رسائی کے لنکس

پاڪستان ۾ پوليو مهم جو آغاز


(فائيل فوٽو)
(فائيل فوٽو)

پاڪستاني عهديدارن چيو آهي ته ملڪ ۾ اڄ (سومر ڏينهن) کان ’پوليو ويڪسي نيشن’ جي پنجن ڏينهن جي مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي، ته جيئن هن معزوري جو باعث بنجڻ واري بيماريءَ کان بچي سگهجي.

سرڪاري عمل دارن جو چوڻ آهي ته 100،000 هيلٿ ڪيئر ڪارڪنن سومر کان پنجن سالن تائين عمر وارن هڪ ڪروڙ 35 لک ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارڻ جي مهم شروع ڪئي آهي، جيڪا انهن 36 ضلعن ۾ جاري رهندي جن کي بيماريءَ جو سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي، جنهن ۾ وفاقي گاديءَ وارو هنڌ اسلام آباد به شامل آهي.

هنگامي ڪاروائيءَ جي قومي مرڪز جي رابطه ڪار، شهزاد بيگ چيو آهي ته ’’اسان جو مقصد اهل ٻارن کي بر وقت ’ويڪسينيٽ’ ڪرڻ آهي’’.

هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح انهن ضلعن ۾ هن مهم کي مڪمل ڪرڻ تي مرڪوز رهندي جن کي وڌيڪ خطرو آهي، ته جيئن انهن مشڪل ۾ ڦاٿل علائقن ۾ پوليو وائرس کي ختم ڪيو وڃي، ته جيئن باقي خطي کي مشڪل کان بچايو وڃي.

هنلدڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 20 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن منجهان 17 اتر وزيرستان ضلعي ۾ هيا جيڪو عدم استحڪام جو شڪار آهي ۽ جنهن جون سرحدون افغانستان سان ملن ٿيون.

ماضيءَ ۾ پاڪستان ڪيترا ئي ڀيرا پوليو کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ويجهو پهتو، ليڪن شدت پسندن غلط بيانيءَ کان ڪم وٺندي اتان جي رهواسين کي ورغلايو ته پوليو جا قطرا انساني نسل جي واڌ روڪڻ جو باعث بنجن ٿا، جنهن ڳالهه جو ڪو سائنسي ثبوت موجود ڪونهي.

شهزاد بيگ سمورن پاڪستاني والدين ۽ صحت جي سار سنڀال ڪندڙ عملي تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي ٻارن کي قطرا پيارڻ جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏين، ان جي برخلاف ته ٻارن کي لڪايو وڃي يا قطرا پيارڻ کان انڪار ڪيو وڃي، کين گهرجي ته ويڪسي نيشن جي مهم کي ڪامياب بنائن.

هن چيو ته اها ڳالهه اهميت جي حامل آهي ته پوليو جو وائرس اڃان به اسان جي اوڙي پاڙي ۾ موجود آهي ۽ جيسيتائين سمورا ٻار ’ويڪسينيٽ’ نه ٿا ٿي وڃن تيسيتائين سڀ ٻار غير محفوظ هوندا.

(هن خبر جو ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG