رسائی کے لنکس

’ڊي جي، آئي ايس آئي ڪن کولهي ٻڌي، مان صرف ملڪ جي خاطر چپ آهيان’


تحريڪ انصاف جو چيئرمين، عمران خان لاهور ۾ لبرٽي چوڪ تي لانگ مارچ جي آغاز تي تقرير ڪندي. 28 آڪٽوبر 2022.
تحريڪ انصاف جو چيئرمين، عمران خان لاهور ۾ لبرٽي چوڪ تي لانگ مارچ جي آغاز تي تقرير ڪندي. 28 آڪٽوبر 2022.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراه عمران خان چيو آهي ته هن ڪڏهن به ڪو غير آئيني مطالبو نه ڪيو آهي ۽ هو رڳو شفاف چونڊون چاهي ٿو. هن پنهنجيءَ تقرير ۾اها ڳالهه ڊي جي، آئي ايس آئي جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چئي.

لاهور جي لبرٽي چوڪ تي جمعي ڏينهن لانگ مارچ جي آغاز جي موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي، عمران خان چيو ته ڊي جي آئي ايس آئي جي اخباري ڪانفرنس تي هو گهڻو ڪجهه چئي سگهي ٿو، پر اهو نه ٿو چاهي ته ملڪ جا ادارا ڪمزور ٿين، ان ڪري ملڪ جي خاطر خاموش آهي.

هن چيو ته ڊي جي آئي ايس آئي ’’جنهن قسم جي پريس ڪانفرنس ڪئي اهڙي نموني جي پريس ڪانفرنس ته شيخ رشيد به نه ڪندو آهي’’. هن الزام لڳايو ته ’’توهان جو نشانو صرف عمران خان هو، توهان چورن جي باري ۾ ڪجهه نه چيو. توهان غير جانبدار نه رهيا آهيو’’.

ڊي جي آئي ايس آئي کي مخاطب ڪندي، عمران خان چيو ته ’’مان ڪڏهن به ڪو غير آئيني مطالبو نه ڪيو آهي، مان صرف شفاف انتخابات چاهيان ٿو’’.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته سندس جيئڻ مرڻ پاڪستان جي لاءِ آهي، هو نواز شريف وانگر ’ڀاڄوڪڙ’ ناهي.

اعظم سواتيءَ جي تشدد ۾ ملوث فوجي آفيسرن کي هٽايو وڃي

هن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کان مطالبو ڪيو ته سينيٽر اعظم سواتيءَ تي مبينه تشدد ۾ ملوث فوجي آفيسرن کي سندن عهدن تان هٽايو وڃي.

عمران خان چيو ته اعظم سواتيءَ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ميجر جنرل فيصل ۽ برگيڊيئر فهيم جو نالو ورتو آهي. مان مطالبو ٿو ڪيان ته آرمي چيف انهن جي خلاف ڪاروائي ڪري.

هڪ دفعو ٻيهر ’ڊرٽي هيري’ جو ذڪر ڪندي، هن الزام لڳايو ته جڏهن کان هو اسلام آباد آيو آهي، ماڻهن کي کنئيون پيو وڃي ۽ انهن کي نانگو ڪري تشدد ڪيو پيو وڃي.

تحريڪ انصاف جي سربراه چيو ته هو پرامن لانگ مارچ ڪري رهيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي احڪامات هيٺ اسلام آباد ۾ مخصوص هنڌن تي احتجاج ڪندو. هن چيو ته هو نوجوانن کي اپيل ڪري ٿو ته هو ڪنهن به قسم جو انتشار نه ٿيڻ ڏين ڇوته اڄ هو پنهنجي 26 سالن جي سياسي جدوجهد جو سڀني کان اهم سفر شروع ڪرڻ وارو آهي.

سربراه پي ٽي آئي وڌيڪ چيو ته هو چاهي ٿو ته هن ملڪ جا فيصلا لنڊن يا واشنگٽن جي بجائي پاڪستان ۾ ٿين ۽ ڪو اسان کي هي حڪم نه ڏئي ته اسان ڪنهن جي جنگ ۾ شامل ٿي هزارين شهرين جي قرباني ڏيئون.

ڊي جي، آئي ايس آئي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڇا چيو هو؟

خيال رهي ته عمران خان جو فوجي قيادت جي حوالي سان هيءُ ردعمل خميص ڏينهن جي ڊي جي، آئي ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميڊيا تي اچڻ واري ڊي جي، آئي ايس آئي ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي غير معمولي پريس ڪانفرنس کان پوءِ سامهون آيو آهي.

ڊي جي، آئي ايس آئي چيو ته مارچ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي غير معينه مدت تائين ايڪسٽينشن ڏيڻ جي پيش ڪش ڪئي وئي جنهن کي هن مسترد ڪيو. هن چيو ته راتن ۾ اسان سان ملاقات ڪري جائز ۽ ناجائز مطالبه سامهون رکيا ويندا آهن، ليڪن ڏينهن جي روشنيءَ ۾ اسان کي ڪڏهن نيوٽرل، جانور، غدار جي لقبن سان نوازيو ٿو وڃي.

جنرل نديم انجم پريس ڪانفرنس ۾ هي به چيو ته اسان غير آئيني قدم کڻڻ کان ڪيٻايو، ان ڪري اسان جي خلاف منفي پروپيگنڊا ڪئي وئي.

آئي ايس پي آر جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس دوران واضح ڪيو هيو ته فوج بطور ارادي جي طئي ڪري چڪي آهي ته هو سياسي معاملن کان پاڻ کي الڳ ٿلڳ ڪري چڪي آهي.

هي چيو ته هي فيصلو نه صرف موجوده فوجي قيادت جو آهي بلڪه ايندڙ وقت ۾ فوج جي ڪمان سنڀالڻ وارا سمورا آفيسر به ان تي متفق آهن.

XS
SM
MD
LG