رسائی کے لنکس

آصف زرداريءَ جو عمران خان کي 10 ارب روپيا ڏنڊ جو قانوني نوٽيس


آصف علي زرداري (فائيل فوٽو)
آصف علي زرداري (فائيل فوٽو)

اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي قانوني نوٽيس موڪليو آهي.

آصف علي زرداريءَ عمران خان کي هيءُ نوٽيس سندس تازي بيان تي موڪليو آهي جنهن ۾ هن دعوي ڪئي هئي ته آصف زرداري سندس قتل جي منصوبو بندي ڪئي آهي.

نوٽيس ۾ عمران خان کي 14 ڏينهن اندر معافي گهرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي ۽ ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ شهرت کي نقصان پهچائڻ تي کيس 10 ارب روپين جو ڏنڊ ڀرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي.

يو اي ايءَ جي صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي

متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زين النهيان جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿي ويو آهي. هن کي سومر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.

اسلام آباد ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي علي فرقان جي مطابق اماراتي صدر کي سومر ڏينهن سرڪاري دوري تي پاڪستان اچڻو هو ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي گاديءَ واري هنڌ سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هيا.

عمل دارن چيو آهي ته موسم جي خرابيءَ جي ڪري دورو ملتوي ڪيو ڪيو.

امارتي صدر جي اچڻ کان اڳ پوليس ريڊ زون، اسلام آباد ايڪسپريس سميت شهر جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڪيا هيا، جڏهن ته شهر ۾ عام موڪل جو به اعلان ڪيو ويو هو.

لسٻيلي بس حادثي جو مقدمو درج

بلوچستان جي لسٻيلي ضلعي ۾ ٿيندڙ بس جي حادثي جو مقدمو سومر ڏينهن پوليس جي مدعيت ۾ درج ڪيو ويو.

ٻيلي ٿاڻي ۾ ڪيل مقدمي ۾ ڊرائيور سليم سميت بس مالڪن ظهور ۽ منظور احمد کي نامزد ڪيو ويو آهي.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي مرتضي زهريءَ مطابق، مقدمي ۾ قتل جو اقدام، غفلت، غير ذمي دارانه ڊرائيونگ، جان خطري ۾ وجهڻ جا الزام شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آئي آر مطابق مالڪن تيڪنيڪي خرابيءَ جي باوجود ڊرائيور کي گاڏي رواني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اوور اسپيڊنگ جي ڪري بس کي هلائڻ تي اڳ ۾ ئي پابندي لڳل هئي.

هڪ مسافر پنهنجي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو آهي ته گاڏي کي تڪنيڪي خرابيءَ جي ڪري هر هر جهٽڪا لڳي رهيا هيا، جنهن تي مسافر ڊرائيور کي گاڏي ٺيڪ ڪرائڻ جي لاءِ چئي رهيا هيا.

مسافر ٻڌايو ته ڊرائيور فون تي مالڪن کي آگاه ڪيو، ليڪن مبينه طور تي هنن سفر جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

XS
SM
MD
LG