رسائی کے لنکس

لسٻيلو: ڪوئٽا کان ڪراچيءَ ويندڙ ڪوچ کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 41 مسافر فوت


لسٻيلي ۾ پل تان هيٺ ڪريل بس جو ملبو. 29 جنوري 2023.
لسٻيلي ۾ پل تان هيٺ ڪريل بس جو ملبو. 29 جنوري 2023.

بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي جي علائقي ۾ مسافر بس کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 41 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽن کي بچايو ويو.

حب جي علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر حمزه انجم ٻڌايو آهي ته ڪوچ ڪوئٽا کان ڪراچيءَ وڃي رهي هئي جڏهن لاکڙا جي ويجهو کاهيءَ ۾ وڃي ڪري.

هن ٻڌايو ته پل تان ڪرندي ئي بس کي باه وڪوڙي وئي.

حمزه انجم چيو ته مسافر ڪوچ کي باه لڳڻ جي ڪري لاش گهڻي ڀاڱي سڃاڻپ کان چڙهي ويا آهن، جڏهن ته سڃاڻپ ڪرڻ جي لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي.

هن چيو ته اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ايڏي تيز باه ڇو ڀڙڪو کاڌو.

اسسٽنٽ ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڪوچ ۾ 40 کان وڌيڪ مسافر سوار هيا جن منجهان هڪ ٻار ۽ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو زنده بچيا آهن.

ريسڪيو 1122 جي مطابق، حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون حادثي جي هنڌ ڏانهن روانو ٿي چڪيون هيون.

مڪاني ميڊيا جي مطابق، زخمين کي وڌيڪ طبي امداد جي لاءِ ڪراچيءَ موڪليو ويو.

واضح رهي ته ماضيءَ ۾ اهڙين رپورٽن جي ايندي ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ذريعي بلوچستان جي سرحد کان ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن پيٽروليم جي مصنوعات اسمگل ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن گاڏين کي حادثي جي صورت ۾ سخت نقصان رسيو آهي، جڏهن ته تيز باه جي ڀڙڪي کائڻ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن.

حادثي جي هنڌ تي سينئر سپرانٽنڊينٽ آف پوليس (ايس ايس پي) لسٻيلي، اسرار احمد عمراڻيءَ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس ۽ ٻين ادارن بس مان 38 مسافرن جا ٻريل لاش ٻاهر ڪڍيا آهن جڏهن ته هڪ شخص بس جي ڪرڻ وقت ان منجهان ٽپو ڏنو هو، جيڪو پڻ فوت ٿي ويو.

هن چيو ته چئن زخمين کي ڪراچيءَ ڏانهن روانو ڪيو پئي ويو، جن منجهان هڪ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

هن ٻڌايو ته لاشن کي ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويندو جتي انهن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ٿيندو، ان کان پوءِ ئي وڌيڪ ڪاروائي ٿي سگهندي.

اسرار عمراڻيءَ ٻڌايو ته بس جو ڊرائيور ۽ ڪلينر به حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن.

هوڏانهن داخله جي وفاقي وزير رانا ثناالله هڪ بيان ۾ بس جي حادثي تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي، فوت ٿيڻ وارن جي پونئيرن سان عذرخواهي ڪئي آهي.

XS
SM
MD
LG