رسائی کے لنکس

خواجه آصف جو افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاروائي لاءِ چتاءُ


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجه آصف افغان طالبان کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو پاڪستان مخالف ويڙھاڪن ۽ شدت پسندن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيا ته اسلام آباد پاڻ افغانستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪندو.

وائس آف آمريڪا سان هڪ خاص انٽرويو ۾ خواجه آصف چيو ته فيبروري جي پڇاڙيءَ ۾ ھن پنھنجي افغانستان جي دوري دوران طالبان اڳواڻن کي ياد ڏياريو هو ته ھو سرحد پار سيڪيورٽي بابت پنھنجن واعدن تي عمل ڪن.

بچاءَ واري وزير موجب هن طالبان اڳواڻن کي يقين ڏياريو هو ته جيڪڏهن افغان سرزمين کي دهشتگردن پاران پاڪستان تي حملن جي رٿابندي لاءِ استعمال ٿيڻ کان نه روڪيو ويو ته پوءِ پاڪستان پاڻ ڪارروائي ڪندو.

هن چيو ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ڪنھن وقت اسان کي ڪجهه قدم کڻڻا پوندا، جيڪي يقيناً کڻبا. افغان سرزمين تي جتي به دهشت گرد ۽ سندن ٺڪاڻا ھوندا، اسان کي انهن کي نشانو بڻائڻو پوندو.

خواجه آصف چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن کي ان لاءِ نشانو بڻائڻو پوندو ڇو ته اھا صورتحال گهڻو وقت برداشت نٿا ڪري سگهون.

واضح رهي ته آگسٽ 2021 ۾ افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي حملن ۾ واڌارو ڏٺو ويو آهي.


اسلام آباد ۾ قائم پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز موجب سال 2022 ۾ ملڪ ۾ 262 دهشتگردي وارا حملا ٿيا، جن مان گهٽ ۾ گهٽ 89 ٽي ٽي پي ڪيا.

گذريل نومبر ۾ ٽي ٽي پي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهين ۾ ناڪامي کان پوءِ هڪ طرفي طور جنگ بندي ختم ڪري ڇڏي ھئي. ان جنگ بندي جي خاتمي کان وٺي ملڪ ۾ حملن جو سلسلو شروع ٿيو جنھن ۾ اڪثر ڪري پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويو.

پاڪستان جو الزام آهي ته ٽي ٽي پي اڳواڻ افغانستان مان ڪم ڪري رهيا آهن. ڪجهه سال اڳ سرحدي علائقن ۾ ٿيل فوجي آپريشن هزارين ويڙهاڪن کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ھو.

جڏهن خواجه آصف کان پڇيو ويو ته ڇا هو افغان طالبان جي ان دعويٰ تي يقين رکي ٿو ته ٽي ٽي پي افغان سرزمين تان ڪاروايون نه پئي ڪري؟ ان تي خواجه آصف چيو ته "اها اڄ به ھنن جي سر زمين تان ڪم ڪري رهي آهي".


بچاءَ واري وزير دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي تازي چتاء جو طالبان قيادت ”تمام سٺو جواب ڏنو“. هن چيو ته ھاڻ افغان طالبان پاڻ کي ٽي ٽي پي کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته گذريل سال اپريل ۾ پاڪستان اوڀرندي افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي ھڪ ٺڪاڻي تي حملي جي دعويٰ ڪئي هئي. جڏهن ته ان آپريشن ۾ وڏي انگ ۾ عام شهرين جي مارجڻ تي افغان طالبان پاران سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو.

خواجه آصف چيو ته کيس اميد آهي ته پاڪستان جي سلامتي کي خطرو ان حد تائين نه وڌندو جو اسان کي ڪو اھڙو قدم کڻڻو پوي جيڪو ڪابل ۾ اسان جي پاڙيسرين ۽ ڀائرن کي پسند نه ھجي.


انٽرويو ۾ بچاءَ واري وزير اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي فوجي توڙي انٽيليجنس قيادت تي به تنقيد ڪئي، ۽ چيو ته هُنن ويڙھاڪن سان مزاڪرات جاري رکڻ لاءِ هزارين طالبان ويڙهاڪن ۽ سندن خاندانن کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ انٽيليجنس رپورٽن موجب دهشتگردن کي ٻيهر منظم ٿيڻ جي به اجازت ڏني.

عمران خان وي او اي کي ڏنل ھڪ تازي انٽرويو ۾ پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ھو ته پاڪستان وٽ وڌيڪ آپشن نه ھئا. عمران خان چيو هو ته ڇا اسان ويڙھاڪن کي قطار ۾ بيهاري گوليون هڻي ڇڏيون ها يا اسان کي کين ٻيھر آباد ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ کپندي ھئي؟

پاڪستاني حڪومت ۽ سيڪيورٽي اختياريون الزام لڳائيندا رھيا آهن ته ٽي ٽي پي جا ويڙهاڪ افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جا ڇڏيل هٿيار ۽ سامان استعمال ڪري رهيا آهن.

آمريڪي پرڏيھي کاتي جي صلاحڪار ڊيرڪ چوليٽ فيبروري ۾ وي او اي کي ٻڌايو ھو ته آمريڪي اختيارين وٽ ان دعويٰ جو اڻ ڌريو جائزو يا تصديق ناهي.

خواجه آصف چيو آهي ته ٽي ٽي پي آمريڪي فوجين جا ڇڏيل هٿيار، اسالٽ رائفلز، گولا بارود، نائيٽ ويزن چشما ۽ سنائپر رائفلون استعمال ڪري رهي هئي.

خواجه آصف کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان واشنگٽن کي ڪو ثبوت ڏنو آهي؟ تنهن تي هن سوال ڪيو ته ان سان پاڪستان کي ڪيئن مدد ملندي، واشنگٽن اهي سامان پاڻ پرڏيهي سرزمين تي ڇڏي ويو آهي.

پاڪستان جي معاشي بحران ۽ آئي ايم ايف جي قرض بابت ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ملڪ کي هن وقت سڀ کان وڏو خطرو معاشي بحران جو آهي ۽ فوج، جيڪا وفاقي بجيٽ جو وڏو حصو وٺي ٿي، اھا پنھنجا خرچ گهٽائڻ تي غور ڪري رهي آهي.

جيتوڻيڪ هن اهو نه ٻڌايو ته اخراجات جي اها ڪٽوتي ڪٿي ڪئي ويندي. هن اهو به نه ٻڌايو ته جيڪڏهن پاڪستان ڪو نئون فوجي آپريشن شروع ڪندو ته ان لاءِ خرچ ڪٿان ايندو.

’ايندڙ چونڊون بنا مداخلت جي ٿينديون’

سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ دوران خواجا آصف چيو ته کيس يقين آهي ته فوج سياست کان پري رهڻ جو ھاڻوڪو عزم برقرار رکندي

واضح رهي ته پاڪ فوج جي سياست ۾ مداخلت جي تاريخ رهي آهي ۽ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان الزام لڳايو ھو ته فوج هڪ سال اڳ کيس هٽائڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. جڏهن ته عمران خان جي مخالفن جو الزام آهي ته تحريڪ انصاف فوج جي مدد سان ئي اقتدار ۾ آئي

خواجه آصف چيو ته کيس سئو سيڪڙو پڪ آهي ته ايندڙ چونڊون بنا ڪنهن دخل اندازي جي ٿينديون. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط آهي.

XS
SM
MD
LG