ڪجهه عرصي کان سنڌ جي مختلف علائقن ۾جماعت احمديه جي عبادت گاهن تي حملن، ٽوڙ ڦوڙ ۽ انهن کي باه ڏيڻ جا واقعا پيش آيا آهن.
ڪراچي، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ حملن کان پوءِ مقدما درج ڪيا ويا. جماعت احمديه جي ترجمان مطابق، انهن حملن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي.
هن چيو ته ان نوعيت جا تازا واقعا ٻي فيبروريءَ تي ڪراچيءَ جي علائقي صدر ۾ پيش آيا، جڏهن شر پسندن احمديه هال جو مينار ٽوڙي ڇڏيو.
جماعت احمديه جي ترجمان الزام مڙهيو ته توڙ ڦوڙ جا اهي واقعا پوليس جي موجودگيءَ ۾ ٿيا.
اهڙيءَ ريت ٻئي واقعي ۾ ٽين فيبروريءَ تي عمر ڪوٽ جي نورنگر علائقي ۾ ڪجهه نامعلوم ماڻهن ڀت ٽپي جماعت احمديه جي عبادت گاه ۾ داخل ٿيا ۽ مبينه طور تي پيٽرول ڇٽي عمارت کي باه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ عبادت گاه جي هال ۾ موجود صفون ۽ ڪرسيون سڙي ويون.
ساڳئي ڏينهن ٻيو واقعو ميرپورخاص جي ڳوٺ چوڌري جاويد احمد ۾ پيش آيو جتي مبينه طور تي نامعلوم ماڻهن جماعت احمديه جي عبادت گاه جي منارن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ عبادت گاه کي باه ڏئي ڇڏي.
جماعت احمديه مطابق، ميرپورخاص شهر جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ به چوٿين فيبروريءَ تي ساڍي اٺين وڳي شام جو نامعلوم ماڻهن جماعت احمديه جي عبادت گاه تي مبينه طور تي فائرنگ ڪئي جنهن جون گوليون دروازن ۽ ڀتين تي لڳيون. ليڪن هن واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
ان کان اڳ 18 جنوريءَ تي ڪراچيءَ جي علائقي مارٽن ڪوارٽرز ۾ به اهڙي ئي هڪ ڪاروائيءَ ۾ ڪن ماڻهن مبينه طور تي ڏاڪڻ لڳائي جماعت احمديه جي عبادت گاه ۾ داخل ٿي منارن کي نقصان پهچايو، جڏهن ته پوليس اتي پهتي پر حملو ڪندڙ واردات جي هنڌ تان فرار ٿي ويا.
مقدما درج ڪيا ويا آهن، قانون مطابق ڪاروائي ٿيندي
سنڌ حڪومت جي ترجمان، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پوليس انهن واقعن تي مقدما درج ڪري ورتا آهن ۽ قانون جي مطابق ملزمن جي خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. ليڪن، هينئر تائين واقعن ۾ ملوث ملزمن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ ٿيڻ وارن انهن تازن واقعن جي ڪري صوبي ۾ رهڻ واري جماعت احمديه جي عدم تحفظ جي احساس ۾ واڌ آئي آهي.
’حملا سوچي سمجهي سازش معلوم ٿين ٿا’
پاڪستان ۾ احمديه برادريءَ جي ترجمان عامر محمود وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي انهن حملن کي ’’هڪ منظم ۽ سوچي سمجهي اسڪيم’’ قرار ڏنو آهي.
هن مطالبو ڪيو ته حڪومت جماعت احمديه سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن ۽ عبادت گاهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي.
عامر محمود چيو ته رياست جو اهو فرض آهي ته اها ان باري ۾ پنهنجي ذمي داري پوري ڪري. ان سلسلي ۾ هن 2014 ۾ جسٽس تصدق حسين جيلانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ بينچ جي پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم جو به حوالو ڏنو.
ان جي مطابق، ان فيصلي ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن اصولن تحت عبادت گاهن جي تحفظ جي لاءِ اسپيشل ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي لاءِ چيو هو، جنهن تي اڄ سوڌو عمل نه ڪيو ويو آهي.
عامر محمود چيو ته عبادت گاهن جي حفاظت نه سرف رياست جي ذمي داري آهي بلڪه ان سان گڏ معاشري جي سمجهدار ماڻهن جو فرض آهي ته اهي ان حوالي سان شعور اجاگر ڪن ۽ ڪنهن تفريق کان سواءِ عبادت گاهن ۽ جان ۽ مال جي تحفظ يقيني بنائن.
جماعت احمديه جي عبادت گاهن کي نشانو بنائڻ تي انساني حقن جا مختلف گروه ۽ سرگرم ڪارڪن به پنهنجي تشويش جو اظهار ڪري رهيا آهن.
(محمد ثاقب جي رپورٽ)