تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم، ’اوپيڪ پلس’ پاران خام تيل جي يوميه پيداوار گهٽائڻ واري فيصلي کان پوءِ، آمريڪا ۽ سعودي عرب جي تعلقات ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، جڏهن ته اسلام آباد هن فيصلي تي رياض سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
ياد رهي ته اوپيڪ آڪٽوبر جي شروعات ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ تيل جي روزاني پيداوار ۾ 20 لک بيرل تائين ڪميءَ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي آمريڪا جي طرفان تنظيم جي اهم رڪن ملڪ جي طور تي، سعودي عرب تي تنقيد ڪئي هئي ۽ ٻه طرفن تعلقات تي نظرثانيءَ جو چتاءُ ڏنو ويو هو.
پاڪستان جي دفتر خارجه جي طرفان اڱاري ڏينهن سعودي عرب جي حمايت ۾ جاري ٿيڻ واري بيان ۾آمريڪا جو نالو وٺڻ بنان چيو ويو آهي ته اسلام آباد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن جي لاهن چاڙهن متعلق سعودي عرب جي خدشن جي تائيد ڪري ٿو. البته پاڪستان واضح ڪيو آهي ته اسلام آباد اهڙن معاملن کي ٻه طرفي احترام سان تعميري انداز ۾ حل ڪرڻ جو حامي آهي.
سعودي عرب جي حمايت ۾ پاڪستان جو هيءُ بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاڪستان جي جوهري پروگرام تي شڪ ۽ شبهي جو اظهار ڪيو هو.
ليڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي پاران سعودي عرب جي حمايت جي اظهار جو تعلق صدر بائيڊن جي بيان سان ڪونهي، بلڪه سعودي عرب سان پنهنجي پراڻن تعلقات جي ڪري پاڪستان ان جي تائيد ڪري رهيو آهي.
مبصرن چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب کي ٻڌائڻ ٿو گهري تي هو رياض سان پنهنجي پراڻن تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته ماضيءَ ۾ سعودي عرب به مشڪل حالتن ۾هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.
اسلام آباد مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي، جليل اختر جي رپورٽ مطابق، هلندڙ سال فيبروريءَ ۾ روس جي يوڪرين تي جارحيت کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون عدم استحڪام جو شڪار رهيون آهن. اوپيڪ جو موقف آهي ته تيل جي روزاني پيداوار گهٽ ڪرڻ جو فيصلو عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. ليڪن، آمريڪا جي خيال ۾ ان فيصلي جو روس کي فائدو ٿيندو ۽ ان فيصلي جا سياسي اسباب آهن.
اوپيڪ تنظيم ان تاثر جي ترديد ڪئي آهي. ان مطابق، هيءُ فيصلو غير سياسي آهي ۽ ان جو تعلق عالمي سطح تي تيل جي پيداوار جي انتظامي پهلوءَ سان آهي.
پاڪستان جو بيان ڪنهن جي لاءِ آهي؟
ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته اوپيڪ جي فيصلي جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت وڌي ويندي ۽ ان جي ڪري پاڪستان جهڙا ملڪ متاثر ٿيندا. ليڪن، ان جي باوجود سعودي عرب سان پنهنجي پراڻي تعلق جي ڪري پاڪستان ان جي حمايت ڪرڻ ضروري سمجهو.
بين الاقوامي معاملن جي تجزيه ڪار، نجم رفيق چيو آهي ته پاڪستان هميشه سعودي عرب سان گڏ بيٺو رهيو آهي ۽ موجوده حالتن ۾ به ان تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري، آمريڪا جي پاران سعودي عرب جي خلاف ڏنل بيان کان پوءِ به پاڪستان مناسب سمجهو ته سعودي عرب سان ان موقعي تي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو وڃي.
ماسڪو ۾ پاڪستان جي سفير جي طور خدمتون ڏيڻ واري، شاهد امين جو چوڻ آهي ته صدر بائيڊن جي طرفان پاڪستان جي جوهري پروگرام جي باري ۾ بيان نه به اچي ها تڏهن به پاڪستان کي سعودي عرب جي حمايت ئي ڪرڻي هئي.
شاهد امين چيو ته سعودي عرب جي حمايت ۾ پاڪستان جو بيان آمريڪا جي بجاءِ رياض جي لاءِ پيغام آهي ته اسلام آباد سعودي عرب سان تعلقات کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو. سندس بقول، ان بيان جي ڪري آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات متاثر نه ٿيندا.
واضح رهي ته صدر بائيڊن جي بيان کان پوءِ آمريڪا جي محڪمه خارجه پاڪستان جي جوهري اثاثن جي سيڪيورٽيءَ جي لاءِ کنئيل اقدامات تي اعتماد ڪري چڪو آهي.
آمريڪا ۽ سعودي عرب جي تعلقات تي اثر
حالانڪه اوپيڪ جي فيصلي جي ڪري سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، ليڪن پاڪستان جا اڳوڻا سفارت ڪار اهو سمجهن ٿا ته اها صورت حال عارضي آهي. رياض ۽ واشنگٽن جي تعلقات تي ان جي ڪري ڪو نمايان فرق نه پوندو.
شاهد امين چيو ته تيل جي پيداوار ۽ مسلم دنيا ۾ حاصل مرڪزيت جي ڪري آمريڪا کي سعودي عرب جي اهميت جو خيال آهي.
هن چيو ته اگرچه آمريڪا سعودي عرب سان تعلقات جي نظرثانيءَ جو اشارو ڏنو آهي، ليڪن آمريڪا کي زميني حقائق کي تسليم ڪندي سعودي عرب سان تعلقات جاري رکڻا پوندا. ان جي ڪري، سندس بقول، عارضي لاهن چاڙهن جي باوجود آمريڪا ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۾ ڪو فرق نه پوندو.
عالمي معاملن جي ماهر، نجم رفيق به ان ڳالهه جي تائيد ڪئي. سندس خيال ۾ آمريڪا جا سعودي عرب سان نهايت ويجها دفاعي تعلقات آهن ۽ ان ڳالهه جو ڪو امڪان ڪونهي ته اوپيڪ جي فيصلي جي ڪري ٻنهين ملڪن جا تعلقات ڪمزور ٿين.