ميوو ڏسندي آهيان ته چوندي آهيان، ڇڏي ڏي. ان جي جاءِ تي سبزي خريد ڪريان ته گهر جو کاڌو ته پورو ٿئي. مهانگائيءَ ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو ٻين ضرورتن کي ڇڏي صرف گهر جي کاڌي پيتي جون شيون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان.
اهي لفظ آهن راولپنڊيءَ جي هڪ وڏيءَ عمر جي جهان آرا جا، جيڪا پنهنجي ٽن پٽن سان گڏ هڪ ئي گهر ۾ رهندي آهي.
سندس چوڻ موجب منهنجا ٽي پٽ ڪمائيندا آهن ۽ اسان هڪ ئي گهر ۾ رهندا آهيون ته اسان جو گزر سفر ڪنهن نه ڪنهن نموني ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اسان جدا رهئون ها ته گهر جو نظام هلائڻ ممڪن ڪونه هو. ٻارن جي اسڪول جي گاڏيءَ جو ڪرايو، اسڪول ۽ قرآن پڙهائڻ واري قاريءَ جي فيس ۾ واڌ اچي وئي آهي. ٽماٽا اڄ 140 روپيا ۽ بصر 100 روپئي ڪلو ملي رهيا آهن.
هن چيو ته مهانگائي ايترو وڌي وئي آهي جو جيترو ڪمايون ٿا اهو سمورو سيڌي ۽ سودي سلف تي ئي خرچ ٿي ويندو آهي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي، فرقان علي پنهنجيءَ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ پوئين مهينن دوران کاڌ پيت جي شين جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. انگ اکر جمع ڪرڻ واري اداري، شماريات مطابق گزريل سال جي مقابلي ۾ مهانگائي جي شرح 24.9 في صد تائين وڌي چڪي آهي. مهانگائيءَ ۾ واڌارو گزريل چوڏهن سالن دوران سڀ کان وڌيڪ آيو آهي.
مهانگائيءَ جي لهر ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ سڀ کان گهڻي واڌ آئي آهي. هلندڙ سال جون جي مقابلي ۾ جولائيءَ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4.35 في صد اضافو آيو آهي.
مبصرين مطابق، معاشي طور تي مشڪلات جي شڪار حڪومت مهانگائيءَ جي لهر کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام نظر ايندي آهي. ان جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سربراهيءَ ۾ قائم مخلوط حڪومت جي اچڻ کان پوءِ مهانگائي جي شرح ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.
اپريل ۾ مهانگائي جي شرح 13.37 في صد رڪارڊ ڪئي وئي هئي جيڪا مئي ۾ 13.76 في صد تائين وڌي، جڏهن ته جون ۾ اها 21.32 في صد تي پهچي چڪي آهي.
معاشي ماهرانهن خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن ته مهانگائي ۾ واڌ جو هي رجحان ايندڙ مهينن ۾ به برقرار رهندو، جنهن جي ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏ ڊالر جي قدر ۾ اضافو به ٿيندو. پاڪستان توانائي ۽ غذائي ضرورتن جي لاءِ درآمد تي انحصار ڪندو آهي، جيڪا ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ڪري ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي.
وزارت خزانه پاران دستياب ڪيل انگن اکرن مطابق، گزريل مهيني مختلف شين جون قيمتون وڌيون آهن، سبزيون 25 في صد، چڻن جي دال ۽ بصر 14 في صد، ڪڻڪ 10 في صد، چانهن نو في صد، بيضا اٺ في صد ۽ ڪاڌي پيتي جو تيل اٺ في صد مهانگو ٿي چڪو آهي.
ٻئي پاسي، بجليءَ جي في يونٽ قيمت ۾ 39 في صد ۽ تيل جي مصنوعات ۾ ست في صد واڌ اچي چڪي آهي.
جيڪڏهن گزريل سال سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته بصرن جي قيمت 89 في صد وڌي آهي، کاڌي پچائڻ جي تيل جي قيمت 73 في صد، داليون 67 في صد، ڪڪڙ جي گوشت قيمت ۾ 59 في صد، ڪڻڪ جي قيمت ۾ 45 في صد ۽ کير جي قيمت ۾ 24 في صد واڌ اچي چڪي آهي. اهڙيءَ طرح پيٽرول جي مصنوعات جي قيمتن ۾ 94 في صد ۽ بجليءَ جي قيمت ۾ 86 في صد اضافو آيو آهي.
صارفين جي حقن جي تنظيم جي صدر، محسن ڀٽيءَ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جا سرڪاري انگ اکر زميني حقائق سان مطابقت نه ٿا رکن. جيڪڏهن مارڪيٽ جو جائزو ورتو وڃي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ 40 في صد تائين واڌ اچي چڪي آهي.
هنن ٻڌايو ته ڪمائيءَ ۾ واڌ نه هئڻ جي برابر آهي جڏهن ته مهانگائيءَ جي بيزار ڪندڙ اضافي کاڌي پيتي جي شين کي به عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته آچر ڏينهن حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو ڪيو آهي، ان جي ڪري کاڌ پيت جي شين جي قيمتن تي واڌ جا اثر مرتب ٿيندا، ڇو ته ملڪ ۾ زياده تر مال برداري ڊيزل ذريعي ئي ٿيندي آهي.
محسن ڀٽيءَ بقول، عالمي افراط زر کان سواءِ قيمتن ۾ واڌ جو هڪ سبب حڪومت جي عمل داريءَ جو نه هئڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ آهي ۽ ملڪ ۾ کاڌي پيتي جون 90 في صد شيون مقامي طور تي پيدا ٿينديون آهن جن جي قيمتن تي ڊالر جو اثر نه ٿو پوي. ليڪن حڪومت جي عمل داري نه هئڻ سبب مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ به واڌ ڏٺي وئي آهي، جيئن درآمدي شين ۾ اضافو ٿيو آهي.
هن چيو ته حڪومت مهانگائيءَ تي قابو پائڻ لاءِ بيان ته ڏيندي آهي پر ان لاءِ ڪو عملي قدم يا نظام ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
معاشي مشڪلات جي شڪار پاڪستان ۾ زرمبادله جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، جنهن تي قابو پائڻ لاءِ حڪومت قدم کنيا آهن ۽ آچر جي رات وزارت خزانه اعلان ڪيو ته جولائي جي مهيني ۾ ملڪي درآمدات ۾ ٽيون حصو گهٽتائي آئي آهي.
گزريل مهيني پاڪستان آئي ايم ايف سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو جنهن سان حڪومت کي اميد آهي ته ٻي ٻاهرين مالي مدد جون راهون پڻ کلي سگهنديون.