بلوچستان سان تعلق رکندڙ صحافي ۽ مصنف عابد مير مبينه طور تي اسلام آباد مان لاپتا ٿي ويو آهي.
عابد مير جي ڀاءُ، خالد مير ميڊيا کي ٻڌايو ته عابد مير جو اربع ڏينهن شام جو ساڍي ڇهين وڳي آخري ڀيرو پنهنجي خاندان سان رابطو ٿيو هو. سندس آخري لوڪيشن اسلام آباد جو ’جي اليون مرڪز’ هيو.
خالد مير ٻڌايو ته اسان کي هاڻي تائين ڪو خطر نه هيو. اهڙو ڪو معاملو نه هيو جنهن جي ڪري اسان ڪنهن تي ڪنهن قسم جو شڪ ظاهر ڪري سگهئون.
اسلام آباد پوليس جو موقف آهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي صحافيءَ جي لاپتا ٿيڻ جو اطلاع سامهون آيو جڏهن صحافيءَ جي گهر جي ڀاتين جي درخواست تي ڪاروائي جاري آهي، جلد مقدمو درج ڪري پڇا ڳاڇا جي شروعات ڪئي ويندي.
درخواست جو اصل مضمون
رمنا جي ٿاڻي ۾ سندس ڀاءُ خالد حسين جي پاران ڏنل درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عابد مير گزريل شام پنهنجي زال سان 6 لڳي 22 منٽن تي ڳالهايو هو ۽ ان کان پوءِ سندس گهر وارن جو کيس سان ڪو رابطو ڪونهي. عابد جي ڪجهه دوستن ٻڌايو آهي ته عابد جو فون رات نوين وڳي تائين کليل هو، ليڪن ڪال وصول نه ڪري رهيو هو.
خالد حسين چيو ته عابد مير پيشي جي لحاظ کان پوسٽ ڊگري ڪاليج سرياب روڊ، ڪوئٽا ۾ اسسٽينٽ پروفيسرآهي ۽ ’نمل يونيورسٽي’ مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. هن جو اهڙيءَ ريت گمشده ٿيڻ سندس خاندان جي ڀاتين ۽ دوستن جي لاءَ ڳڻتيءَ جو باعث آهي، ان ڪري قانوني ڪاروائي ڪري عابد مير جي ڳولها ڪئي وڃي.
اسلام آباد پوليس جي ايس پي، رخسار مهديءَ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ان باري ۾ پوليس کي سوشل ميڊيا تان خبر پئي هئي، ليڪن سندس خاندان جي طرفان ڪو رابطو نه ڪيو ويو آهي.
رخسار مهديءَ چيو ته بعد ۾ سندس خاندان وارن پاران ڪيل درخواست تي قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي.
بلوچستان سان تعلق رکڻ واري هڪ صحافي، ڪيا بلوچ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عابد مير صاحب هڪ صحافي، ڪالم نگار ۽ مصنف آهي جيڪو تنقيدي تحريرن ۽ ڪهاڻين جي ڪري ڄاتو سڃاتو ويندو آهي.
هن چيو ته عابد مير جو شمار بلوچستان ۾ سرڪاري عمل دارن جي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ وارن ۾ ٿيندو آهي. هن پنهنجي قلم جي ذريعي بلوچستان جا اهي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪي مڪاني ميڊيا رپورٽ نه ڪندي آهي.
عابد مير جي گمشدگيءَ تي سوشل ميڊيا تي به ان باري ۾ ’فائينڊ عابد مير’ جي نالي سان ٽرينڊ هلايو پيو وڃي.
لاپتا بلوچ ماڻهن جي ڳولها جي لاءِ سرگرم سماجي ڪارڪن، ماه رنگ بلوچ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عابد مير هڪ ترقي پسند صحافي ۽ نالي وارو ليکڪ آهي. سندس اسلام آباد مان گمشدگي تشويش جو باعث آهي.
حفيظ بلوچ نالي هڪ صارف به عابد مير جي هڪ نظم’اندراج ڪرو، مين بلوچ هون’ تي مبني ٽوئيٽ ڪئي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته انساني حقن جي ڪارڪن، صحافي ۽ سياسي شخصيتون عابد مير کي ڳولهي لهڻ جي لاءِ آواز اٿارين.