رسائی کے لنکس

پوپ فرانسس پاران ڪيناڊا جي مقامي اسڪولن ۾ زيادتيءَ جي واقعن تي معافي


پوپ فرانسس ڪيناڊا جي دوري تي
پوپ فرانسس ڪيناڊا جي دوري تي

پوپ فرانسس ڪيناڊا ۾ ڪيٿولڪ اسڪولن ۾ ملڪ جي آبائي نسلن سان روا رکيل بدسلوڪيءَ تي چرچ جي ڪردار تي معافي گهرڻ جي خيال سان البرٽا جي صوبي ۾ هڪ مقامي چرچ جو دورو ڪيو.

پنهنجي خطاب ۾ پوپ مفاهمت تي زور ڏيندي چيو ته کيس اهو سوچي ذهني طور تي تڪليف رسي آهي ته ڪيٿولڪ انهن پاليسين جو حصو رهيا جنهن جي ڪري ڪميونٽيز ۽ جهونن باشندن کان سندن ثقافتي ۽ روحاني سڃاڻپ کسي وئي ۽ جنهن جي ڪري انهن جون جڙون ڇڄي ويون، جڏهن ته تعصب ۽ امتيازي روين کي پروان چڙهايو ويو.

پوپ فرانسس هيءَ ڳالهه البرٽا شهر ايڊمنٽن جي مرڪز ۾ واقع سيڪرڊ هارٽ چرچ آف دي فرسٽ پيپلز ۾ هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي چئي.

پوپ ڪيناڊا جي ڇهن ڏينهن جي دوري تي آهي. هو آچر ڏينهن ڪواڊمنٽن شهر پهتو هو.

ڪيناڊا ۾ ڪيٿولڪ اسڪولن ۾ زنده بچي ويلن جا مٽ مائٽ سومر ڏينهن شام جو دير سان چرچ جي ٻاهران بيٺا رهيا ته جيئن پوپ فرانسس جي هڪ جهلڪ ڏسي سگهن.

انهن منجهان گهڻن ئي محسوس ڪيو ته پهرين ڏينهن ئي پوپ پاران معافي گهرڻ مفاهمت ڏانهن پهريون قدم هو.

پوپ فرانسس ان کان اڳ سومر جي ڏينهن ڪيناڊا جي ڪيٿولڪ اسڪولن ۾ ڪيناڊا جي اباڻي نسلن سان ٿيل بدسلوڪيءَ ۽ جبري طور تي مقامي ثقافت جي خاتمي متعلق چرچ جي ڪردار تي معافي گهري هئي.

پنجاسي ورهن جي پوپ هن سال جي آغاز تي ويٽيڪن ۾ساڻس ملڻ لاءِ ايندڙن ڪيناڊا جي اباڻي نسل جي وفدن سان ان قسم جي دوري جو وعدو ڪيو هو، جتي هنن ابتدائي معافي گهري هئي. هي سندس ڪيناڊا جو پهريون دورو آهي.

هڪ اڳوڻي اسڪول جي ويجهو ڳالهائيندي، فرانسس ڊگهي عرصي کان جاري نوآبادياتي ذهنيت جي لاءِ مسيحي حمايت تي معذرت ڪئي. هن نام نهاد چرچ اسڪولن جي باري ۾ تفصيلي تحقيقات ۽ زنده بچي وڃڻ وارن ۽ آئنده نسلن جي لاءَ وڌيڪ مدد جو مطالبو به ڪيو.

پوپ فرانسس صبح جي وقت سابق ايرمينسڪن انڊين ريزيڊينشل اسڪول جي هنڌ تي پهتو جيڪو هاڻي ڊهي چڪو آهي. اتي هو اسڪول ۾ بچي وڃڻ وارن پوئيرن، سندن مٽن مائٽن ۽ ٻين حامين سان ڳالهائڻ کان پهريان اڳوڻي اسڪول ۽ ويجهي قبرستان وٽ ٿوريءَ دير ترسيا.

