رسائی کے لنکس

‘ٽي ٽي پيءَ جي معاملي تي آمريڪا ۽ پاڪستان هڪ ئي پيج تي آهن‘


ٽي ٽي پيءَ پاران تازو ڪوئٽه ۾ پوليس جي هڪ ٽرڪ کي خودڪش بم حملي جو نشانو بنايو ويو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا هلاڪ جڏهن ته 23 زخمي ٿيا. 30 نومبر 2022. (فائيل فوٽو)
ٽي ٽي پيءَ پاران تازو ڪوئٽه ۾ پوليس جي هڪ ٽرڪ کي خودڪش بم حملي جو نشانو بنايو ويو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا هلاڪ جڏهن ته 23 زخمي ٿيا. 30 نومبر 2022. (فائيل فوٽو)

پاڪستان بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي ملڪي سلامتيءَ جي لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽي ٽي پي سيمت ڪيترن ئي ٻين ويڙهاڪن جي ڪاروائين جي ڪري پاڪستان کي نقصان پهتوآهي.

پرڏيهي ناتن جي دفتر جي ترجمان، ممتاز زهره بلوچ اها ڳالهه آمريڪا جي طرفان ٽي ٽي پي جي نائب امير قاري امجد سيمت القاعده برصغير جي ٽن رهنمائن کي عالمي دهشت گردن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کڻڻ کان پوءِ چئي آهي.

جمعي جي ڏينهن اخباري بريفنگ جي دوران آمريڪي قدم جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ ممتاز بلوچ چيو ته پاڪستان بين الاقوامي دهشت گردي سان نبرڻ جي لاءِ آمريڪا سميت بين الاقوامي شراڪت دارن سان تعاون ڪندو رهيو آهي.

آمريڪا جي طرف کان ٽي ٽي پي جي اهم رهنما کي عالمي دهشت گرد قرار ڏيڻ جو اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٽي ٽي پي ڪجهه ڏينهن اڳ جنگ بندي ختم ڪري پنهنجون ڪاروائيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ترجمان چيو ته ڪابل ۾ وزير مملڪت حنا رباني کر جي طالبان قيادت سان ٿيڻ واري تازي ملاقات ۾ افغان طالبان يقين ڏياريو ته افغان سرزمين کي پاڪستان ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشت گرديءَ جي سرگرمين جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏبو.

هن چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته طالبان پنهنجي وعدن جو احترام ڪندا.

آمريڪي محڪمه خارجه القاعده ۽ ٽي ٽي پي جي جن رهنمائن کي عالمي دهشت گرد قرار ڏنو آهي انهن ۾ القاعده برصغير جو امير اسامه محمود، نائب امير عاطف يحيي، القاعده برصغير جي ريڪروٽمنٽ جو ذمي دار محمد معروف کان سواءِ ٽي ٽي پي جي نائب امير قاري امجد به شامل آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ دهشت گردن جي طرفان درپيش خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته دهشت گرد افغانستان جي سرزمين کي استعمال نه ڪري سگهن.

بين الاقوامي معاملن جي تجزيه ڪار ظفر جسپال ٽي ٽي پي جي نائب امير کي عالمي دهشت گردن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي خوش آئند قرار ڏنو آهي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته دهشت گرديءَ کان بچاءَ جي جنگ ۾ اسلام آباد ۽ واشنگٽن هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي ان معاملي تي هڪ پيج تي آهن.

ٽي ٽي پيءَ پاران جنگ بنديءَ جي خاتمي جي متعلق هڪ سوال تي ظفر جسپال چيو ته ٽي ٽي پي جي پاران پهريان ئي ان معاهدي تي جزوي طور تي عمل ڪيو پئي ويو ۽ جڏهن به انهن کي موقعو ملندو هو ته هو ڪاروائيون ڪندا هيا.

ياد رهي ته ٽي ٽي پي جا جيڪي هٿياربند افغانستان ۾ پناه وٺي ويٺا آهن قاري امجد انهن ۾ شامل آهي.

هوڏانهن پشاور يونيورسٽيءَ جي ابلاغ عامه جي شعبي جي پروفيسر عرفان اشرف چيو آهي ته آمريڪا جي طرفان قاري امجد کي عالمي دهشت گرد قرار ڏيڻ سان ٽي ٽي پي جي لاءِ ڪو خاص فرق نه پوندو ڇو ته ٽي ٽي پي جون ڪاروائيون صرف پاڪستان تائين محدود آهن.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته هن قاري امجد جو نالو پهريون دفعو ٻڌو آهي.

هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ جڏهن ٽي ٽي پي پنهنجي بيان ۾ سيز فائير معاهدي جي خاتمي جو اعلان ڪيو ته قاري امجد جي لاءِ مفتي مزاحم جو نالو استعمال ڪيو ويو، ۽ سندس عهدو نائب امير جي بجاءِ تحريڪ طالبان پاڪستان جي نام نهاد بچاءَ جي وزير طور سامهون آيو هو.

ڊاڪٽر عرفان اشرف مطابق آمريڪا جي پاران قاري امجد کي ’گلوبل ٽيررسٽ لسٽ’ ۾ شامل ڪرڻ جا ٻه محرڪات ٿي سگهن ٿا جن مان هڪ اهو آهي ته افغانستان مان واپس وڃڻ جي باوجود آمريڪا جي دلچسپي اڃان به هن خطي سان جاري آهي ۽ واشنگٽن کي لڙاڪن جي ڪاروائين تي تشويش آهي.

XS
SM
MD
LG