رسائی کے لنکس

چين جو دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ اثر و رسوخ پاڪستان تي آهي، رپورٽ


وزير اعظم شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ (فائيل فوٽو)
وزير اعظم شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ (فائيل فوٽو)

دنيا ۾ چين جي وڌندڙ اثر و رسوخ متعلق سامهون ايندڙ هڪ مطالعاتي تحقيق مطابق، پاڪستان دنيا جو اهو ملڪ آهي جتي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ چين جو اثر و رسوخ سڀني کان وڌيڪ آهي.

تائيوان ۾ قائم تحقيقاتي اداري، ’ڊيل ٿنڪ ليبز’ جي پاران تازو جاري ڪيل ’چائنا انڊيڪس’ رپورٽ ۾ دنيا جي 82 ملڪن ۾ چين جي اثر و رسوخ جو جائزو ورتو ويو آهي. ان انڊيڪس مطابق، 82 ملڪن جي 9 شعبن ۾ چين جي اثر و رسوخ جي درجه بندي ڪئي وئي جن ۾ تعليم، معيشت، معاشرتي ناتا، دفاع، ٽيڪنالاجي، سياست ۽ خارجه پاليسي جا معاملا شامل آهن.

ان انڊيڪس جي مطابق، پاڪستان پهرئين نمبر تي جڏهن ته ڪمبوڊيا ٻئي ۽ سنگاپور ٽئين نمبير تي آهن.

چائنا انڊيڪس جي مطابق، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي، پرڏيهي پاليسي ۽ بچاءَ جي شعبن ۾ چين جو اثرو رسوخ سڀني کان وڌيڪ آهي.

اگرچه پاڪستان جو موقف آهي ته اسلام آباد بيجنگ ۽ واشنگٽن سان پنهنجي تعلقات ۾ توازن قائم رکڻ جو خواهش مند آهي، ليڪن تازي عرصي دوران چين پاران پاڪستان تي اثر و رسوخ ۾ نه صرف تيزيءَ سان واڌ آئي آهي بلڪه مختلف شعبن ۾ ٻنهين ملڪن جي ٻه طرفي تعلقات ۾ هڪ نمايان پيش رفت ٿي آهي.

ليڪن تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اها ڪا حيرانيءَ جي ڳالهه ڪانهي ڇو ته پاڪستان دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جنهن جا چين سان ناتا تاريخي طور تي نهايت ئي ويجهڙا ۽ گهرا آهن.

پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي کي ’هر موسم جو دوست’ چورائيندي پنهنجي ناتن کي بي مثال قرار ڏيندا آهن. پاڪستان ۽ چين جا تعلقات خطي ۾ ڀارت جي وڌندڙ اثر و رسوخ جي ڪري نهايت اهميت جا حامل آهن.

ٻئي پاسي چين جا پاڪستان جي دفاعي شعبي ۾ گهرا رابطا قائم آهن. ان کان سواءِ چين پاڪستان اقتصادي راهداريءَ جي سهاري هيٺ توانائي ۽ شاهراهن جي اڏاوت ۾ به چين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

پاڪستان جي گوادر پورٽ جي اڏاوت به چين ڪئي آهي ۽ هاڻي اها بندرگاه اقتصادي راهداري منصوبي جو هڪ اهم حصو آهي.

تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته چين ۽ پاڪستان جا ناتا هاڻي صرف اقتصادي ۽ دفاعي پهلوئن تائين محدود ناهن، بلڪه ٻئي ملڪ عالمي فورمز تي به هڪ ٻئي جي مفادن جي حمايت ڪن ٿا.

چين تي پاڪستان جو انحصار ڇو وڌي رهيو آهي

تازي عرصي دوران پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جي لاءِ هڪ اهڙي وقت ۾ ويجها ٿي رهيا آهن جڏهن خطي ۾ آمريڪا جي ڀارت سان تعلقات ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي۽ ڀارت خطي ۾ آمريڪا جو هڪ نئون اسٽريٽجڪ اتحادي بڻجي اڀريو آهي.

اقصادي ناتن جي تجزيه ڪار، هارون شريف جو خيال آهي ته ماضيءَ ۾ پاڪستان جا آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن سان تعلقات تمام اهم رهيا آهن ۽ جڏهن به پاڪستان کي ڪنهن مالي مدد جي ’بيل آئوٽ پيڪيج’ جي ضرورت پئي آهي ته پاڪستان ’پيرس ڪلب’ سان رابطو ڪندو هيو، ليڪن هاڻي پاڪستان کي نهايت شديد معاشي مشڪل درپيش آهي ته پاڪستان چين ۽ سعودي عرب ڏانهن ڏسي رهيو آهي.

ان ڪري، سندس بقول، جڏهن به ڪو ملڪ ٻئي ملڪ کي اقتصادي ۽ مالياتي مدد فراهم ڪندو آهي ته ان جو اثر و رسوخ وڌڻ قدرتي ڳالهه آهي.

هن چيو ته افغانستان مان غير ملڪي فورسز جي نڪري وڃڻ کان پوءِ آمريڪا جو ڌيان پاڪستان جي طرف گهٽجي رهيو آهي ۽ ان ڪري پاڪستان جو رجحان چين ۽ خطي جي ٻين ملڪن ڏانهن وڌي ويو آهي.

اولهه جا ملڪ پاڪستان کي نظرانداز نه ڪن

ٻئي پاسي بين الاقوامي معاملن جي تجزيه ڪار، هما بقائيءَ جو چوڻ آهي ته چين جو اثر و رسوخ به هر طرف وڌي رهيو آهي، ڇو ته هاڻي چين اقتصادي سان گڏ سياسي اثر و رسوخ ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته جيسيتائين چين ۽ پاڪستان جي تعلقات جو معاملو آهي ته پاڪستان هميشه چين سان تعلقات جي کليءَ طرح ڳالهه ڪندو آهي. چين پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ تعاون ڪندو ٿو اچي جن ۾ دفاعي ۽ اقتصادي تعلقات به شامل آهن.

ليڪن هما بقائيءَ چيو ته چين سان پاڪستان جي گهري قربت جي باوجود پاڪستان بيجنگ ۽ واشنگٽن سان پنهنهي تعلقات ۾ توازن چاهي ٿو. اگرچه پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات کي هڪ نئين جهت تي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ليڪن هما بقائي جو چوڻ آهي ته ان جي باوجود پاڪستان چين سان پنهنجا تعلقات محدود ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

(محمد جليل اختر جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG