رسائی کے لنکس

هرنائي ۾ فوج جو هيلي ڪاپٽرڪري تباه، ’بي ايل اي’ پاران نشاني بنائڻ جي دعوا


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

بلوچستان جي ضلعي هرنائيءَ ۾ فوج جو هڪ هيلي ڪاپٽر فلائنگ مشن دوران ڪري تباه ٿي ويو، جنهن ۾ ٻه پائليٽن سميت ڇهه فوجي عمل دار هلاڪ ٿيا.

پاڪستان فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آئي ايس پي آر) مطابق، آچر جي رات فوج جو هڪ هيلي ڪاپٽر فلائنگ مشن دوران هرنائيءَ ۾ فني خرابيءَ جي ڪري ڪري تباه ٿيو.

ڪوئٽا مان غلام مرتضي زهريءَ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هيلي ڪاپٽر ڪنهن مشن تي هو ۽ ڪرڻ کان گهڻيءَ دير پوءِ فوج جا اهل ڪار اتي پهچي سگهيا، ان حوالي سان آئس ايس پي آر تفصيل جاري نه ڪيا آهن.

آئي ايس پي آر مطابق، هيلي ڪاپٽر ۾ پائليٽ ميجر محمد منيب افضل، پائليٽ ميجر خرم شهزاد، نائيڪ جليل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب سوار هيا.

هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جو ٻيو واقعو

هلندڙ سال بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج جي هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جو هيءُ ٻيو پراسرار واقعو آهي. ان کان اڳ، گزريل مهيني ٻوڏ متاثرين جي لاءِ لسٻيلي ۾ رليف آپريشن ۾ مصروف هيلي ڪاپٽر مبينه فني خرابيءَ جي ڪري تباه ٿيو هو.ان واقعي ۾ ڪور ڪمانڊر، ليفٽيننٽ جنرل سرفراز سميت ڇهه فوجي آفيسر هلاڪ ٿيا هيا.

هرنائي شورش زده علائقو

هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جو هيءُ تازو واقعو ضلعي هرنائيءَ ۾ پيش آيو جنهن جو شمار مبينه طور تي صوبي جي شورش جي شڪار علائقن ۾ ٿئي ٿو. هرنائي ۾ ماضيءَ ۾ بلوچ عسڪريت پسندن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون آهن.

ٻه مهينا اڳ جولاءِ ۾ زيارت ۽ هرنائي جي پهاڙي سلسلي ۾ فوج جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) سان وابستا آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق مرزا بيگ ۽ سندس مائٽن کي اغوا ڪيو ويو هو. بعد ۾ سندن لاش برآمد ٿيا هيا. ان واقعي جي ذمه داري ڪالعدم بلوچ عسڪريت پسند تنظيم، بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي هئي.

هن واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ڪاروائي ڪندي ڊي ايڇ اي جي آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق بيگ مرزا ۽ سندس سئوٽ جي مارجي وڃڻ ۾ ملوث نون ڄڻن کي هلاڪ ڪرڻ جي دعوا ڪئي هئي.

سي ٽي ڊي جو انتباه

گزريل ڏينهن دوران بلوچستان جي پوليس جي انسداد دهشت گرديءَ جي کاتي (سي ٽي ڊي) جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آئي جي) هڪ سرڪاري بيان جاري ڪندي ان ڳالهه جو انديشو ظاهر ڪيو هو ته ڪالعدم تنظيمن پاران تخريبي ڪاروائيءَ جو انديشو آهي، جنهن ۾ سرڪاري آفيسرن جي اغوا جو ممڪنه واقعو ٿي سگهي ٿو.

ضلعي هرنائيءَ ۾ سيڪيورٽي تي لڳل ليويز فورس جي اعلي آفيسر وائس آف آمريڪا کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آچر ۽ سومر جي رات 12 بجي کين اطلاع مليو ته فوج جو هڪ هيلي ڪاپٽر ڪري تباه ٿيو آهي.

ليويز فورس جي اهل ڪار فون تي گفتگو ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته کوسٽ ۾ شين ليزه جي علائقي ۾ مقامي ماڻهن ٻڌايو ته رات جو هڪ هيلي ڪاپٽر جبل جي ٻئي پاسي وڃي رهيو هو جڏهن ڪجهه لمحي کان پوءِ هڪ ڌماڪي جو آواز آيو ۽ دوهون اٿندي نظر آيو.

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر جي تباه ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ سيڪيورٽي فورسز جا عمل دار گشت ڪري رهيا آهن.

اغوا جو انديشو

ليويز جي آفيسر مطابق آچر جي شام ويل هرنائيءَ ۾ زردالو جي مقام تي اهڪ ٽرڪ خراب ٿي جنهن کان پوءِ اتي ٽريفڪ جام ٿيو ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون.

هن ٻڌايو ته اطلاع موصول ٿيا هيا ته ٽريفڪ جام دوران پهاڙن مان عسڪريت پسند آيا ۽ هڪ ڪار ۾ سوار ٻن ماڻهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيائون. ڪن اطلاعن مطابق انهن کي اغوا ڪيو ويو، التبه سرڪاري طور تي ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

هرنائيءَ ۾ هيلي ڪاپٽر جي واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙ اهل ڪارن جا لاش ڪوئٽا ۾ ڪمبائينڊ ملٽري هاسپيٽل (سي ايم ايڇ) منتقل ڪيا ويا. بعد ۾ سندن نماز جنازه پڙهي وئي جنهن ۾ اعلي عهديدار شريڪ ٿيا.

بي ايل اي پاران هيلي ڪاپٽر ڪيرائڻ جي دعوا

ٻئي پاسي، پابندي لڳل بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) فوج جي هيلي ڪاپٽر ڪيرائڻ جي دعوا ڪئي آهي. بي ايل اي جي ترجمان جنيد بلوچ ابلاغ جي ذريعن کي اي ميل ذريعي اها به دعوا ڪئي ته بي ايل اي جي عسڪريت پسندن هرنائيءَ جي علائقي زردالو جي ويجهو ڪاروائيءَ ۾ پاڪستان جي ٻن سيڪيورٽي عمل دارن کي حراست ۾ ورتو آهي.

بي ايل اي مطابق، جنهن وقت انهن ٻن سيڪيورٽي عمل دارن کي حراست ۾ ورتو ويو پاڪستان جي فوج جو هيلي ڪاپٽر اتي پهچي ويو. بي ايل اي ويڙهاڪن هرنائي کوسٽ جي علائقي جي ويجهو هيلي ڪاپٽر کي ڪيرايو.

XS
SM
MD
LG