برطانوي شاهي خاندان کان الڳ ٿي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ واري شهزادي هيريءَ جي ڪتاب ’Spare’ جون 32 لک ڪاپيون اشاعت جي پهرئين ئي هفتي اندر وڪرو ٿي چڪيون آهن ۽ امڪان آهي ته سندس تحرير تعداد جي لحاظ کان هينئر تائين وڪامڻ وارين آتم ڪهاڻين منجهان سڀني کان وڌيڪ شمارٿئي.
برطانيه جي پبلشر ’پينگئن رينڊم هائوس’ خميص ڏينهن اعلان ڪيو ته پرنس هيري جي شه سرخيون ۾ شامل ڪتاب جون 16 لک ڪاپيون رڳو آمريڪا ۾ وڪاميون آهن. ان تعداد جي ڀيٽ بلاڪ بسٽرز جي لاءِ پهرئين هفتي ۾ وڪامڻ وارين آتم ڪهاڻين جي ڪتابن جي تعداد سان ڪري سگهجي ٿي.
مثال جي طور تي اڳوڻي صدر براڪ اوباما جو ڪتاب ’A Promised Land’ ۽ اڳوڻي خاتون اول مشيل اوباما جو ڪتاب ’Becoming’، جنهن جون 2018 ۾ شائع ٿيڻ کان پوءِ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن.
رينڊم هائوس گزريل هفتي اعلان ڪيو هو ته برطانيه ۾ ’اسپيئر’ جي اشاعت تي پهرئين ئي ڏينهن سمورن قسمن يعني ’هارڊ بيڪ’ ۽ آڊيو جون چار لک ڪاپيون وڪرو ٿيون.
اسپيئر جي وڪري جو اعلان ڪيل تعداد انهن ڪاپين تي مشتمل آهي جيڪي انگريزيءَ زبان جي وڏن مارڪيٽن، آمريڪا، برطانيه، ڪيناڊا ۽ آسٽريليا ۾ پرنٽ، آڊيو ۽ ڊجيٽل ايڊيشنز ۾ وڪرو ٿيون.
اهو ڪتاب انگريزيءَ کان سواءِ ٻين زبانن ۾ به شائع ٿيو آهي ۽ توقع آهي ته ايڊيشنون ڏهن وڌيڪ زبانن ۾ شائع ٿينديون.
چار سو سورنهن صفحن تي مشتمل ان ڪتاب جي سرورق تي هيريءَ جي چهري جو سنجيده ڪلوز اپ ڏيکاريو ويو آهي.
ڪتاب جو ٽائيٽل ’اسپيئر’ يعني ’واندو’ بظاهر شاهي ڀيڻ ڀائرن جي لاءِ استعمال ٿيڻ واري اصطلاح ’دي هيئر اينڊ دي اسپيئر’ يعني شاهي جانشين ۽ ڀاءُ ڀيڻ جهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هيري جو ڀاءُ، وليم هاڻي ’پرنس آف ويلز’ ۽ برطانوي تخت جو وارث آهي.
پيدائش جي وقت هيري جانشينيءَ جي صف ۾ وليم کان پوءِ هيو، ليڪن هاڻي هو پٺتي هليو ويو آهي. سندس والد، شاه چارلس ملڪه الزبيٿ جي انتقال کان پوءِ تخت سنڀاليو آهي.
گزريل سال جڏهن پرنس هيريءَ جي ياد داشت يا آتم ڪهاڻي جي باري ۾ اعلان سامهون آيو ته پوري دنيا ۾ بي چينيءَ سان ان جي اشاعت جو انتظار ٿيڻ لڳو.
ڊيوڪ آف سسيڪس هيري ۽ ڊچيس آف سسيڪس، ميگن ان وقت دنيا کي هڪ وڏي خبر ڏئي ڌماڪو ڪيو جڏهن اوپرا ونفريءَ سان مارچ 2021 ۾ هڪ انٽرويو ۾ هنن ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ تي پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي.
جوڙي ٻڌايو ته آمريڪي نجاد ميگن انگلينڊ ۾ پنهنجي نئين زندگيءَ کان خوش ناهي. هن شاهي خاندان جي اندر موجود مبينه نسل پرستيءَ تي ڳالهايو ۽ هيريءَ ۽ هن ان خوف جي اظهار ڪيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ رهي ها ته سندس زال جي زندگيءَ کي خطرو هجي ها. هيري ۽ ميگن 2020 ۾ شاهي فرضن ڇڏي آمريڪا پهتا.
هيريءَ ونفريءَ کي ٻڌايو ته سندس خاندان ان جي مالي امداد ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ هن پنهنجي والده پاران پوئتي ڇڏيل رقم مان پنهنجي سيڪيورٽيءَ جي لاءِ ادائگي ڪئي آهي. هن نيٽ فلڪس پراڊڪشن ۽ غير منافع بخش آرچ ويل فائونڊيشن سان معاهدن هيٺ ڪيترن منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي.
اسپيئر نان فڪشن جي لاءِ رڪارڊ بڻائي سگهي ٿي، ليڪن يادداشت تي منبي ڪو ڪتاب ’هيري پاٽر’ جي آخري ناول ’هيري پاٽر اينڊ ڊيٿلي هالوز’ جي مقبوليت جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي جنهن جون 2007 ۾ پنهنجي اشاعت جي پهرين 24 ڪلاڪن دوران هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون.
پرنس هيري، ڊيوڪ آف سسيڪس پنهنجي ڪتاب تي آمريڪي ناول نگار، جي آر موهرينگر سان گڏجي ڪم ڪيو هو.
ڏهين جنوريءَ تي منظر عام تي اچڻ واري ڪتاب، اسپيئر جي اشاعتي اداري ’پينگئن رينڊم هائوس’ مطابق، اهو مڪمل ديانتداريءَ تي مبني داستان آهي جنهن ۾ اندروني واقعن، انڪشافن، خود احتسابي ۽ غم تي ڪنٽرول ڪرڻ جي محبت جي لازوال طاقت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
پينگئن رينڊم هائوس جي سي اي او، مارڪس ڊولبي پنهنجي هڪ تازي بيان ۾ چيو آهي ته هن ڪتاب ۾ هيريءَ پنهنجي ذاتي صدمي کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي ۽ محبت جي جنهن لازوال طاقت جي هن ڳالهه ڪ.ي آهي اها دنيا ۾ لکين انسانن کي متاثر ڪندي ۽ حوصلو وڌائيندي.
(هن رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)