رسائی کے لنکس

استعيفائن جي معاملي تي تحريڪ انصاف جو سپريم ڪورٽ سان لهه و چڙهه ۾ اچڻ جو اعلان


فواد چوڌري (فائيل فوٽو)
فواد چوڌري (فائيل فوٽو)

پاڪستان تحريڪ انصاف جي رهنما فواد چوڌريءَ چيو آهي ته پي ٽي آئي جمعي کان احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪري رهي آهي. هن چيو ته عمران خان به ٽن هفتن کان پوءِ صحت ياب ٿي ان تحريڪ ۾ شامل ٿيندو.

هن چيو ته هيءَ تحريڪ شهر شهر هلندي جنهن کان پوءِ عمران خان آئنده جو لائحه عمل ڏيندو.

خميص ڏينهن عمران خان جي صدارت ۾ تحريڪ انصاف جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌريءَ چيو ته سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ان هنڌ تي پي ٽي آئي جا سينيٽر احتجاج ڪندا جتي اعظم سواتيءَ کي قيد رکيو ويو آهي.

فواد چوڌريءَ چيو ته تحريڪ انصاف جو ڪو به قومي اسيمبليءَ جي ميمبر قومي اسمبليءَ وڃڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان ڪري اسپيڪر قومي اسيمبلي کي چئي رهيا آهيون ته اسان جون استعفائون مڃيون وڃن.

فواد چوڌريءَ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران پي ٽي آئي ميمبرن جي استعيفا منظور نه ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي جي ميمبرن اجتماعي طور تي اسيمبليءَ مان مستعفي ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان ڪري انفرادي طور تي اسپيڪر جي سامهون پيش ٿيڻ غير ضروري آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هوندي. ملڪ اهڙن تجربن جو بار نه سهي سگهندو. اسٽيبلشمنٽ کي به چئون ٿا ته ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت خراب سوچ آهي.

سندس بقول، پنجاب ۾ حڪومت بدلائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. پنجاب اسميبليءَ جي اسپيڪر کي چيو آهي ته هو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ناصر شاه ۽ شرجيل ميمڻ جي لاهور جي دوري جا تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ ڪٺا ڪرائي. آخر ڇا سبب آهي ته جڏهن به پنجاب ۾ ميمبرن جي منڊي لڳندي آهي ته اهي نوٽن جا بيگ کڻي لاهور پهچي ويندا آهن.

فواد چوڌريءَ الزام لڳايو ته پنجاب ۾ ميمبرن کي دبئيءَ، لنڊن ۽ عمري تي موڪلڻ جي پيش ڪش ڪئي پئي وڃي. ليڪن کيس اميد آهي ته پنجاب اسيمبليءَ جا ميمبر پارٽي قيادت سان مخلص رهندا.

پاڪستان ۾ حڪمران اتحاد فواد چوڌريءَ ۽ تحريڪ انصاف جي ان نوعيت جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

پيپلز پارٽيءَ جي رهنمائن جو هي موقف رهيو آهي ته لاهور پاڪستان جو ئي شهر آهي. ان ڪري ڪنهن پارٽي رهنما کي لاهور جو دورو ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي.

XS
SM
MD
LG