پاڪستان جو اڳوڻو صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف ڊگهي عرصي تائين بيمار رهڻ کان پوءِ، 79 سالن جي عمر ۾ ُ دبئيءَ ۾ گزاري ويو. پاڪستان فوج سندس وفات جي تصديق ڪندي آفيسرن ۽ جوانن جي طرفان اڳوڻي ڪمانڊر جي وفات تي افسوسس جو اظهار ڪيو آهي.
سندس سياسي جماعت ’آل پاڪستان مسلم ليگ’ جي سيڪريٽري اطلاعات عرفان ميمڻ به سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي.
پرويز مشرف ڪافي عرصي کان وٺي بيمار هو ۽ ٻڌايو ٿو وڃي ته هو دبئيءَ جي آمريڪي اسپتال ۾ زير علاج هو.
اڳوڻي آرمي چيف جي مڙهه کي پاڪستان آڻڻ جي سلسلي ۾ اڃان تائين ڪو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ چيو ٿو وڃي ته ان باري ۾ مرحوم جو خاندان اڃان سوچي رهيو آهي.
پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943 ۾ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ڪراچيءَ جي سينٽ پيٽرڪ هائي اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ ايف سي ڪاليج لاهور مان پڙهيو ۽ 1961 ۾ پاڪستان فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هن بعد ۾ اسپيشل سروسز گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن 1965 ۽ 1971 جي جنگين ۾ به حصو ورتو.
پرويز مشرف 7 آڪٽوبر 1998 تي چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي تي فائز ٿيو.
ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف سان اختلاف کان پوءِ 12 آڪٽوبر 1999 تي هن نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري صدر جو عهدو سنڀاليو.
پرويز مشرف 1999 ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي چيف اگزيڪٽو جو عهدو سنڀاليو ۽ وري 2001 کان 2008 تائين پاڪستان جي صدر جي عهدي تي ويٺو. بعد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هن جي خلاف مواخذي جي تحريڪ آڻڻ جو اعلان ڪيو ته هو پنهنجي عهدي تان هٽي ويو.
اڳوڻي صدر جي خلاف آئين ٽوڙڻ جو مقدمو به هليو جنهن ۾ کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي، ليڪن هو ٻيهر عدالت جي سامهون پيش نه ٿيو.
پرويز مشرف تي اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو جي قتل جو الزام به لڳايو ويو هو.
هن جي انتقال تي سندس اڳوڻن ساٿين، سياست دانن ۽ فوجي آفيسرن جي پاران افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌريءَ چيو آهي ته پرويز مشرف وڏو انسان هو. سندس دوست ننڍا ثابت ٿيا.
پنهنجيءَ ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌريءَ چيو ته ’پاڪستان فرسٽ’ هميشه سندس سوچ ۽ نظريو هو.
پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ چيو ته اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي گزاري وڃڻ تي تمام گهڻو صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي.
پرويز الاهيءَ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو بيگم صحبا مشرف، پٽ بلال مشرف ۽ ڌيءُ عائله مشرف جي غم ۾ شريڪ آهي. پاڪستان آرمي ۽ ملڪ جي لاءِ سندس خدمتون فراموش نه ڪيون وينديون.
ڀارتي سياست دان ششي ٿرور چيو آهي ته ڪڏهن ڀارت جي پراڻو دشمن سمجهيو ويندڙ مشرف سنه 2002 ۽ 2007 دوران ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ امن جي اصل طاقت بڻجي ويو هو.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)