رسائی کے لنکس

ڪراچي: پرويز مشرف جي تدفين، سياسي ۽ فوجي شخصيتن جي شرڪت


مرحوم جي نماز جنازه ادا ڪئي پئي وڃي. 7 فيبروري 2023.
مرحوم جي نماز جنازه ادا ڪئي پئي وڃي. 7 فيبروري 2023.

پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف کي ڪراچيءَ جي فوجي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڳوڻي فوجي آمر جي جنازي نماز ۾ حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن سيمت سياسي شخصيتن به شرڪت ڪئي.

ملير ڪينٽ ۾ نماز جنازه جي ادائگيءَ کان پوءِ هن کي ڪراچي ڪينٽونمنٽ بورڊ جي فوجي قبرستان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.

سندس مڙهه کي ڏسي مون کي سندس اها تقرير ياد اچي وئي جيڪا هن پنهنجي اقتدار جي دور ۾ مزار قائد سان لاڳاپيل پارڪ جي افتتاح تي ڪئي هئي. تقري جي دوران ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ ٻه هو ڪيترا ئي ڀيرا ڪراچيءَ سان پنهنجي تعلق تي فخر ڪندو هو.

مبصرن مطابق، ڪراچيءَ جي بلدياتي حڪومت چاهي اها نعمت الله خان جي هجي يا مصطفيٰ ڪمال جي، پرويز مشرف جي مڪاني حڪومتن جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ انهن کي وفاق کان هر ممڪن مالي امداد پيش ڪئي. اهو ئي سبب آهي ته ڪراچيءَ ۾ سندس چاهڻ وارن جو تعداد ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو آهي.

ليڪن 12 آڪٽوبر 1999 کان 18 آگسٽ 2008 تائين اقتدار جي ڪرسيءَ تي رهڻ واري پرويز مشرف جو رعب ۽ دٻدٻو ۽ سندس حڪمرانيءَ جي انداز جي ڀيٽ ۾ سندس جنازو بالڪل مختلف هو.

جنازي گاه ۾ وڏو ٽينٽ لڳايو ويو هو جنهن ۾ ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو شريڪ هيا. انهن منجهان 70 في صد ورديءَ ۾ فوجي هيا ۽ باقي 30 في صد ۾ اڪثر ريٽائرڊ فوجي، پرويز مشرف جا سابق ويجها ساٿي ۽ ڪجهه سياسي رهنما هيا.

نماز جنازه ۾ متحده قومي موومنٽ جو اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فروغ نسيم، وفاقي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو اڳوڻو گورنر معين الدين حيدر ۽ اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري، سنڌ جو اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

فوج جي نمائندگي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي، جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪئي جڏهن ته ان کان علاوه سابق آرمي چيف اشفاق پرويز ڪياني ۽ تازو ريٽائر ٿيڻ وارو قمر جاويد باجوه کان علاوه فوج جي خفيه ايجنسيءَ جو اڳوڻو سربراه، ليفٽيننٽ جنرل (ر) شجاع پاشا ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) ظهير الاسلام ۽ اڳوڻو ڊي جي آئي ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه به نظر آيو.

جنازي ۾ شريڪ ماڻهن کي موبائيل فون پنهنجي گاڏين ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

صحافي عادل جواد، جيڪو جناري ۾ شريڪ هو، وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ائين نه پيو لڳي ته اهڙي شخص کي دفن ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن وقت ملڪ جي سياه و سفيد جو مالڪ هيو.

هن ٻڌايو ته گهڻي ڀاڱي اهي ئي جنازي جي نماز ۾ شريڪ هيا جيڪي سندس حياتيءَ دوران يا ته پرويز مشرف کي ويجها هيا يا فوج ۾ سندن سابق صدر سان ڪو تعلق هيو.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر چيو ته ’’جنرل مشرف ڀرپور زندگي گزاري’’.

متحده قومي موومنٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ’’پرويز مشرف مشڪل فيصلا ڪرڻ جو ماهر هيو ۽ هو جيڪي فيصلا ڪندو هو ان جو اثر نظر ايندو هو’’.

(محمد ثاقب جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG