رسائی کے لنکس

افغان اثاثا جاري ڪيا وڃن، علائقائي ملڪن جو آمريڪا تي زور


ڪابل جي هڪ بينڪ جي ٻاهران ماڻهن جو ميڙ. 13 فيبروري 2022. (فائيل فوٽو)
ڪابل جي هڪ بينڪ جي ٻاهران ماڻهن جو ميڙ. 13 فيبروري 2022. (فائيل فوٽو)

اربع ڏينهن ماسڪو ۾ منعقد گهڻ طرفي اجلاس ۾ شريڪ نمائندن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته افغانستان جي مرڪزي بينڪ جي اثاثن کي جاري ڪيو وڃي ۽ طالبان حڪمرانن تي زور ڀريو ته عورتن جي افغانستان جي عام زندگيءَ ۽ تعليم پرائڻ تائين رسائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي.

ان اجلاس کي روس پاران افغانستان جي باري ۾مشاورت جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ چين، پاڪستان، ڪرغيزستان، ايران، ڀارت، تاجڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي نمائندن شرڪت ڪئي.

پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ روس جي خصوصي صدارتي ايلچي، ضمير ڪابلوف چيو ته پهريون دفعو افغان نمائندن جي شرڪت کان سواءِ هي اجلاس ٿي رهيو آهي.

ڪابلوف چيو ته اجلاس ثابت قدميءَ سان آمريڪا ۽ سندس اتحادين کان مطالبو ڪري ٿو ته افغانستان جا قومي اثاثا بنان ڪنهن شرط جي جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي طالبان عهديدارن کي فراهم ٿي سگهن ته جيئن انهن کي آزاد مالي ۽ اقتصادي پاليسي جاري ڪرڻ لاءِ پنهنجو قانوني حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ميسر اچي سگهي’’.

هن ان ڳالهه تي پنهنجي تشويش جو اظهار ڪيو ته طالبان ملڪ جي انتظام کي هلائڻ لاءِ اهڙي جامع حڪومت نه ٺاهي سگهيا آهن جنهن ۾مختلف نسلن ۽ سياسي جماعتن سان واسطو رکندڙ موجود هجن. هن ڏس ۾ سندس حوالو ملڪ جي ڏتڙيل افغان اقليتي گروپ ڏانهن هيو. ڪابلوف چيو ته اهڙي قسم جي حڪمراني جي مدد سان افغانستان ۾ حقيقي قومي مصالحت متعارف ٿي سگهي ٿي.

روسي عهديدار طالبان کي سندن ملڪ ۾ هڪ دهشت گرد گروپ ۽ زور آور خيال ڪن ٿا. ماسڪو طالبان کي روس ۾ افغان سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

طالبان آگسٽ 2021 ۾ اقتدار تي ان وقت قبضو ڪيو جڏهن بين الاقوامي مدد سان هلندڙ افغان حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ آمريڪي اڳواڻيءَ واري غير ملڪي فوج افغانستان مان واپس ٿي.

اسلام آباد مان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي، اياز گل ٻڌايو آهي ته اربع ڏينهن روس جي گاديءَ واري هنڌ منعقد ٿيندڙ ان اجلاس ۾اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته گزريل سال ماسڪو جي مشاورتي اجلاس ۾ طالبان جي وفد کي مدعو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شريڪ ملڪن نون افغان حڪمرانن سان عملي رابطي جي لاءِ طئي شده اصولن تحت هلڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پاڪستان جي نمائندي، محمد صادق چيو هو ته جامع سياسي سوچ اڳتي وڌائڻ، دهشت گرديءَ کي ٻنجهو ڏيڻ ۽ افغانن جي حقن کي سربلند ڪرڻ ضروري آهي، جن متعلق رابطي جي اصولن ۾ زور ڏنو ويو هو ته عورتن جا حق مڃيا ويندا. ليڪن، طالبان انهن معاملن تي ڪا پيش رفت نه ڏيکاري آهي.

هن چيو ته اها ڳالهه سڀني جي شموليت جي سوال منجهان ئي ظاهر ٿي وڃي ٿي. بدقسمتيءَ سان هن ڏس ۾ ڪا خاص پيش قدمي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي’’.

پاڪستان جي ايلچيءَ چيو ته ’’افغان عبوري حڪومت پاران دلاسن جي باوجود عورتن ۽ نينگرين جا حق لتاڙيا پيا وڃن، بجائي انهن کي هٿي ڏيڻ جي. افغانستان ۾ دهشت گرد تنظيمن جا نقش قدم مڪمل طور تي ميسارڻ جو ڪم اڃان باقي آهي’’.

شريڪ ملڪن جي وفدن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چئن ڏهاڪن جي لڙائي ۽ خون ريزيءَ کان پوءِ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته افغانن جي مدد ڪئي وڃي جنهن سلسلي ۾ عالمي برادريءَ کي افغانستان سان مسلسل لهه و چڙهه ۽ تعاون ڪرڻو پوندو.

ڪابل تي طالبان جي قبضي کان پوءِ آمريڪا ۽ مغربي طاقتن افغانستان جي مالي مدد معطل ڪري ڇڏي. بعد ۾ بائيڊن انتظاميا بينڪاريءَ جي شعبي تي پابنديون لڳائي ڇڏيون ۽ 7 ارب ڊالرن جي افغان مرڪزي بينڪ جي غير ملڪي اثاثن کي منجمد ڪري ڇڏيو ته جيئن اها رقم اسلام نواز گروپ جي هٿ نه چڙهي سگهي، جڏهن ته ٻن ارب ڊالرن جي رقم يورپ ۾ منجمد آهي.

XS
SM
MD
LG