پاڪستان جو بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽيلي جينس (آئي ايس آئي) ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ڪابل ۾ طالبان حڪومت جي سينئر اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي.
وائس آف آمريڪا افغان سروس جي مطابق، پاڪستاني وفد ڪابل ۾ افغانستان جي طالبان حڪومت جي نائب وزير اعظم ملا عبدالغني برادر سان به ملاقات ڪئي.
پرڏيهي ناتن جي پاڪستاني دفتر اربع تي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني وفد ڪابل ۾ طالبان عمل دارن سان ملاقات ۾ سيڪيورٽي ۽ دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهين ملڪن داعش ۽ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي پاران درپيش خطرن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي وزارت مطابق، ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهين ڌرين دهشت گرد تنظيمن جي خطري سان نبرڻ جي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ سان اتفاق ڪيو.
اها ملاقات اهڙي وقت ٿي جڏهن پاڪستان ۾ بندش پيل ٽي ٽي پيءَ جي ڪاروائين ۾ واڌ آئي آهي.
ڪجهه ئي ڏينهن اڳ طورخم جي افغان سرحد تي ٻنهين ملڪن جي فورسز جي وچ ۾ جهڙپن جي ڪري سرحد چئن ڏينهن کان بند آهي.
ٻنهين ملڪن جي ناتن ۾ گزريل مهيني پشاور جي پوليس لائينز مسجد ۾ ٿيڻ واري خودڪش ڌماڪي کان پوءِ ڇڪتاڻ وڌي چڪي آهي.
ان واقعي ۾ پوليس جي عمل دارن سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هيا. واقعي کان پوءِ پاڪستاني وزيرن افغان طالبان جي طرفان پاڪستاني طالبان جي خلاف اثرائتي ڪاروائي نه ڪرڻ تي تنقيد ڪئي هئي.
طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقيءَ پنهنجي ردعمل ۾ چيو هو ته پاڪستان کي دهشت گرديءَ جو الزام افغانستان تي مڙهڻ جي بجاءِ پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو.
ماهرن چيو آهي ته ٽي ٽي پيءَ جي حوالي سان ڪافي عرصي کان وٺي افغان عهديدارن سان مذاڪرات جاري هيا، ليڪن بدقسمتيءَ سان يا ته ان حوالي سان طالبان جي صلاحيت گهٽ آهي يا وري اهي گهربل نوعيت جي ڪاروائي ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن.
’خطي جا ملڪ افغان طالبان کان مايوس آهن’
اسلام آباد ۾ قائم ’انسٽي ٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز’ جي ڊائريڪٽر آمنه خان چيو آهي ته رڳو پاڪستان ئي نه، خطي جا ٻئي ملڪ به افغان طالبان کان مايوس آهن.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته شدت پسند تنظيم، داعش جون افغانستان کان پوءِ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به سرگرميون وڌي رهيون آهن جنهن تي ٻين ملڪن کي به تشويش آهي.
آمنه خان بقول، طالبان جو هيءُ موقف ته ٽي ٽي پي پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، ان سان ٻئي ملڪ دهشت گرديءَ جي معاملي تي اڳتي نه وڌي سگهندا.
هن چيو ته افغان طالبان جي لاءِ به مشڪل ٿيندو ته هو پاڪستاني طالبان تي دٻاءُ وڌائي، ليڪن هو انهن کي اهي ڪاروائيون روڪڻ تي قائل ڪري سگهن ٿا.
’پاڪستاني وفد جي دوري مان گهڻيون اميدون نه لڳائڻ کپن’
افغان ناتن جي ماهر سميع يوسفزئي چيو آهي ته ماضيءَ ۾ آمريڪا به افغان طالبان سان ڳالهه ٻولهه ڪندو رهيو آهي، پر ان جو نتيجو ٻڙيءَ برابر آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن کي نه ٿو لڳي ته افغان طالبان سان پاڪستاني وفد جي ڳالهه ٻولهه جو ڪو خاطرخواه نتيجو نڪري سگهندو.
تازو پاڪستان جي پرڏيهي وزير، بلاول ڀٽي زرداريءَ جرمن نشرياتي اداري، ’ڊي ڊبليو اردو’ کي ڏنل انٽرويو ۾ افغانستان جو نالو وٺڻ بنان چيو ته جيسيتائين پاڙيسري ملڪن ۾ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي نه ٿيندي، پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي خطرا موجود رهندا.
افغانستان جي ’پزواڪ نيوز ايجنسي’ جي سينئر ايڊيٽر، سيد مدثر شاه چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي دهشت گرديءَ جو شڪار آهن. ان ڪري، ٻهنين کي ملي دهشت گرديءَ جي خلاف جنگ وڙهڻي پوندي.
مدثر شاه چيو ته هن وقت افغانستان کي اقتصادي ڏکيائين سان گڏ انساني بحران به آڏو آهي ۽ جيڪڏهن حالت ساڳي ئي رهي ته خطرو ان ڳالهه جو آهي ته امن و امان جي صورت حال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي.