رسائی کے لنکس

مريم جي معذرت، فوج جو چتاءُ


(فائيل فوٽو)
(فائيل فوٽو)

اهڙي وقت جڏهن ڪينيا جي پوليس جي هٿان مارجي ويل پاڪستاني صحافي ارشد شريف جو ميت اسلام آباد پهچي چڪو آهي، مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ارشد شريف جي موت جي متعلق پنهنجو اهو ٽوئيٽ هٽائي ڇڏيو آهي جنهن تي کيس سوشل ميڊيا تي شديد تنقيد آڏو آئي هئي. ٻئي پاسي، پاڪستان جي فوج جي ترجمان هڪ ٽوئيٽ جي ذريعي چتاءُ ڏنو آهي ته غلط افواهون ڦهلائڻ وارن جي خلاف ڪاروائي ٿيندي.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي، اسد حسن پنهنجيءَ تحرير ۾ چيو آهي ته ارشد شريف آچر جي رات نيروبيءَ جي ويجهو مقامي پوليس جي فائرنگ جي ڪري هلاڪ ٿي ويو هو ۽ پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته اهي هڪ مشتبه ڪار جي تلاش ۾ هيا ۽ سڃاڻپ جي غلطيءَ جي ڪري ارشد شريف مارجي ويو.

معروف اينڪر جي موت تي مريم نواز ٽوئٽر جي هڪ صارف جي حساسيت کان عاري هڪ اهڙي پوسٽ ري ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن ۾ صارف ارشد شريف جي تابوت جي تصوير لڳائي لکيو هو ته هي اهو شخص آهي جنهن چيو هو ته نواز شريف پنهنجي مرحومه ماءُ کي پارسل ڪيو ۽ ڏسو هاڻي هي وقت خود ان اينڪر تي به اچي ويو آهي.

مريم نواز ان پوسٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته کيس ري ٽوئيٽ ڪندي سٺو نه پيو لڳي، ليڪن هي ساري انسانيت جي لاءِ هڪ پيغام آهي ته اسان سڀني کي فنا ٿيڻو آهي.

هن ٽوئيٽ ۾ مريم نواز نه صرف ارشد شريف جي بيوه جويريه صديق ۽ مريم نواز جي سياسي مخالفن هن کي تنقيد جو نشانو بنايو بلڪه ڪيترن سينئر صحافين به هن ٽوئيٽ تي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.

سينئر صحافي مجيب الرحمان شامي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مريم نواز کان مطالبو ڪيو هو ته هوءَ ان ٽوئيٽ تي معافي گهري.

معروف اينڪر شاه زيب خانزاده به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مريم نواز جي ٽوئيٽ انتهائي قابل مذمت آهي ۽ شرمناڪ عمل آهي.

ارشد شريف جي بيوه جويريه صديق جواب ۾ ٽوئيٽ ڪيو ته ’’مريم شرم ڪر ۽ الله کان ڊڄ’’.

هن پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ پنهنجي ۽ ارشد شريف جي اهڙن ڪيترن ئي ٽوئيٽس جا اميجز پوسٽ ڪيا جن ۾ ٻنهين مريم نواز جي والده ڪلثوم نواز جي بيماريءَ جي ڏينهن دوران نيڪ خواهشات ۽ سندس انتقال تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ سندس خدمتن تي ان کي عقيدت جو خراج پيش ڪيو هو.

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر اهڙي شديد رد عمل کان پوءِ اهو چوندي ٽوئيٽ هٽائي ڇڏي ته سندس ٽوئيٽ جو مقصد ڪنهن جو مذاق اڏائڻ نه بلڪه ماضيءَ کان سبق سکڻ متعلق هو.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته مان هي ٽوئيٽ هٽائي رهي آهيان ۽ اگر ان جي ڪري غمزده خاندان کي ڪا تڪليف پهتي آهي ته انهن کان معافي گهران ٿي. منهنجو انهن کي تڪليف پهچائڻ جو ڪو ارادو نه هيو. خدا ڪري ڪڏهن به ڪو به ان تڪليف مان نه گزري. غمزده خاندان جي لاءِ دعائون.

ٻئي طرف مقتول صحافيءَ جو ميت پاڪستان پهچي چڪو آهي ۽ ٽيليويزن جي اسڪرينن تي نظر اچڻ واري منظر مطابق ماڻهن جو وڏو تعداد اسلام آباد ايئرپورٽ ۽ قائد اعظم يونيورسٽي هاسٽل جي سامهون موجود هيا۽ هو ان جي ميت کي کڻي وڃڻ واري ايمبولنس تي گل نشاور ڪري رهيا هيا ۽ ڪيترين ئي جاين تي ان جي حق ۾ نعري بازي به ڪئي وئي. هو نعرا لڳائي رهيا هيا ته، ’ارشد شريف تنهنجي رت سان انقلاب ايندو’’.

اهڙي وقت جڏهن سوشل ميڊيا تي ارشد شريف جي هلاڪت جي پويان سوال اٿاريا پيا وڃن ته ان جي موت جي تحقيقات جي شروعات ڪينيا مان نه پاڪستان مان ڪئي وڃي ۽ حڪومت ۽ فوج تي ڍڪيل ۽ لڪل نموني تنقيد ٿي رهي آهي. فوج جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته غلط افواهون ڦهلائڻ وارن ۽ منفي پروپيگنڊا ڪرڻ وارن جي خلاف ڪاروائي ٿيندي.

