وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪندي پنهنجي عوام کي تباه ڪن سيلاب جي مشڪلات مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ، هن دنيا کي خبردار ڪيو ته آب و هوا جي تبديليءَ متعلق اقدامات جو وقت گزري چڪو آهي ڇو ته ان جا اثرات صرف ڪنهن هڪ جاءِ تائين محدود ناهن.
وزير اعظم عالمي فورم تي افغانستان جا اثاثه جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير جي تنازعي سميت ٻين عالمي تنازعن جي حل تي به زور ڏنو.
گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسمبليءَ جي ستهتروين اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم عالمي رهنمائن کي ٻڌايو ته چاليهن ڏينهن جي بارش سبب اچڻ واري سيلاب صدين جو رڪارڊ ٽوڙي وڌو آهي ۽ پاڪستان جي هڪ وڏي رقبي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ به ملڪ جو هڪ وڏو حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي.
گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل جو حوالو ڏيندي، شهباز شريف چيو ته پاڪستان آب و هوا جي خطري سان منهن ڏيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ ڪافي اڳتي آهي، جڏهن ته اسان جو ملڪ ان زهريلي گيسن جي هڪ في صد کان به گهٽ اخراج جو ذميدار آهي، جيڪا ڌرتيءَ کي سخت نقصان پهچائي رهي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ زندگي هميشه جي لاءِ تبديل ٿي چڪي آهي. موسمياتي تغير جو ايترو گهڻو اثر ڪنهن ٻئي هنڌ نه ڏٺو ويو هوندو. گلوبل وارمنگ جا سبب پاڪستان جا پيدا ڪيل ناهن. اسان جا گليشئر ڳري رهيا آهن جڏهن ته اسان کي تباه ڪن مون سون درپيش آهي.
بوڏ جي تباه ڪارين جي طرف دنيا جو ڌيان ڇڪائيندي، شهباز شريف چيو ته عورتن ۽ ٻارن سميت ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي هاڻي صحت جو خطرو آڏو آهي، ساڍيون ٽي لک عورتون عارضي خيمن ۾ ٻارن کي جنم ڏئي رهيون آهن.
شهباز شريف چيو ته 1500 کان وڌيڪ پاڪستاني بوڏ جي ڪري هلاڪ ٿي چڪا آهن، جن ۾ 400 کا وڌيڪ ٻار به شامل آهن. ڪيترن ئي ماڻهن کي بيماري ۽ غذائي اڻاٺ جهڙن خطرن وڪوڙي ڇڏيو آهي.
ٻوڏ جا هاڃا بيان ڪندي، هن چيو ته پاڪستان گلوبل وارمنگ جي اثرات جو ايڏو وڏو تباه ڪن مثال ڪڏهن نه ڏٺو آهي.
متاثره علائقن جي پنهنجي دورن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ پڇيو ٿو وڃي ته کين سان ائين ڇو ٿيو؟ جڏهن گلوبل وارمنگ ان شدت سان خاندانن ۽ سموري ملڪ کي نقصان پهچائي ٿي ته اهو سوال ڪرڻ جو وقت ناهي ته ڇا ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، بلڪه ڇا ڪرڻ گهرجي.
وزير اعظم چيو ته ابتدائي تخمينن مطابق 13000 ڪلوميٽر کان وڌيڪ سڙڪن کي نقصان پهتو آهي، 370 کان مٿي پليون ڊهي پيون آهن، ڏهه لک گهر تباه ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڏهن لکن کان وڌيڪ ڍور ڍڳا لڙهي ويا آهن، جڏهن ته 40 لکن ايڪڙن تي پوکيل فصل تباه ٿي ويا آهن.
بين الاقوامي برادريءَ سان تعاون جو اشارو ڪندي هن چيو ته هن نقصان کي پورو ڪرڻ لاءِ انصاف جي توقع رکڻ مناسب آهي. پر، هن ان انديشي جو اظهار ڪيو ته دنيا يوڪرين جي جنگ جي ڪري پاڪستان جي صورت حال کان بي خبر نه ٿي وڃي.
سندس لفظن ۾ مون کي اهو فڪر آهي ته جڏهن ڪيمرا هٽي ويندي ته توجه يوڪرين تي رهجي ويندو. منهنجو سوال آهي ته اسان اڪيلا رهجي ويندا سين ۽ ان بحران جو اڪيلي سر مقابلو ڪنداسين، جيڪو اسان پيدا نه ڪيو آهي.
