ملڪ جي وسيع تر اتفاق رائي تي زور ڏيندي، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرانڊ قومي ڊائلاگ جي پيش ڪش ڪئي آهي. وزيراعظم جي پاران هي اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ملڪ معاشي ۽ انتظامي مسئلن ۽ سياسي عدم استحڪام ۾گهريل آهي.
معاشي مشڪلات ۽ سياسي بحران جي شڪار ملڪ ۾ ڪيتريون ئي سياسي ڌريون ۽ عام رائي پيدا ڪندڙ شخص گرانڊ قومي ڊائلاگ جي ڳالهه ڪندا آيا آهن.
علي فرقان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هلندڙ هفتي صدر عارف علوي چيو هو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ميز تي آڻڻ ۽ مشاورتي عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر، راجه پرويزاشرف ڇنڇر ڏينهن آزاديءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان چيو هو ته ملڪ جي جٽادار اهداف کي ترجيحي بنيادن تي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ گرانڊ نيشنل ڊائلاگ ئي پائيدار سياسي استحڪام ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.
ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسندي، مختلف حلقن جي نمايان شخصن طرفان سياسي محاذ آرائيءَ جي خاتمي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ قومي مڪالمي تي زور ڏنو پيو وڃي.
ڇا گرانڊ ڊائلاگ سياسي استحڪام آڻي سگهندو؟
موجوده صورت حال مان نڪرڻ لاءِ مبصر پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام جا امڪان تلاش ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ سمورين ڌرين کي هڪ مشترڪ ايجنڊا تي متفق ٿيڻو پوندو ۽ انهن تي عمل به ڪرڻو پوندو.
تجزيه ڪار، سلمان عابد چيو آهي ته پاڪستان جي مسئلن جو حل مڪالمي سان جڙيل آهي، ان لاءِ جيترو جلدي عام رائي پيدا ڪئي وڃي اوترو ئي جلد مسئلن جو حل ممڪن ٿيندو. ٻئي پاسي جيتري به دير ٿيندي انهيءَ جا پيچيده نتيجا نڪرندا.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، سلمان عابد چيو ته پاڪستان جي داخلي، پرڏيهي، علائقائي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن جو هڪ ئي حل آهي ته سمورا شراڪت دار گڏجي وهن. هن چيو ته فريقين کي گڏجي ويهي معاشي فريم ورڪ تي ڳالهائڻو پوندو جنهن ۾ هي اصول طئي ڪيو وڃي ته معيشت تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي ويندي.
اهڙيءَ طرح، سياسي جماعتون شفاف چونڊن لاءِ اهڙي طريقه ڪار تي اتفاق ڪن جو هارڻ وارو کٽڻ واري تي ڌانڌليءَ جو الزام نه لڳائي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي ڪردار جي حدن جو به تعين ڪرڻو پوندو.
حزب اختلاف جي جماعت، تحريڪ انصاف به قومي ڊائلاگ ۾ شموليت جي مشروط حمايت ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻين سياسي جماعتن سان گرانڊ ڊائلاگ جي لاءِ بالڪل تيار آهي، ليڪن ان لاءِ پهرين عام انتخابات جي تاريخ ڏيڻي پوندي.
پاڪستان ۾سياسي معاملن تي نظر رکڻ واري اداري، پلڊاٽ جي صدر، احمد بلال محبوب جو چوڻ آهي ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان کان پوءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڪجهه رهجي نه ويندو. وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته چونڊن جي اعلان کان پوءِ اليڪشن ڪميشن انتخابات ڪرائيندو ۽ وزير اعظم۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ ويهي نگران حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهه ڪندا.
احمد بلال محبوب کي گرانڊ ڊائلاگ ٿيڻ جا امڪانات نه هئڻ جهڙا لڳن ٿا. ان جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته عمران خان چئي چڪو آهي ته هو طالبان سان ته مذاڪرات ڪري سگهي ٿو پر حڪومت سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندو. هن چيو ته عمران خان هاڻي تائين ان لاءِ تيار ناهي ڇو ته کيس اهو ٿو لڳي ته سندس اهو موقف عوام ۾ مقبول آهي.
