رسائی کے لنکس

عمران خان جي گفتگو، تقرير نشرڪرڻ تي پابندي، پي ٽي آئي جو عدالت وڃڻ جو اعلان


پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي عمارت (فائيل فوٽو)
پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي عمارت (فائيل فوٽو)

ٽيليويزن چينيلز کي ريگوليٽ ڪرڻ واري اداري، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جون تقريرون، گفتگو ۽ بيان نشر ڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

آچر جي ڏينهن پيمرا جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها پابندي پيمرا آرڊينينس جي شق 27 هيٺ لڳائي وئي آهي. ان پابنديءَ هيٺ پاڪستان ۾ ٽيليويزن چينيلز عمران خان جو بيان، گفتگو يا خطاب سڌو سنئون يا رڪارڊ نشر نه ڪري سگهندا.

پيمرا ملڪ جي سمورن سيٽلائيٽ چينيلز کي ان حڪم تي عمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

اڳوڻي وزير اعظم متعلق پيمرا جي دعوا آهي ته عمران خان ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي ان ڪري ان تي پابندي لڳائي وئي آهي.

واضح رهي ته عمران خان پوئين سال حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ چوٽيءَ جي شخصيات تي مختلف قسم جا الزام لڳائيندو رهيو آهي.

عمران خان تي لڳايل پابنديءَ متعلق پي ٽي آئي جي اڳواڻ فواد چوڌريءَ چيو آهي ته حڪومت مڪمل طور تي گهٻرائجي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جي آواز کي دٻائڻ جي هڪ ٻي ڌڪاريل ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عمران خان جون تقريرون ۽ بيان ٽيليويزن تي نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي آهي.

هن اعلان ڪيو ته تحريڪ انصاف هن حڪم کي عدالت ۾ چيلينج ڪندي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعوان چيو آهي ته عمران خان اليڪشن مهم جو آغاز ڪيو ته حڪومت پيمرا جي ذريعي سندس تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

سماجي ميڊيا تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو آئين سان مذاق ڪرڻ جي برابر آهي، جڏهن ته اها عدالتي حڪم جي به خلاف ورزي آهي.

ڀوڳ جهڙن مقدمن ۾ سڏايو پيو وڃي، توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي سڌي سنئين ڏيکاري وڃي، عمران خان جو مطالبو

عمران خان (فائيل فوٽو)
عمران خان (فائيل فوٽو)

پي ٽي آئي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته کيس ’’هڪ مزاحيه ڪيس ۾’’ سڏايو پيو وڃي، ان ڪري توشا خانه ڪيس کي ٽيليويزن تي لائيو ڏيکاريو وڃي.

آچر ڏينهن لاهور جي زمان پارڪ ۾ پارٽيءَ جي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نه ڪنهن انسان يا اداري جي سامهون جهڪيو آهيان ۽ نه ڪڏهن پنهنجي حامين کي جهڪڻ ڏيندم.

ان کان اڳ، اسلام آباد پوليس جي ٽيم زمان پارڪ ۾ سندس رهائش گاه پهتي هئي، جيڪا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ توشا خانه ڪيس ۾ گرفتاريءَ جي ناقابل ضمانت وارنٽ ۽ ستين مارچ تي عدالت ۾ پيشيءَ جي دستاويزن تي صحي وٺڻ کان پوءِ واپس وئي هئي.

پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هن ڪارڪنن کي ’جيل ڀريو تحريڪ’ ۾ ڀرپور حصي وٺڻ تي حوصلي افزائيءَ ۽ شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ سڏايو هو.

حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ’’ملڪ کي جنهن پاسي وٺي ويا آهن ان جو مقابلو قوم ئي ڪري سگهي ٿي، ميڙ نه ٿو ڪري سگهي’’.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ’’کيس عوام جي جذبي ۽ جنون جو اندازو آهي، غلام قوم ڪو وڏو ڪم نه ٿي ڪري سگهي، آزاد قوم مٿي وڃي سگهي ٿي’’.

ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو آهي ته اسان هن وقت حقيقي آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون.

حڪومت ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته اها فقيرن وانگر پيسا گهري رهي آهي ليڪن ان کي ڪو به خيرات نه ٿو ڏئي.

عمران خان جي لفظن ۾’جيل ڀريو تحريڪ’ جو مقصد ماڻهن جو ڊڄ لاهڻ هيو ۽ جيئن جيئن تحريڪ اڳتي وڌي، وڌيڪ ماڻهو ٻاهر نڪرڻ شروع ٿي ويا.

فوج جي اڳوڻي سربراه، جنرل قمر جاويد باجوا ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته هن سازش جي ڪري ملڪ جي ڏوهارين کي مٿي وهاريو ويو آهي.

پنهنجي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان هن چيو ته کيس رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان ڪري عدالتن ۾ پيشيءَ تي ڪا سيڪيورٽي نه هوندي آهي.

XS
SM
MD
LG