پاڪستان بين الاقوامي معلومات جي ويب سائيٽ، ’وڪي پيڊيا’ تي عائد پابندي فوري طور تي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير اعظم شهباز شريف اهو فيصلو ٽه رڪني وزارتي ڪاميٽيءَ جي سفارش جي روشنيءَ ۾ ڪيو.
پابندي هٽائڻ جو نوٽيفيڪيشن وزير اعظم جي پرسنل سيڪريٽري توقير شاه جي صحيءَ سان جاري ڪيو ويو آهي.
پابندي هٽائڻ جي سفارش ڪرڻ واريءَ ڪاميٽيءَ قانون ۽ انصاف، معاشي ۽ سياسي ناتن ۽ اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزيرن تي مشتمل هئي.
وزارتي ڪاميٽيءَ پنهنجي اجلاس ۾ معاملي جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ته ’وڪي پيڊيا’ هڪ مفيد معلوماتي ويب سائيٽ آهي جنهن سان شاگرد، محقق ۽ معاشري جا ٻيا طبقا فائدو وٺندا آهن. ڪنهن هڪ اعتراض جوڳي مواد جي ڪري پوري ويب سائيٽ تي پابندي لڳائڻ مناسب ناهي.
ڪاميٽيءَ جي سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته اعتراض واري مواد هٽائڻ جي لاءِ قدم کنئيا وڃن.
وزير اعظم اعتراض جوڳي مواد هٽائڻ جي لاءِ هڪ پنج رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو وفاقي وزير ڪاميٽيءَ جو اڳواڻ هوندو، جڏهن ته قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريات، ڪامرس ۽ ڪميونيڪيشن جا وفاقي وزير ڪاميٽيءَ جا ميمبر هوندا.
ضرورت پوڻ تي ڪنهن ماهر کي به ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
ڪاميٽي هڪ هفتي ۾ پنهنجي رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪندي. ڪاميٽي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارتي (پي ٽي اي) جي ’وڪي پيڊيا’ تائين رسائي مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي.
تجويز ڏني وئي آهي ته ڪاميٽي اهڙا قدم کڻي جن جي مدد سان اعتراض جوڳي مواد تي پابندي ۽ ان تائين رسائيءَ کي روڪي سگهجي. ڪاميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ پاڪستاني ڪلچر جي خلاف مواد تي پابنديءَ جي لاءِ طريقه ڪار به تجويز ڪري.
انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي وزارت ان ڪاميٽيءَ کي دفتر جون خدمتون فراهم ڪندي.
ان کان اڳ پاڪستان ۾ توهين آميز مواد نه هٽائڻ تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) آن لائين انسائيڪلوپيڊيا ’وڪي پيڊيا’ تائين پاڪستان ۾ صارفين جي رسائيءَ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو.
پي ٽي اي ’وڪي پيڊيا’ کي 48 ڪلاڪن جي اندر آخري نوٽيس جاري ڪيو هو. ليڪن، ان دوران سماعت جو موقعو ڏيڻ جي باوجود نه وڪي پيڊيا ۽ نه ئي توهين آميز مواد هٽائڻ جي تعميل ٿي، ۽ نه ئي وري اٿارٽيءَ جي سامهون ان جا عهديدار پيش ٿيا.
مبصرن چيو آهي ته توهين آميز مواد پاڪستان ۾ هڪ حساس معاملو آهي، ليڪن دنيا ۾ لکين پليٽ فارمز تي اهڙو مواد موجود آهي. اها صارف جي پنهنجي مرضي آهي ته هو ڪهڙو مواد ڏسي يا نه ڏسي. ان مواد کي جواز بڻائي جيڪڏهن پليٽ فارم بند ڪبو ته پوءِ ملڪ ۾ انٽرنيٽ ئي بند ڪرڻي پوندي.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)