گرانڊ ڊائلاگ ڪير ڪرائيندو؟
سياسي عدم اتفاق جي ماحول ۾ سوال اٿاريو ٿو وڃي ته اهو گرانڊ قومي ڊائلاگ ڪير ڪندو جنهن تي سڀ ڌريون متفق ٿي سگهن.
خيال رهي ته تحريڪ انصاف فوري قومي انتخابات جو مطالبو ڪيو آهي، سندس اسمبليءَ جي ميمبرن جي استعيفا ڏيڻ جي ڪري پارليامنٽ عملي طور تي غير فعال ٿي وئي آهي، جڏهن ته صدر عارف علويءَ پاران ان حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ جي پيش ڪش کي حڪومتي اتحاد (پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ) جا ڪجهه رڪن مسترد ڪري چڪا آهن.
سلمان عابد چيو ته موجوده صورتحال ۾ مسئلو اهو آهي ته سياسي ڌرين ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾اعتماد جو گهڻو فقدان آهي.
هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏ نه ويهي سگهنديون، ڇو ته انهن جي وچ ۾ تلخي تمام وڌي چڪي آهي، ان ڪري اسٽيبلشمنٽ کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سندس بقول، قومي ڊائلاگ جي حوالي سان اسٽيبلشمنٽ شائد نرم مداخلت ڪري رهي آهي ۽ صدر علوي، وزير اعظم شهباز شريف ۽ اسپيڪر راجه پرويز اشرف جا بيان اسٽيبلشمنٽ جي نرم مداخلت جو ئي نتيجو هجن.
سلمان عابد چيو ته موجوده صورت هال ۾ صدر مملڪت جو دفتر ئي قومي ڊائلاگ جي لاءَ موزون ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ جيڪڏهن صدر عارف علوي جي ڪردار ادا ڪرڻ جي پيش ڪش جي پويان اسٽيبلشمنٽ بيهي ٿي ته ڳالهه اڳتي وڌڻ جو امڪان آهي.
اسٽيبلشمنٽ حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏ وهاري سگهي ٿي
سلمان عابد جي چوڻ مطابق، قومي ڊائلاگ ۾ ڪو ڊيڊلاڪ ڪونهي ۽ عمران خان صرف انتخابات جي يقين دهاني چاهي ٿو. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ضروري آهي ته ان کان اڳ تلخ بيانات بند ڪيا وڃن ته جيئن سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي.
احمد بلال محبوب جو چوڻ آهي ته صدر عارف علويءَ جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي ۽ هو عمران خان کي گرانڊ ڊائلاگ ۾ شامل ٿيڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سندس بقول، حڪومت ته ڊائلاگ تي آماده آهي، ليڪن عمران خان جو رويو رهيو آهي ته حڪومت سان ڪنهن صورت ڳالهه نه ڪندو، ان ڪري هو پنهنجي روئي ۾ لچڪ ڏيکاريندو ته ڳالهه اڳتي وڌندي.
هن چيو ته عمران خان چيو هيو ته هو طالبان سان ڳالهائي سگهي ٿو ليڪن حڪومت سان نه ٿو ڳالهائي سگهي، ته هاڻي کيس حڪومت کي پيغام ڏيڻ کپي ڇا هو ڳالهائڻ جي لاءِ تيار آهي.
احمد بلال محبوب چيو ته حڪومت ۽ حزب مخالف جي وچ ۾ گرانڊ قومي ڊائلاگ ٿي سگهي ٿو، ليڪن جيڪڏهن اهوسمجهيو وڃي ته ان ۾ فوج، عدليه، خفيه ادارا، سياسي جماعتون ۽ بيوروڪريسي سڀ شامل ٿيندا ته اهو قابل عمل نه ٿو لڳي.