سپريم ڪورٽ پاران پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جي حڪم جي باوجود پاڪستان جون سياسي پارٽيون اڃا تائين سرگرم نظر نه ٿيون اچن.
ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ھن وقت تائين نه پنهنجو منشور پيش ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪو ميڙاڪو ٿيندي نظر آيو آهي.
پاڪستان مسلم ليگ ن، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سميت سمورين ننڍين وڏين سياسي پارٽين جي اميدوارن چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجا نامزدگيءَ وارا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
سياسي پارٽين پنهنجن اميدوارن کان پارٽي ٽڪيٽن لاءِ درخواستون گهرائي ورتيون آهن. هن وقت تائين فقط پي ٽي آءِ پنھنجن اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين پارٽين جي ڪا به اليڪشن سرگرمي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي.
سياسي مبصر چون ٿا ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊ شيڊول جاري ڪري پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي پر صوبي ۾ في الحال چونڊ جو ماحول ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. جنهن مان هڪ ڳالهه اها به ظاھر ٿئي ٿي ته سياسي پارٽين ۾ چونڊن لاءِ ڌيان ۽ سنجيدگي جو فقدان آھي.
حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ سندس اتحادي پارٽيون پنجاب اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري چڪيون آهن.
وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اقليتي فيصلو آهي جنهن کي تسليم نٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جا ڪيترائي اڳواڻن بار بار اھو چوندا رھيا ته هو چونڊن لاءِ تيار آهن.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اڃا تائين اهو واضح ناهي ته پنجاب ۾ چونڊون ٿينديون يا نه
تجزيه نگار ۽ ڪالم نگار افتخار احمد جو چوڻ آهي ته چونڊن بابت وقت کان اڳ ڪجھ نٿو چئي سگھجي، ان بابت خدشا ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندا.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ٿين يا 14 آڪٽوبر تي، سياسي پارٽين کي هر وقت تيار رهڻ گهرجي.
افتخار احمد جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪنهن به سياسي پارٽيءَ چونڊ منشور پيش نه ڪيو آهي، پر اليڪشن شيڊول جي اعلان کان پوءِ اميدوارن پنهنجا نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته سياسي پارٽيون ڪجهه نه ڪجهه تياري ڪري رهيون آهن.
تجزيه نگار ۽ ڪالم نويس سلمان غني جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ اها روايت رهي آهي ته سياسي پارٽيون سمورن اختلافن جي باوجود نگران حڪومت ۽ چونڊن جي تاريخ تي صلاح مشورو ڪنديون هيون، پر هي پهريون ڀيرو آهي جو سپريم ڪورٽ پاڻ چونڊن جو معاملو نبيريو آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏھن عدالت حڪم جاري ڪرڻ کان اڳ سياسي پارٽين ۽ وڪيلن جي فل بينچ ٺاھڻ واري مطالبي تي غور ڪري وٺي ها ته بهتر ٿئي ها.
هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ته پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا تائين چونڊ جو عوامي ماحول ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته سياسي پارٽيون اعليٰ عدالت جي فيصلي مان خوش ناهن.
تجزيه نگار سلمان غني موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي واسطي سان ٿيل ڳالهه ٻولھ ۾ اھا شي غور ھيٺ آئي ھئي ته مئي يا آڪٽوبر بدران عام چونڊون جون يا جولائي ۾ ڪرايون وڃن.
سلمان غني چيو آهي ته ٻن صوبن ۾ اڳواٽ چونڊن سان سياسي استحڪام نه ايندو پر صورتحال ويتر خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.