ڊائريڪٽر جنرل آئي ايس پي آر، ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار پاڪستان جي ميڊيا سان گفتگو ڪندي ارشد شريف جي موت کي افسوس ناڪ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته ان پس منظر ۾ من گهڙت ڪهاڻيون ٺاهي اداري کي بدنام ڪرڻ وارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

ارشد شريف عمران خان حڪومت جو حامي ۽ موجوده حڪومت جو سخت ناقد هو. عمران حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ان جي خلاف ملڪ جي ڪيترن ئي ٿاڻن ۾ غداريءَ جا مقدما دائر ڪيا ويا. ان دوران هو حڪومت ۽ پاڪستان جي فوج، خفيه اداري ۽ فوج جي سربراه جي خلاف کلي نموني پروگرام ڪندو هو. ان جي ڪري، ’اي آر وائي’ چينل سان سندس وابستگي ختم ٿي ۽ تحريڪ انصاف جي سربراه، عمران خان جي بقول، کيس اطلاع مليو هو ته ارشد شريف جي زندگيءَ کي خطرو آهي ۽ هن اها ڳالهه ارشد شريف کي ٻڌائي هئي. انهن حالتن ۾ارشد شريف ملڪ مان ٻاهر هليو ويو هو ۽ اطلاعن مطابق پهرين دبئيءَ ويو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لنڊن هليو ويو، جتان هو ڪينيا پهتو.

ارشد شريف پاڪستان مان وڃڻ کان پوءِ به اتحادي حڪومت ۽ ملٽري اسٽيبلشمنٽ تي تنقيد جاري رکي ۽ پنهنجي زندگي جي پڄاڻيءَ کان ٻه ڏينهن اڳ هن پنهنجي ٽوئٽر هينڊل تي سوال اٿاريو ته پاڪستان جي فوج جي سربراه کي به ٻاهرين دنيا مان تحفا ملندا آهن، ڇا تن جو ڪو رڪارڊ آهي ته اهي تحفا توشا خاني ۾ جمع ڪرايا ويا هوندا؟

مقتول صحافيءَ اسلام آباد مان تحريڪ انصاف جي قومي اسمبليءَ جي هڪ ميمبر، صالح محمد جي پوليس جي هٿان زوريءَ گهلي وٺي وڃڻ تي وائس آف آمريڪا اردو جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ شخص پوليس واري کان آهستگيءَ سان پڇي رهيو آهي ته صالح محمد ڪاٿي بيٺو آهي. ارشد شريف ان وڊيو کي اهو چوندي شيئر ڪيو ته ’ڪيمرا جي اک سڀ ڪجهه ڏسي ٿي وٺي’.

پاڪستان جي هڪ معروف صحافي حامد مير، جيڪو پاڻ به ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ نامعلوم ماڻهن جي هٿان قاتلانه حملي ۾ مرندي بچيو هو ۽ هن جي پيٽ ۾ گوليون لڳيون هيون، ارشد شريف جي ماءَ سان ملاقات کان پوءِ ٽي وي پروگرام ۾ مرحوم جي والده جي طرفان وزير داخله رانا ثنا الله کان سوال پڇيو ته اهي ڪهڙا سبب هيا جنهن جي ڪري ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻو پيو؟

پاڪستان جي وزير اعظم، شهباز شريف ۽ پاڪستان جي فوج، ٻنهين ادارن جي طرفان ارشد شريف جي موت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اعلي سطحي تحقيقات ڪرائي وڃي.

ارشد شريف آچر جي رات نيروبيءَ جي مضافاتي علائقي ۾ مقامي پوليس جي فائرنگ ۾ هلاڪ ٿيو ۽ پوليس موقف اختيار ڪيو هو ته هو هڪ مشتبه ڪار جي تلاش ۾ هيا ۽ سڃاڻپ ۾ غلطيءَ جي ڪري ارشد شريف فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو، ڇو ته ان جي ڪار رڪاوٽن تي بيهڻ جي بجائي اڳتي هلي وئي هئي.

نيروبيءَ ۾ وائس آف آمريڪا جي نامه نگار، محمد يوسف ڪينيا جي سيڪيورٽيءَ جي هڪ تجزيه ڪار، جارج مسامالي کان ان قتل ۽ قتل جي واردات متعلق پڇيو. جارج مسامالي چيو ته جيڪڏهن مقتول پاڪستاني صحافيءَ جي شخصيت ۽ ان جي حالت تي نظر وڌي وڃي، جن ۾ هو ڪينيا پهتو هو ته جوابن کان وڌيڪ سوال کڙا ٿيندا.

هن ٻڌايو ته هو ان کي غلط سڃاڻپ کان وڌيڪ معاملو خيال ڪري ٿو. ۽ مسئلي جو بهترين حل اهو آهي ته حڪومت تحقيقات ڪرائي يا عدالتي تحقيقات ڪرائي جتي عدليه جا اهل ڪار ماڻهن کا پڇا ڳاڇا ڪن. اهڙيءَ ريت انهن ڪهاڻين ۾ موجود مونجهه اسان جي سامهون اچي ويندي جيڪي ڪهاڻيون اسان کي ٻڌايون پيون وڃن. ليڪن ان کي پوليس جي تحقيقات تي ڇڏيو ويو ته پوءِ انهن سوالن جو جواب ڪڏهن به نه ملي سگهندو جيڪي سوال هن وقت اٿاريا پيا وڃن.

XS
SM
MD
LG