ڀارت ۾ بدناميءَ جي هڪ مامري ۾ گجرات جي مڪاني عدالت ڪانگريس جي سينئر اڳواڻ راهول گانڌيءَ کي ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي ۽ پوءِ ’لوڪ سڀا’ مان سندس رڪنيت خارج ڪرڻ جو معاملو اينگهه پڪڙي رهيو آهي. ڪانگريس ۽ مخالف ڌر جي پاران ان جي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) ان جو آڌرڀاءُ ڪري رهي آهي.
سومر ڏينهن پارليامينٽ ۾ به ان معاملي تي هنگامو ٿيو. ’لوڪ سڀا’ ۾ مخالف ڌر اسپيڪر جي ميز تي ڦاٽل ڪاغذ اڇلايا ۽ نعرا لڳايا، جنهن جي ڪري ايوان جي ڪاروائي ملتوي ڪئي وئي.
نئين دهليءَ مان ايندڙ خبرن مطابق، ڪانگريس آچر ڏينهن ملڪ جي مختلف رياستن ۾ احتجاج ڪيو هو. ڪيترن هنڌن تي ڪارڪنن مشعل بردار جلوس ڪڍيو جڏهن ته حڪومت علامتي پتلن کي ساڙيو.
ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻن جي طرفان نئين دهليءَ ۾ گانڌي جي سماڌيءَ تي احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ پارٽيءَ جي صدر ملڪ ارجن کرڪي ۽ پريانڪا گانڌيءَ سميت ڪيترن ئي اڳواڻن خطاب ڪيو جڏهن ته مخالف ڌر جي خلاف حڪومت جي مبينه ڪاروائين جي مذمت ڪئي وئي.
ميڊيا ۾ ان سوال تي بحث ٿي رهيو آهي ته ڇا راهول گانڌي جيل هليو ويندو يا اعليٰ عدالت جي پاران فيصلي تي ڪو ٻيو حڪم به اچي سگهي ٿو. ان پهلوءَ جو جائزو به ورتو ويندو ته ڇا ان فيصلي جو 2024 جي پارليماني چونڊن تي ڪو اثر پوندو؟
ڀارت جي عوامي نمائندگيءَ جي ايڪٽ مطابق جيڪڏهن ڪنهن قانون ساز کي ٻه سال قيد جي سزا ٿئي ٿي ته هو سزا ڪاٽڻ کان پوءِ وڌيڪ ڇهن سالن تائين اليڪشن وڙهڻ جو اهل نه رهندو. ان جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته جيڪڏهن راهول گانڌيءَ جي سزا برقرار رهي ٿي ته هو چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نااهل ٿي ويندو.
ڪانگريس ان فيصلي کي چوٽيءَ جي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ ڪانگريس قانوني ماهرن سان صلاح مشورو ڪري رهي آهي. عدالت ان سزا کي 30 ڏينهن تائين معطل ڪري کيس ان دوران فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.
ڪانگريس راهول گانڌيءَ جي خلاف فيصلي کي سياسي قرار ڏنو آهي ۽ وزير اعظم نريندر موديءَ تي الزام لڳايو آهي ته هو مخالف ڌر جي اڳواڻن کي نشانو بنائي رهيو آهي. ان جي مطابق، بي جي پي ملڪ ۾ مخالف ڌر جي وجود کي ختم ڪرڻ گهري ٿي.
بي جي پيءَ جي اڳواڻن راهول گانڌيءَ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فيصلو ٻڌائي ٿو ته ڪو به قانون کان مٿاهون ڪونهي.