رسائی کے لنکس

پاڪستان کي پائپ لائين جي ذريعي گيس جي فراهمي ٿي سگهي ٿي، پوٽن


ثمرقند ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ روسي صدر ولاديمير پوٽن جي ملاقات. 15 سيپٽمبر، 2022
ثمرقند ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ روسي صدر ولاديمير پوٽن جي ملاقات. 15 سيپٽمبر، 2022

روس جي صدر ولاديمير پوٽن خميص جي ڏينهن چيو آهي ته پاڪستان کي پائپ لائين جي ذريعي گيس جي فراهمي ممڪن آهي ۽ ان جي لاءِ بنيادي ڍانچي جو هڪ حصو پهريان ئي موجود آهي.

رائٽرز روس جي خبرن جي اداري ’آر آئي اي’ جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته پوٽن ۽ پاڪستاني وزير اعظم شهباز شريف خميص ڏينهن ازبڪستان جي شهر، ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي.

وزير اعظم شهباز شريف جي دفتر کان جاري ٿيڻ واري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’’وزيراعظم روس سان ملي ڪم ڪرڻ جي پاڪستاني عزم کي ورجايو، ته جيئن ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ خوراڪ جي سيڪيورٽي، تجارت، سيڙپ، توانائي، دفاع ۽ سلامتيءَ سميت ٻه طرفي طور تي سڀني شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي’’.

هن بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهين فريقن بين الحڪومتي ڪميشن (آئي جي سي) جو اڳئيون اجلاس جلد از جلد اسلام آباد ۾ سڏائڻ تي اتفاق ڪيو.

گيس پائپ لائين ڊگهي عرصي کان تاخير جو شڪار منصوبو پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام اهم سمجهو ويندو آهي. ’پاڪستان اسٽريم گيس پراجيڪٽ’ جنهن کي ’نارٿ سائوٿ گيس پائپ لائين’ به چيو ويندو آهي، روسي ڪمپنين جي تعاون سان تعمير ڪئي ويندي.

ٻنهين ملڪن 2015 ۾ 1100 ڪلوميٽر (683 ميل) ڊگهي پائپ لائين وڇائڻ تي رضامندي ڏيکاري هئي، جيڪا درآمد شده مائع قدرتي گيس (ايل اين جي) کي بحر عرب جي ساحل تي ڪراچيءَ ۽ اتان کان اتر اوڀر ڏانهن پنجاب صوبي جي پاور پلانٽس تائين پهچائيندي.

ان جي ڊيزائين مطابق پائپ لائين ۾ ساليانو 12.4 ارب ڪيوبڪ ميٽر جي گنجائش آهي، جنهن ۾ 16 ارب ڪيوبڪ ميٽر تائين اضافو ممڪن آهي.

ابتدائي طور تي هي منصوبو 2020 ۾ شروع ٿيڻو هو، ليڪن هي ان وقت تاخير جو شڪار ٿيو جڏهن روس کي ابتدائي شراڪت دار کي تبديل ڪرڻو پيو، ڇو ته ان کي مغربي پابنديون درپيش هيون.

رائٽرز جي رپورٽ جي مطابق، پاڪستاني وزير اعظم شهباز شريف تازو چيو هو ته بهتر اگهن جي صورت ۾ سندس حڪومت روسي ڪڻڪ خريدڻ ۾ به دلچسپي رکي ٿي.

شهباز شريف کان اڳ ۾ عمران خان فيبروريءَ ۾ روس جو دورو ڪيو هو، جنهن ڏينهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو هو.

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان الزام لڳايو هو ته ان دوري جي ڪري آمريڪا هن کان ناراض ٿيو ۽ هن بعد ۾ آمريڪا تي سندس حڪومت ڪيرائڻ جي سازش جو الزام به لڳايو هو.

آمريڪا ڪيترا ئي ڀيرا انهن الزامن جي ترديد ڪري چڪو آهي ته هو پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو آهي.

(هن خبر ۾ شامل مواد رائٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG