رسائی کے لنکس

لاهور ۾ پي ٽي آئي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ٽڪراءُ، هڪ ڪارڪن جي مارجي وڃڻ جي رپورٽ


پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان لاهور ۾ ڪارڪنن ۽ پوليس جي وچ ۾ تصادم کان پوءِ انتخابي ريلي منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

اربع ڏينهن پنهنجي وڊيو انٽرويو ۾ عمران خان ريلي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته حڪمران اليڪشن کان ڀڄڻ جي لاءِ ’’اهي حربا استعمال ڪري رهيا آهن’’.

هن چيو ته هو ڪارڪنن کي پر امن رهڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ هو گهرن ڏانهن هليا وڃن ۽ ٻيءَ ڪال جو انتظار ڪن.

عمران خان الزام لڳايو ته پوليس تشدد جي ڪري پي ٽي آئي جو هڪ ڪارڪن مري ويو آهي.

اڳوڻي وزير اعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ علي بلال نالي جي پي ٽي آئي جي ڪارڪن جون تصويرون پوسٽ ڪندي الزام مڙهيو ته ڪارڪن پر امن ريليءَ ۾ شرڪت جي لاءِ اچي رهيو هو ته مبينه طور تي ان کي پنجاب پوليس هلاڪ ڪيو.

اربع ڏينهن لاهور ۾ 144 جي قلم جي خلاف ورزيءَ تي پوليس پي ٽي آئي ڪارڪنن کي زمان پارڪ اچڻ کان روڪڻ لاءِ رستا بند ڪيا. انهيءَ دوران ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپن ۾ ڪيترا ماڻهو زخمي ٿيا.

ڪارڪنن کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ جي لاءِ پوليس واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو جڏهن ته آنسو گيس جي شيلنگ به ڪئي وئي. ان دوران گاڏين جي توڙ ڦوڙ جا واقعا به سامهون آيا.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي ضياالرحمان مطابق پوليس ريلي روڪڻ جي لاءِ زمان پارڪ جي طرف اچڻ جا رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا. ليڪن ڪجهه ڪارڪن نهر جي مٿان عارضي پل ٺاهي عمران خان جي رهائش گاه جي ٻاهران پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

انهيءَ دوران پوليس ۽ ڪارنن جي وچ ۾ تصادم ٿيو ۽ پوليس واٽر ڪينن استعمال ڪيو. پوليس پي ٽي آئي جي ڪيترن درجن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو.

پنجاب جي محڪمه داخله اربع ڏينهن نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽريفڪ ۽ سيڪيورٽيءَ جي خراب صورت حال جي ڪري شهر ۾ احتجاج، ڌرنن ۽ مظاهرن تي پابندي لڳائي وئي هئي.

نوٽيفيڪيشن جي مطابق پابندي اربع کان شروع ٿيندي ۽ ايندڙ ستن ڏينهن تائين جاري رهندي.

پاڪستان تحريڪ انصاف اربع ڏينهن لاهور جي زمان پارڪ کان داتا دربار تائين انتخابي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن جي اڳواڻي عمران خان ڪرڻ وارو هيو.

هوڏانهن، لاهور ۾ پوليس ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي تصادم جي باري ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي، آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته ’’اسان جهڙپن ۽ خانه جنگيءَ جي رپورٽن کان آگاه آهيون’’.

ٻنهين ڌرين کي تحمل کان ڪم وٺڻ جي صلاح ڏيندي، ترجمان مارجي ويلن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمي ٿيڻ وارن جي جلد تندرستيءَ جي دعا ڪئي.

وائس آف آمريڪا جي اردو سروس پاران ڪيل سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي، ترجمان چيو ته اسان حڪومت سان ڳالهائينداسين ته اهي جمهوري قدرن کي سر بلند رکڻ جي جاکوڙ ڪن، جن کي ڦهلائڻ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. دراصل اهو پاڪستان سميت سموري دنيا جي اسانجي شراڪت دارن سان ڳالهه ٻولهه جو هڪ مستقل عنوان آهي، جنهن ۾ سموري دنيا جي شهرين جي آفاقي حقن جي سربلنديءَ کي اهميت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي، جنهن ۾ پرامن اجتماع جو حق به شامل آهي.

XS
SM
MD
LG