رسائی کے لنکس

پاڪستان جي آزاديءَ جا 75 سال، آمريڪا سان تعلقات ڪيئن رهيا؟


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

گزريل پنجهتر ورهن کان پاڪستان ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جا اتحادي رهيا آهن ۽ ان عرصي ۾ آمريڪا پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تنازعات ۾ ڪنهن حد تائين ثالث جو ڪردار به ادا ڪيو. پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ گرم جوشيءَ سان شروع ٿيڻ وارن ٻه طرفا تعلقات ۾ ڇڪتاڻ ڪڏهن ۽ ڪيئن پيدا ٿي؟ هن لکت ۾ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جيڪا ارم عباسيءَ جي آهي.

جڏهن 14 آگسٽ 1947 تي پاڪستان وجود ۾ آيو ته آمريڪا انھن ملڪن ۾ شامل ھو جن ھن نئين ملڪ کي فورا تسليم ڪيو ۽ 15 آگسٽ تي ان وقت جي آمريڪي صدر ھيري ٽرومين پاڪستان جي باني، محمد علي جناح کي مبارڪ باد جو پيغام موڪليو.

سرد جنگ ۾ پاڪستان جلد ئي آمريڪي اتحادي بڻجي ويو. سال 1950 جي ڏھاڪي ۾ سيٽو ۽ سينٽواتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت ٻنھين ملڪن جي وچ ۾ بھتر تعلقات جي آغاز جي عڪاسي ڪري ٿي.

آمريڪي صدرن جو پاڪستان جو دورو

ڊسمبر 1959 ۾ يعني پاڪستان قائم ٿيڻ جي ٻارھين سال آئيزن ھاور پھريون آمريڪي صدر ھو جنھن پاڪستان جو دورو ڪيو.

ڊسمبر 1967 ۾ آمريڪي صدر لنڊن جانسن ڪراچيءَ ۾ صدر ايوب خان سان ملڻ لاءِ آيو.

آگسٽ 1969 ۾ صدر رچرڊ نڪسن سرڪاري دوري تي لاھور ۾ صدر يحي خان سان ملاقات ڪئي.

مارچ 2000 ۾ بل ڪلنٽن صدر تارڙ ۽ جنرل پرويز مشرف سان ملڻ وفاقي گاديءَ واري ھنڌ، اسلام آباد آيو.

صدر جارج بش آخري آمريڪي صدر ھو جنھن مارچ 2006 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو.

پاڪ آمريڪا تعلقات ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب ڇا ھيو؟

ان حوالي سان وائس آف آمريڪا سان ڳالھائيندي، سابق سفير، ٽريسا شيفر چيو ته جڏھن 1965 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير جي تنازعي تي لڙائي ٿي ته آمريڪا ٻنھين ملڪن کي فوجي امداد بند ڪري ڇڏي جنھن سان ڀارت کي گھڻو فرق نه پيو، البته پاڪستان جي لاءِ ان جي اھميت وڌيڪ ھئي.

پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهين کي فوجي امداد ڏيندو رهيو. پاڪستان، سري لنڪا ۽ بنگلا ديش ۾ تعينات رهڻ واري سفارت ڪار، ٽريسا شيفر وڌيڪ چيو ته هي اتفاقي ڳالهه نه هئي بلڪه اهو ئي وقت هو جڏهن چين ۽ پاڪستان جا تعلقات قائم ٿيا.

سندس خيال ۾ هي ان ڳالهه جو رد عمل هو ته پاڪستان کي لڳو ته آمريڪا ساڻس سٺو سلوڪ نه ڪيو.

بنگلا ديش قائم ٿيڻ دوران پاڪ آمريڪا تعلقات

مارچ 1971 ۾ اوڀر پاڪستان ملڪ کان الڳ ٿيڻ لڳو جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا.

پاڪستان هڪ ڀيرو وري آمريڪا جي طرف واجهائڻ لڳو. واشنگٽن ڊي سي ۾ امريڪن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، اڪبر ايس احمد کي انهن فسادن دوران پاڪستان حڪومت ڍاڪا ۾ نائب چيف سيڪريٽريءَ جي طور تي تعينات ڪيو هو. وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، پروفيسر اڪبر ايس احمد چيو ته ان زماني ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا سٺا تعلقات هيا، پاڪستان کي اميد هئي ته ڀارت جي خلاف آمريڪا ان کي پنهنجي نيوي يا جنگي جهاز موڪليندو ۽ اها ڳالهه مشهور هئي ته ان زماني ۾ آمريڪي ايئرڪرافٽ ڪيريئر بنگال جي طرف روانو ٿيو، ليڪن اهو اوڏانهن ڪو نه پهتو.

