پاڪستان ۽ آمريڪا جي تجارتي وفدن جي واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ عورتن جي ڪردار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان جي تجارتي وفد وفاقي وزير سيد نويد قمر جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪي تجارتي نمائنده ڪيٿرين تائي سان ملاقات ڪئي.
آمريڪا پاڪستان ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فريم ورڪ (ٽيفا) جو هيءُ اجلاس ستن سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڌرين ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ تجارتي رابطن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي امڪان تي غور ڪيو.
معاشي ترقيءَ ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ تي زور
آمريڪي تجارتي نمائندي ۽ واپار واري پاڪستان وزير مستحڪم معاشي ترقيءَ جي لاءِ عورتن جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ ٻنهين ڌرين عورتن جي ملڪيت واري ڪاروبار جي تربيتي پروگرامن کي سپورٽ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.
سيد نويد قمر چيو ته وزارت تجارت ۽ پاڪستان جي تجارتي ترقيءَ جي اٿارٽي (ٽي ڊو اي پي) ڪاروبار جي خواهش مند عورتن جي حوصله افزائي ڪندي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن سال ٻه تجارتي ميلا منعقد ڪرايا پيا وڃن.
ان سلسلي ۾ يو ايس ايڊ جي اشتراڪ سان دست ڪاريءَ جي سيلز نيٽ ورڪ ’هر هنر’ جو فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو.
ٽيفا جو آخري وزارتي سطح جو اجلاس 2016 ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ان جي ويهن سالن جي سيڙپ جي تاريخ ۾ گزريل سال آمريڪي سيڙپ ڪاريءَ ۾ 50 سيڪڙو واڌ آئي.