنجي پهرئين غير ملڪي دوري تي رياض پهتو آهي جنهن کان پوءِ هو متحده عرب امارات جو به دورو ڪندو. پاڪستان کي درپيش معاشي حالتون ۽ پاليسي سازيءَ ۾ فوج کي حاصل اهميت جي ڪري مبصرن هن دوري کي اهم قرار ڏنو پيو وڃي.
آرمي چيف اهڙي وقت هيءُ دورو ڪري رهيا آهن جڏهن پاڪستان جي معيشت کي بحراني صورت حال آڏو آهي. ٻئي پاسي، بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي وڌندڙ حملن ۽ افغانستان جي صورت حال پاڪستان ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي لاءِ چيلينج جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي.
پاڪستاني فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آئي ايس پي آر) مطابق، جنرل عاصم منير سعودي عرب کان پوءِ متحده عرب امارات ويندو. انهن ٻنهين دورن ۾ جنرل عاصم منير ٻنهين ملڪن جي سينئر قيادت سان ملاقاتون ڪندو جنهن دوران ٻه طرفي دلچسپي، فوجي سهڪار، ٻه طرفن ناتن ۽ سلامتيءَ جي متعلق معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
مبصرن جي خيال ۾ آرمي چيف جو دورو پاڪستان جي لاءِ دوست ملڪن کان مالي سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ راه هموار ڪندو. ان کان علاوه پاڪستان ۾ پاليسي سازيءَ ۾ فوج کي حاصل خاص اهميت جي ڪري جنرل عاصم منير جو هيءُ دورو پاڪستان جي بچاءَ ۽ سفارتي پاليسيءَ جي رخ جو تعين به ڪندو.
پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي جي ڪرندڙ ذخيرن کي سهارو ڏيڻ لاءِ سعودي عرب کان ٽي ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جي توقع آهي. وزير خزانه إسحاق ڊار اربع ڏينهن ڏيوالي نڪرڻ جي خطري کي مسترد ڪندي چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان کي سعودي عرب کان مالي مدد ملي ويندي.
دوري جو مقصد مالي مدد جو حصول آهي
تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان شديد معاشي مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ دوست ملڪن جي طرف ڏسي رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان وڏي عرصي کان وٺي سعودي عرب جي سيڪيورٽي معاملن ۾ معاونت ڪندي آيو آهي ۽ هاڻي اسلام آباد کان ڇا توقعات آهن، پاڪستان کي انهن معاملن کي به ڏسڻو پوندو.
فوج جي سياسي ڪردار تي سوال
آرمي چيف سيد عاصم منير جي دوري متعلق هي سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ڇا فوجي قيادت سياست ۾ ڪردار ادا نه ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي کان پوئتي ته نه هٽي رهي آهي.
جنرل طلعت مسعود چيو آهي ته فوجي قيادت اهو اصولي فيصلو ڪيو آهي ته اها سياسي، اقتصادي ۽ پرڏيهي معاملن ۾ ملوث نه ٿيندي، ليڪن فوج جو انهن سڀني معاملن کان تڪڙ ۾لاتعلق ٿيڻ ممڪن ڪونهي. سندس بقول، حڪومت به فوج کان اهڙي ڪردار جي اميد رکندي آهي.
هن چيو ته سعودي عرب ۽ ’يو اي اي’ سان اسانجي فوج جا سياسي قيادت سان وڌيڪ ويجها تعلقات آهن ۽ انهيءَ اعتماد جي بنياد تي حڪومت فوج کي چيو هوندو ته اها ڪردار ادا ڪري.
ڊاڪٽر هما بقائيءَ چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ هي ڪردار ادا ڪرڻ آرمي چيف جي خواهش کان وڌيڪ مجبوري آهي. سندس بقول، جنرل عاصم منير هي ڪردار خوشيءَ سان نه بلڪه مجبوريءَ سان نڀائي رهيو آهي.
هن چيو ته سٺو لڳي يا خراب ليڪن سندس نظر ۾ جيڪو سياسي بگاڙ پيدا ٿي چڪو آهي ان کي دور ڪرڻ جي لاءِ نئين فوجي سربراه کي آستين چڙهائي پنهنجا هٿ گندا ڪرڻ پوندا.
خميص ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي ناتن جي آفيس آرمي چيف جنرل عاصم منير جي سعودي عرب جي دوري جي باري ۾ ٻڌايو ته اهو دورو ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ تعلقات کي وڌائڻ متعلق آهي جنهن ۾ دفاعي شعبو به شامل آهي.
سعودي عرب پهچڻ کان پوءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير بچاءِ واري سعودي وزير شهزادي خالد بن سلمان سان رياض ۾ ملاقات ڪئي آهي.
(علي فرقان جي رپورٽ)