ڊاڪٽر اڪبر ايس احمد وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان پاڪستان جي انتظاميا کي مايوسي ٿي. مارچ 1971 ۾ سياسي بنيادن تي شروع ٿيندڙ فسادن جو خاتمو تڏهن ٿيو جڏهن پاڪستاني فوج کي اوڀر پاڪستان ۾ هٿيار فٽا ڪرڻا پيا ۽ انهيءَ ئي سال ڊسمبر ۾ بنگلا ديش قائم ٿيو.

پاڪستان آمريڪا جو ڀروسي جوڳو اتحادي هو؟

ان حوالي سان ڪيترا ئي ماهر سرد جنگ جي دوران سويت يونين جي خلاف افغانستان ۾ جنگ کي پاڪستان جو پهريون امتحان قرار ڏين ٿا، جڏهن ته پاڪستان جي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته ان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

اڳوڻي سفير، ٽريسا شيفر چيو آهي ته آمريڪي خارجه پاليسيءَ ۾ پاڪستان آمريڪا جي لاءَ ان وقت اهم ٿيو جڏهن اهو سويت يونين جي خلاف اتحادي ٺهيو. سندس چوڻ مطابق، ان جي ڪري ٻنهين ملڪن جي پرڏيهي پاليسي ويجهي ته آئي پر سندن ارادا هڪ جهڙا نه هيا.

هن چيو ته پاڪستان جي صدر ايوب خان خوشيءَ سان سويت يونين جي خلاف معاهدي تي صحي ڪئي ڇو ته هو سمجهي پيو ته ان سان ڀارت جي خلاف آمريڪا پاڪستان جي اتحاديءَ جي طور نروار ٿيندو. ڀارت مخالف اتحاد ته نه بڻجي سگهيو پر ٻنهين طرف اعتماد جي ڪمي به کلي ظاهر ٿي.

وري مئي 2011 ۾ القاعده جي سربراه اسامه بن لادن جي پاڪستان ۾ موجودگي ۽ آمريڪي فورسز جي هٿان مارجي وڃڻ کان پوءِ پاڪستان آمريڪا تعلقات ۾ سرد مهري ايندي وئي.

آمريڪا جي افغانستان ۾ 20 سالن جي جنگ دوران آمريڪا جو هي الزام رهيو ته پاڪستان انتها پسندن جي پٺي ٺپي رهيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد جو موقف هيو ته ان جنگ ۾ هن اتحاديءَ طور سڀ کان گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.

پاڪ آمريڪا تعلقات جو مستقبل؟

ان سلسلي ۾ واشنگٽن ۾ تعينات پاڪستان جي سفير، مسعود خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ان ڳالهه تي ڪاوڙ ڏٺي پئي وڃي ته هن کي هميشه افغانستان جي آئيني ۾ ڏٺو پيو وڃي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي پاڪستاني سفير چيو ته سندس خيال ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات جي پنهنجي به هڪ نوعيت آهي جنهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ان کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. ان کي فروغ ڏنو وڃي. پاڪستان کي صرف افغانستان سان نه بلڪه ڀارت ۽ چين جي آئيني سان به ڏسڻ گهرجي.

پاڪ آمريڪا تعلقات جي مستقبل جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ تعينات آمريڪا جي اڳوڻي سفير، وليم مائلم جو چوڻ آهي ته آمريڪا، افغانستان ۾ پاڪستان پاران ادا ڪيل ڪردار کان گهڻو خوش نه رهيو آهي، ليڪن ٻنهين ملڪن کي سيڪيورٽيءَ کان بالاتر ٿي تجارتي ۽ ترقياتي شعبن ۾ تعلقات وڌائڻ جي ضرورت آهي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته ان حقيقت تي مايوسي ٿئي ٿي ته بظاهر پاڪستان ڪاميابيءَ جي جاءِ تي ناڪاميءَ جي راه تي گامزن آهي ۽ کين ٻڌائڻو پوندو ته جيڪڏهن پاڪستان ان حد تائين ناڪام رياست ٿي ٿو وڃي جنهن منجهان ان ڳالهه جو خطرو پيدا ٿئي ته بنياد پرست سياسي جماعتون ملڪ تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهن ٿيون، ته پوءِ کين ان باري ۾ سوچڻ کپي ته ان جو مطلب ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ اسان جي امن جي لاءِ ڇا ٿيندو. ان لاءِ پاڪستان کي فراموش ڪري ڇڏڻ بتهر خيال نه ٿيندو.

زياده تر ماهرهيٺائينءَ ۽ مٿاهينءَ جي شڪار ٿيندڙ پاڪستان آمريڪا تعلقات کي نه صرف خطي جي لاءِ بلڪه عالمي سلامتيءَ جي لاءِ به اهم قرار ڏين ٿا. ليڪن ماهر هن وقت ٻنهين ملڪن پاران هڪ ٻئي تي انحصار ۾ گهٽتائيءَ جي سبب مستقبل قريب ۾ ٻه طرفا تعلقات گرم جوشيءَ ۾ بدلجڻ جي امڪان کي مشڪل قرار ڏين ٿا.

XS
SM
MD
LG