وزير اعظم افغانستان، ڪشمير ۽ انسداد دهشت گرديءَ سميت ڏکڻ ايشيا کي درپيش چيلينجن متعلق پاڪستان جي پاليسي بيان ڪئي.
ڀارت سان ڪشمير جي تنازعي جي باري ۾ شهباز شريف چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جو حل نه ٿيڻ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي راه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نون لک فوج تعينات ڪئي آهي، جيڪا سندس بقول، دنيا ۾ ڪنهن به علائقي ۾ تعينات فوج جو سڀني کان گهڻو تعداد آهي.
شهباز شريف الزام مڙهيو ته ڀارت جعلي ڊوميسائيل ۽ سرٽيفيڪيٽ، جعلي ووٽن جي ذريعي ڪشمير جي آدم شماري تبديل ڪري رهيو آهي.
ڀارت جي پاران فوري طور تي ڪو رد عمل سامهون نه آيو آهي، مگر عام طور تي ڀارت پاڪستان جي پاران جيڪو موقف اقوام متحده ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي ان جو جواب ساڳئي عالمي فورم تي پنهنجي تقرير دوران ڏيندو آهي. ڀارت ڪشمير کي پنهنجو اٽوٽ انگ قرار ڏيندو آهي ۽ پاڪستان تي الزام ڏيندو آهي ته اهو عسڪريت پسندن جي مدد ڪري رهيو آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان سموري ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام جي لاءِ پرعزم آهي، ڀارت به تعميري قدم کڻي. سندس بقول، اهو اسان جو انتخاب آهي ته اسان امن سان رهڻ گهرون ٿا يا جنگ جو رستو اختيار ڪيون ٿا. اسان ٽي جنگون وڙهي چڪا آهيون ۽ نتيجو ٻنهين طرف ماڻهن جي زندگين ۾ تڪليف ۽ مسئلا پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ ئي سامهون ايندو آهي. بهتر ٿيندو ته اسان پنهنجا ذريعا عوام جي ڀلي جي لاءِ تعليم، صحت ۽ سندن زندگيءَ جي معيار کي بهتر ڪرڻ ۾ لڳايون.
افغانستان
پاڪستاني وزير اعظم افغانستان جي صورت حال تي به دنيا کي پنهنجي موقف کان آگاه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ سان رابطا بحال رکيا وڃن ۽ افغانستان جا منجمد اثاثا بحال ڪيا وڃن.
هن چيو ته افغانستان جا ٽي ڪروڙ ڊالر غير فعال معيشت ۽ بينڪاريءَ جي نظام ۾ ڦاٿل آهن. افغانستان جا مالي اثاثا جاري ڪرڻ ملڪ جي بينڪنگ نظام جي لاءِ انتهائي ضروري آهن.
شهباز شريف چيو ته سندس ملڪ افغانستان جي مرد ۽ عورتن جي تعليم ۽ حقن جو حامي آهي، ليڪن هن وقت افغانستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ ٺيڪ ڪونهي. هن چيو ته پرامن ۽ خوش حال افغانستان اسان سڀني جي مفاد ۾ آهي.
هن چيو ته افغانستان اندر داعش هجي، تحريڪ طالبان هجي، القائده، اي ٽي آئي يا آئي ايم يو، انهن سڀني گروهن جي خلاف افغانستان جي عبوري عهديدارن سان ملي جامع انداز ۾ نبرڻ گهرجي.
شهباز شريف يوڪرين، يمن، شام ۾ جاري تنازعن جي سفارتي حل تي به زور ڏنو.
سندس لفظن ۾، اميد اوندهه جي سڀ کان وڏي دشمن آهي. بهترين وقت آهي ته اسان سڀ سوچيون ۽ ايڪيهين صديءَ جي چيلينجن تي ڌيان ڏيئون ۽ مشترڪه ايجنڊا تي غور ڪيون.
پنهنجي تقرير جي پڄاڻيءَ تي شهباز شريف پنهنجي تحريري بيان تان هٽي هڪ دفعو ٻيهر ڀارت سان پائيدار تعلقات جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي اداري جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ تي زور ڏنو.