رسائی کے لنکس

’دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ خيبرپختونخوا کي ڏنل 417 ارب روپيا ڪاڏي ويا؟’


وزير اعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي. (فائيل فوٽو)
وزير اعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي. (فائيل فوٽو)

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته پوين 13 سالن جي دوران خيبرپختونخوا کي دهشت گرديءَ جي انسداد جي مد ۾ 417 ارب روپيا ڏنا ويا. اهي ڪاڏي ويا؟ هن چيو ته ساليانو 40 ارب روپيا دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ تي لڳايا وڃن ها ته ان آزار تي قابو پائي سگهجي ها.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا جي رپورٽ مطابق اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي، شهباز شريف چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 417 ارب روپيا ادا ڪيا ويا آهن. دهشت گرديءَ جي انسداد جي لاءِ اربين روپيا ڏنا ويا، انهن جو حساب ڏنو وڃي ته اهي ڪيڏانهن ويا؟

اجلاس جي آغاز ۾ پاليسي بيان ڏيندي، وزير اعظم چيو ته پشاور ڌماڪو افسوس ناڪ آهي. تاريخ خيبرپختونخوا جي مائرن، ڀيڻن ۽ نياڻين جي قربانين کي وساري نه سگهندي.

هن چيو ته ڏهه سال پي ٽي آئي جي حڪومت هئي. الله ڄاڻي 417 ارب روپيا ڪاڏي هليا ويا؟ مان بهتان نه ٿو لڳايان. 2010 کان هينئر تائين دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي اها رقم ڏني وئي.

افسوس آهي ته ايڏو وڏو سانحو ٿيو ۽ ان تي سياست ڪئي پئي وڃي، عمران خان

اڳوڻو وزير اعظم ۽ پي ٽي آئي جو چيئرمين، عمران خان (فائيل فوٽو)
اڳوڻو وزير اعظم ۽ پي ٽي آئي جو چيئرمين، عمران خان (فائيل فوٽو)

تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پشاور جي مسجد ۾ ڌماڪي ۾ ايتريون جانيون ويون، پر ان معاملي تي به سياست ڪئي پئي وڃي.

اربع ڏينهن وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي، عمران خان چيو ته روس جي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سان ملي جن کي مجاهد بڻايو ويو، ’نائن اليون’ کان پوءِ انهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وئي، جنهن جو هر صورت ۾ رد عمل ته اچڻو هيو.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جڏهن قبائلي علائقن ۾ فوج رواني ڪئي وئي ته ان کان پوءِ اتي مسئلا شروع ٿيا.

عمران خان چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا سان سندس اختلاف جو هڪ سبب اڳوڻي آئي ايس آئي جي چيف جنرل (ر) فيض حميد کي تعينات ڪرڻ جو معاملو به هيو.

هن چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کان پوءِ کيس لڳي رهيو هو ته ايندڙ سرد موسم پاڪستان جي لاءِ سخت هوندي ۽ مان چاهيان پيو ته جنرل فيض پنهنجو ڪم جاري رکي.

XS
SM
MD
LG