رسائی کے لنکس

مريم نواز جي ججن تي تنقيد، ڇا مسلم ليگ (ن) سياسي بيان جو انداز بدلائي رهي آهي؟


مريم نواز
مريم نواز

پاڪستان جي سياسي حلقن ۾ مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگينائزر ۽ سينئر نائب صدر مريم نواز جي عدالت مخالف تازي تقرير هينئر بحث جو موضوع بڻيل آهي.

پنهنجيءَ تقرير ۾ هن سپريم ڪورٽ جي چئن ججن ۽ هڪ اڳوڻي جرنيل کي پاڪستان جي ڏکيائين جو ذمي دار قرار ڏنو آهي.

مريم نواز اڄ ڪلهه پنهنجي جماعت جي تنظيمي دورن تي آهي. گزريل هفتي سرگوڌا ۾ پارٽيءَ جي وڏي انبوه آڏو خطاب ڪندي، هن چيو ته ’’اسٽيبلشمينٽ گند جو ٽوڪرو ڦٽو ڪيو ته ججن ان کي کڻي ورتو آهي’’.

ان موقعي تي هن پنجن شخصن جون تصويرون به اسڪرين تي هلرايون جن ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن موجوده ججن جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر اڪبر نقويءَ سميت اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس آصف ۽ ملڪ جي خفيه اداري آئي ايس آئي جي اڳوڻي سربراه ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ جنرل فيض حميد شامل هيا.

هن الزام لڳايو ته نواز شريف جي خلاف سازش ۾ پنجن ڄڻن جو ٽولو شامل هيو. سندس بقول، ’’اهو پنجن جو ٽولو پاڪستان جي بدحاليءَ جو ذمي دار آهي’’، ۽ جنرل (ر) فيض حميد کي هن ان ٽولي جو ’’سرواڻ’’ قرار ڏنو.

مبصرن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي ججن مخالف نئين بيانئي جي فائدي سان گڏ نقصان به ٿي سگهي ٿو. پر ڏسڻو اهو پوندو ته عدليه ان تنقيد کي ڪيئن ٿي وٺي.

تجزيه ڪار ۽ سينئر صحافي سهيل وڙائچ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف جو بيانيو اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جي خلاف هيو. ليڪن، هاڻي مسلم ليگ (ن) جي اسٽيبلشمينٽ سان اهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي ۽ کين حڪومت ملي وئي آهي، جنهن کان پوءِ سندن بيان بازي عدليه مخالف ٿي وئي آهي.

سندس بقول، ’’هاڻي جيڪو ڪجهه به ان جي بيان ۾ نظر ايندو اهو ججن جي خلاف هوندو. نواز شريف جي مقدمن خلاف هوندو۽ هن کي سزا ڏيڻ جي خلاف هوندو’’.

ججن کي نشاني تي رکڻ جو مظاهرو ان وقت ڏسڻ ۾ آيو جڏهن مريم نواز پنهنجيءَ تقرير ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ’’عوام کي معلوم آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ’بينچ فڪسنگ’ ٿي رهي آهي. توهان کي ڇو نظر نه ٿو اچي؟ توهان گورنر جي ذمي داري جانچڻ ويهي رهيا، ليڪن پنهنجي به ذمي داري پوري ڪريو ۽ غير جانبدار بينچ ٺاهيو’’.

مريم نواز اها تقرير سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن ۾ دير تي ورتل پاڻ مرادي نوٽيس جي ٻڌڻيءَ وارن نون ميمبرن جي بينچ منجهان چئن ججن جي الڳ ٿيڻ کان اڳ جي آهي.

سهيل وڙائچ جي خيال ۾ مسلم ليگ (ن) هاڻي اهڙي بيانئي کي کڻو اڳتي هلندي ۽ جيڪڏهن نواز شريف وطن واپس اچي به وڃي ته ساڳئي ئي بيانئي کي اڳتي وڌايو ويندو. سندس بقول، ن ليگ حڪومت ۾ رهندي عوام سان ڪي وعدا نه ڪندي، ليڪن انهن جا اڳواڻ پنهنجا دکڙا ضرور ٻڌائيندا.

پاڪستان ۾ سياسي ۽ جمهوري قدرن تي نظر رکڻ واري غير سرڪاري تنظيم، پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ليجسليٽيو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊاٽ) جي صدر، احمد بلال محبوب چيو آهي ته مريم نواز جي تقرير جي صحيح يا غلط هجڻ جي باري ۾ هو ڪجهه نه ٿو چوڻ گهري، ليڪن سياسي پيغام رسانيءَ جي حوالي سان ٻه ڳالهيون اهم آهن.

سندس بقول، پهرين ڳالهه اها آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي عدليه کان ڪجهه شڪايتون آهن جنهن ۾ نواز شريف کي وزير اعظم جي عهدي تان هٽائڻ ۽ پوءِ کيس جماعت تان تاحيات پاسي ڪري ڇڏڻ شامل آهي. ٻي ڳالهه ته سياسي پيغام رسانيءَ جي حوالي سان مريم نواز عوام ۾ پنهنجي جماعت کي مقبول بنائڻ گهري ٿي.

احمد بلال جي لفظن ۾، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي پڻ عدالت کان ساڳئي ئي قسم جون شڪايتون آهن.

(لاهور مان ضيا الرحمان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG