روس جي صدر ولاديمير پوٽن يوڪرين جي انهن چئن علائقن ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي آهي جن کي ماسڪو تازو جنگ زده ملڪ مان ڪاٽي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو هو. پوٽن روس جي سمورن علائقائي گورنرن کي هنگامي اختيارات ڏنا آهن. هي اقدام روس جي لاءِ نين سخت پابندين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
فوري طور تي پوٽن واضح نه ڪيو آهي ته مارشل لا تحت ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا. ليڪن، ايترو چيو آهي ته هي حڪمنامو خميص ڏينهن کان نافذ سمجهو ويندو. سندس حڪمنامو قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏئي ٿو ته هو ان عرصي دوران الڳ ڪيل علائقن جي لاءِ دفاعي فورسز جي تشڪيل متعلق تجويزون پيش ڪن.
روس جي پارليمان جي مٿئين ايوان يوڪرين جي ڊونيٽسڪ، لوهانسڪ، خرسون ۽ اورزاپوريزيا جهڙن الڳ ڪيل علائقن جي لاءِ پوٽن جي مارشل لا جي اقدام جي فوري طور تي توثيق ڪئي آهي.
منظور ٿيڻ وارو قانون ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته هي اعلان سفري ۽ عام اجتماعات تي پابندي، سخت سينسرشپ ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي لاءِ وسيع تر اختيارات جي پوءِ واري ڪري ٿو.
صدر پوٽن ٽيلي ويزن تي نشر ٿيڻ واري خطاب ۾ چيو آهي ته ’’اسان روس جي سلامتي ءَ۽ مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ وڏن مشڪل نوعيت جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون’’.
هن وڌيڪ چيو ته ’’اهي شهري جيڪي محاذن تي آهن يا فائرنگ ريجز ۾ يا تربيتي مرڪزن ۾ تربيت وٺي رهيا آهن، انهن کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته اسان انهن جي مدد ڪري رهيا آهيون. کين معلوم هئڻ کپي ته انهن جو وڏو ۽ عظيم ملڪ ۽ متحد عوام انهن جي پويان بيٺو آهي’’.
ڇنڇر جي ڏينهن روس جي بچاءَ واري وزارت چيو هو ته ٻن ماڻهن هڪ فوجي فائرنگ رينج جر اندر فائرنگ ڪري 11 ماڻهن کي هلاڪ ۽ 15 کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. وزارت ٻڌايو ته اڳوڻي سوويت يونين جي ٻن ماڻهن رضاڪار سپاهين تي گولي هلائي ۽ جوابي فائرنگ ۾ پاڻ به هلاڪ ٿي ويا.
روس جي صدر انهن واڌو اختيارات جي تفصيل نه ٻڌائي جيڪي روس جي علائقن جي سربراهن کي ان حڪمنامي هيٺ حاصل هوندا. ليڪن، هن چيو ته مارشل لا جن اختيارن جو تعين ڪري ٿو اهي ضرورت پوڻ تي پوري روس ۾ ڪنهن به جاءِ تي متعارف ڪرائي سگهجن ٿا.
روسي قانون تحت مارشل لا عوامي اجتماعات تي پابندي، سفر جون پابنديون، ڪرفيو جي نفاذ، سينسر شپ ۽ ٻين پابندين لڳائڻ جو نالو آهي.
ڪريملن جي ترجمان، دمتري پيسڪوف سرڪاري خبر رسان اداري،’ آر آئي اي’ کي ٻڌايو ته پوٽن جي حڪمنامي سان روس جي سرحدن جي بندش متوقع ناهي.
پوٽن گزريل مهيني ريزرو آرمي کي حرڪت ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کان پوءِ سوين، هزارين ماڻهون روس کان فرارٿيڻ تي مجبور ٿيا. صدر پوٽن اربع ڏينهن هڪ رابطه ڪاميٽي به تشڪيل ڏني آهي جنهن جو ڪم يوڪرين جي اندر جنگ ۾ مصروف روسي ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ آهي. پوٽن يوڪرين ۾ جنگ کي ’اسپيشل ملٽري آپريشن’ جو نالو ڏنو آهي.
ڪاميٽين جو سربراه وزير اعظم، ميخائيل ميشوسٽن کي بنايو ويو جن جو چوڻ آهي ته ڪاميٽي هٿيارن جي سپلائي کي بهتر بنائڻ، تعميراتي ڪم ۽ نقل و حمل ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ تي توجه ڏيندي.