رسائی کے لنکس

پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون، سپريم ڪورٽ اربع ڏينهن فيصلو ڏيندي


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڻ مرادو نوٽيس ڪيس ۾سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي تاريخ جي ٻڌڻي پوري ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس چيو آهي ته ان معاملي تي اربع تي فيصلو ٻڌايو ويندو.

ان کان اڳ عدالت سياسي جماعتن کي صلاح مشوري جو حڪم ڏيندي ڌرين جي وڪيلن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي پنهنجي پنهنجي موڪلن کان رائي وٺي اڄ ئي ان متعلق عدالت کي آگاه ڪن.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي اڳواڻيءَ ۾ پنجن ميمبرن جو بينچ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن ۾ دير جي معاملي تي از خود نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهيو آهي.

جسٽس بنديال سياسي جماعتن کي چيو آهي ته وڏن کان پڇا ڪيو ته اهي گڏ وهڻ لاءِ تيار آهن يا نه.

جسٽس منصور علي شاه چيو ته جمهوريت جي اها ضرورت آهي ته گڏ ويهي چونڊن جي تاريخ طئي ڪئي وڃي، جمهوريت ۾ان ڳالهه جي لچڪ هئڻ کپي ۽ ڌريون اها لچڪ ڏيکارن.

هن وڌيڪ چيو ته قانوني ڳالهيون هڪ پاسي رکي ملڪ جو سوچيو، ملڪ کي سامهون رکي سوچبو ته حل نڪري ايندو.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وڪيل فاروق ايچ نائيڪ عدالت جي سماعت سڀاڻي تائين پوئتي ڪرڻ جي گزارش ڪندي چيو ته کيس وزير اعظم، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سان صلاح مشورو ڪرڻو آهي.

فاروق نائيڪ جي درخواست مسترد ڪندي چيف جسٽس چيو ته عدالت اڄ ئي مقدمو نبيرڻ چاهي ٿي ڇو ته عدالت جو سمورو ڪم هن مقدمي جي ڪري رڪيل آهي.

عدالت شام چئين وڳين تائين وقفو ڪندي ڌرين جي وڪيلن کي سياسي اڳواڻن سان صلاح ڪرڻ جو وقت ڏنو.

صوبائي چونڊون 25 اپريل کان اڳ ممڪن ڪونهن’

اٽارني جنرل شهزاد الاهيءَ سماعت جي دوران موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو آهي جنهن جي ذمي داري چونڊون ڪرائڻ آهي، جڏهن ته پنجاب جي گورنر جو موقف آهي ته اليڪشن ڪميشن پاڻ چونڊن جي تاريخ ڏئي، پر اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته اها پنهنجي ليکي تاريخ ڪيئن ڏئي.

اٽارني جنرل چيو ته ’’منهنجي خيال ۾ اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏئي سگهي ٿي’’، جنهن تي جسٽس منيب اختر پڇيو ته اليڪشن ڪميشن کي اعلان ڪرڻو هو ته صدر ۽ گورنر جو ڪردار ڪاڏي ويو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هر صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار اهم آهي.

اٽارجي جنرل چيو ته اليڪشن پروگرام تي عمل ڪيون ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ممڪن ڪونهن ۽ پنجاب ۾ 90 ڏينهن جي مدت 14 اپريل تي مڪمل ٿي رهي آهي.

جسٽس منيب اختر چيو ته نيت هجي ته رستو نڪري ايندو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ تعلق رکندڙ عمل دار چاهن ها ته حل نڪري اچي ها.

جسٽس منيب چيو ته انتخابي مهم جي لاءِ قانون جي مطابق 28 ڏينهن گهربل آهن ۽ 90 ڏينهن جي اندر چونڊن جي لاءِ انتخابي مهم جو وقت گهٽائي سگهجي ٿو. ان تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ٻه يا ٽي ڏينهن اڳي يا پوءِ ٿيڻ تي آرٽيڪل 254 لڳي سگهي ٿو.

سپريم ڪورٽ بار جي صدر تي اٽارني جنرل جو اعتراض مسترد

سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيريءَ پاڻ مرادي نوٽيس ڪيس جي سماعت جي آغاز تي پنهنجا دليل شروع ڪيا ته اٽارني جنرل ان تي اعتراض اٿاريو.

اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته عابد زبيري درخواست ڪندڙ جو وڪيل آهي ان ڪري هو بار جي نمائندگي نه ٿو ڪري سگهي، جنهن تي وڪيل عابد زبيريءَ چيو ته هو ان ڪيس ۾ اسلام آباد هائي ڪورٽ بار جو وڪيل آهي ڪنهن سياسي جماعت جو وڪيل ناهي.

اٽارني جنرل چيو ته عدالت پنهنجي هڪ حڪم ذريعي سپريم ڪورٽ جي صدر جو نالو ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جيڪو عدالت ۾ لکرايو ويندو آهي اهو عدالتي حڪم نامو نه هوندو آهي، بلڪه جڏهن جج صحي ڪن تڏهن اهو حڪم بڻبو آهي. عدالت سپريم ڪورٽ بار ايسو سي ايشن کي اداري جي طور تي ڄاڻي ٿي.

عدالت اٽارني جنرل جو اعتراض مسترد ڪندي عابد زبيريءَ کي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏني.

عابد زبيريءَ دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ماضيءَ ۾ قرار ڏئي چڪي آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ئي ٿيڻيون آهن.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين هيٺ صدر ۽ گورنر فيصلي ۾ ڪابينا جي ’ايڊوائيس’ جا پابند آهن، ڇا اليڪشن جي تاريخ صدر ۽ گورنر پنهنجي ليکي ڏئي سگهن ٿا؟

صدر جي اختيارات جي معاملي تي بحث

پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 9 اپريل ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو معاملو به بحث هيٺ آيو.

جسٽس منصور علي شاه پڇيو ته ڇا صدر ڪابينا جي ’ايڊوائيس’ کان سواءِ ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿو؟

جسٽس مندوخيل چيو ته صدر جا اختيارات آئين ۾ واضح آهن ۽ هو هر ڪم جي لاءِ ’ايڊوائيس’ جو پابند آهي، جنهن تي اسلام آباد هائي ڪورٽ بار جي وڪيل عابد زبيريءَ چيو ته صدر مملڪت سڀني ڪمن ۾ ’ايڊوائيس’ جو پابند ناهي. صدر هر اهو اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو جيڪو قانون ۾ ڏنل آهي.

عابد زبيريءَ چيو ته چونڊن جي تاريخ تي صدر ۽ گورنر رڳو اليڪشن ڪميشن سان صلاح مشوري جو پابند آهي، جنهن تي جسٽس منصور چيو ته صدر بطور ملڪ جي سربراه ’ايڊوائيس’ تي ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو.

ان موقعي تي چيف جسٽس بنديال چيو ته ٻي ڌر کي ٻڌي فيصلو ڪبو آيا صدر کي مشاورت جي ضرورت آهي يا نه.

(عاصم علي رانا جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG