پاڪستان ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ لڳايل ’ڪيپ’ ختم ڪرڻ کان پوءِ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو آهي. رڳو ٻه ڏينهن اڳ ڊالر جي قيمت ۾ 33 روپين جي واڌ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.
خميص ڏينهن لڳ ڀڳ 10 في صد جي تاريخي ڪميءَ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ وڌيڪ ٽي في صد ڪمي ڏٺي وئي. جمعي ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻيءَ تي انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپيو 262 روپين ۽ 60 پيسن تي بند ٿيو، جيڪو رڳو ٻه ڏينهن اڳ 231 روپين جي سطح تي هيو.
مارڪيٽ جا تجزيه ڪار اڳئين ڪاروباري هفتي دوران روپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائيءَ جو خطرو ظاهر ڪري رهيا آهن. اها ڪرنسي ايڊجسٽمينٽ اهڙي وقت ٿي رهي آهي جڏهن پاڪستان جي ٻاهرين ناڻي جا ذخيرا هڪ هفتي ۾ 92 ڪروڙ ڊالرن جي وڏيءَ گهٽتائيءَ کان پوءِ هاڻي چار ارب ڊالرن کان به هيٺ ٿي چڪا آهن.
ويهين جنوريءَ تي ختم ٿيڻ واري هفتي ۾ ملڪ وٽ ڪل ٻاهريون ناڻو نو ارب 45 ڪروڙ ڊالر رهجي ويو هو، جنهن منجهان بينڪ آف پاڪستان وٽ غير ملڪي ذخيرا صرف ٽي ارب 67 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا آهن. مرڪزي بينڪ ٻڌايو آهي ته ٻاهرين قرضن جي ادائگيءَ جي ڪري هڪ هفتي ۾ ناڻي جي ذخيرن ۾ 92 ڪروڙ ڊالرن جي ڪمي آئي آهي.
اهڙي تمام ڏکي صورت حال ۾ پاڪستان حڪومت آئي ايم ايف سان پٺتي پيل بيل آئوٽ پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ آئي ايم ايف پاران لڳايل شرط پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو پر اميد آهي ته فيبروريءَ جي شروع ۾ آئي ايم ايف سان معاهدو طئي ٿي ويندو ۽ پاڪستان موجوده معاشي مشڪل مان ٻاهر نڪرندو، جنهن کان پوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان جو ساٿ ڏيندا.
ٻئي طرف، خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هن وقت معاشي واڌ کي واپس آڻڻ ڏکيو ڪم آهي. هن ملڪ جي معاشي بدحاليءَ جو ذمي دار پي ٽي آئي جي اڳوڻيءَ حڪومت جي پاران کنئيل قدمن کي قرار ڏنو آهي.
آئي ايم ايف ڪرنسي مارڪيٽ کي آزاد ۽ گردشي قرض ختم ڪرڻ گهري ٿو
معاشي ماهرن چيو آهي ته فنڊ جو پروگرام بحال ڪرڻ جي لاءِ، آئي ايم ايف جي پاران ڪيترن ئي شرطن منجهان پهريون شرط ڪرنسي مارڪيٽ کي ’فلوٽنگ ريٽ’ تي رکڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني عهديدارن جي درخواست تي فنڊ جو مشن 31 جنوريءَ کان 9 فيبروريءَ تائين اسلام آباد جو دورو ڪرڻ وارو آهي.
ماهرن مطابق، آئي ايم ايف سان ست ارب ڊالر قرض جي پروگرام جي نوين جائزي جي اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته مشن جو ڌيان حڪومت جي ملڪي ۽ ٻاهرئين استحڪام کي بحال ڪرڻ جي پاليسين تي لڳل رهندو.
(محمد ثاقب جي رپورٽ)