ڪويت جو شمار زمين جي گولي تي گرم ترين ملڪن ۾ ٿيندو آهي. اربع ڏينهن ڪويت غير معمولي ڳڙي جي طوفان جي زد ۾ آيو، جنهن جي ڪري واريءَ تي برف جي سفيد چادر وڇائجي وئي.
ان بدليل لقاءَ ٻارن ۽ سندن ماءُ پيءُ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. هنن سيءَ جي هن مند جون تصويرون وڏي پيماني تي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.
ڪويت جي موسميات جي محڪمي جي هڪ اڳوڻي سربراه، محمد اڪرم اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته اسان 15 سالن دوران سرد موسم ۾ ايترو ڳڙو پوندي به ڏٺو آهي.
هن غير معمولي واقعي جي خوشي ملهائڻ وارن ڳڙي ۽ برف سان ڍڪيل ڏاکڻين ڪويت جي سڙڪن جون تصويرون ۽ وڊيوز انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هر جڳهه ڦهلائي ڇڏيون.
ڪويت سٽيءَ کان لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر (30 ميل) ڏکڻ طرف واقع ام الحيمان جي ضلعي ۾ ٻارن اسڪارف ۽ رين ڪوٽ پائي ڳڙي جي گولن سان کيڏندي وقت گزاريو.
ڪويت جي موسميات جي محڪمي چيو آهي ته اڱاري ڏينهن هاڻي تائين 63 ملي ميٽر تائين ڳڙو پئجي چڪو آهي، ليڪن هاڻي موسم صاف ٿي وئي آهي.
محمد اڪرم چيو ته کيس توقع آهي ته هن قسم جي موسمي صورت حال ٻيهر به اچي سگهي ٿي، ڇو ته موسمياتي تبديليءَ جو رجحان اهو ڪجهه ٻڌائي ٿو.
تيل جي دولت سان مالا مال هن خليجي ملڪ ۾ گرم موسم ۾ شديد گرمي پوندي آهي. سائنس دانن پيشن گوئي ڪئي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري مستقبل ۾ هي علائقو رهڻ جي قابل نه رهندو. سال 2016 ۾ هتان جي گرميءَ جي موسم ۾ درجه حرارت 54 ڊگري سيلشئس (129 ڊگري فارن هائيٽ) تائين پهچي چڪو هو.
ماحوليات متعلق محڪمي ان خطري ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته هن علائقي ۾ عام درجه حرارت 1971 کان 2100 جي دوران موجوده درجه حرارت کان اوسطا ساڍا چار ڊگريون سينٽي گريڊ وڌيڪ هيو.
(هن رپورٽ جو مواد اي ايف پيءَ تان ورتو ويو آهي)