علائقي ۾ هلڪي مينهوڳي جاري هئي، ۽ ڦڙ ڦڙ جي باوجود رهواسي ڇٽيون کڻي يا خيمن جي پاسي ۾انتظار ڪري رهيا هيا.

ڪيناڊا جي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته اڻويهين صديءَ کان وٺي 1970 جي ڏهاڪي تائين سرڪاري امداد سان هلندڙ مسيحي اسڪولن ۾ جسماني ۽ جنسي زيادتيون ٿيون هيون.

خبررسان اداري، رائٽرز مطابق، 1981 ۽ 1996 جي وچ ۾ ڏيڍ لک کان مٿي مقامي ٻارن کي انهن جي ڪٽمب کان الڳ ڪري رهائشي اسڪولن ۾ آندو ويو. ڪيترن ئي ٻارن کي بکيو رکي ماريو ويو، سندن پاران مادري زبانون ڳالهائڻ تي کين ماريو، ڪٽيو ۽ ڌمڪايو ويو ۽ جنسي زيادتيءَ جو نشانو بنايو ويو، جنهن کي ڪيناڊا جي سچائيءَ ۽ مصالحتي ڪميشن ثقافتي نسل ڪشي قرار ڏنو آهي.

ڪيٿولڪ مذهبي احڪامات ڪيناڊا جي 139 رهائشي اسڪولن منجهان 66 ۾ عمل ڪيو ويوجتي هزارين ٻار بيماري، باه لڳڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري مري ويا.

انهن منجهان زياده تر اسڪول پادرين ۽ راهبن جي رومن ڪيٿولڪ مذهبي احڪامات جي ذريعي حڪومت جي لاءَ هلي رهيا هيا.

گزريل سال برٽش ڪولمبيا جي هڪ سابق رهائشي اسڪول ۾ 215 ٻارن جا هڏا پڃرا ۽ باقيات دريافت ٿيا. ان کان پوءِ سموري ملڪ جي سابق رهائشي اسڪولن ۾ وڌيڪ سوين ٻارن جي مشتبه باقيات جو پتي لڳايو ويو.

ڪيترن ئي زنده بچي وڃڻ وارن ۽ مقامي رهنمائن جي چوڻ موجب اهي معافي گهرڻ کان وڌيڪ قدم کڻڻ جي حق ۾ آهن. هو مالي معاوضو، مشنرين جي ذريعي موڪليل نوادرات جي واپسي، فرانس ۾ رهڻ واري مبينه طور تي بدسلوڪي ڪرڻ واري فرد کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ اسڪولن کي هلائڻ وارن کي ملندڙ مذهبي احڪامات جي موجود رڪارڊ کي جاري ڪرڻ گهرن ٿا.

حڪومت گرجا گهرن ۽ تقريبا نوي هزار زنده بچي ويندڙ شاگردن تي مشتمل گروپ جي پاران دائر ڪيل هڪ مقدمي جي تصفئي جي حصي جي طور تي ڪيناڊا معاوضو ادا ڪيو آهي جنهن جي اربين ڊالر جي رقم مقامي ڪميونٽيز کي منتقل ٿي چڪي آهي. ڪيناڊا جي ڪيٿولڪ چرچ جو چوڻ آهي ته ان جي ڊائيسيسز۽ مذهبي فرقن پنج ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ روڪ نقدي ۽ امداد فراهم ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان رقم ۾ ايندڙ پنجن سالن دوران وڌيڪ ٽن ڪروڙ ڊالرن جو اضافو ڪيو ويندو.

وزير اعظم جسٽن ٽروڊو به گزريل سال رهائشي اسڪول جي نظام کي منظم ڪرڻ ۾ ناقابل يقين حد تائين نقصان ده حڪومتي پاليسيءَ تي معافي گهري هئي.

(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG