رسائی کے لنکس

آمريڪا ۾ 2035 تائين 80 في صد شهري ميت جي ساڙڻ کي ترجيح ڏيندا، رپورٽ


ميت کي ساڙڻ کان پوءِ ملڻ واري يادگاري خاڪ (فائي فوٽو)
ميت کي ساڙڻ کان پوءِ ملڻ واري يادگاري خاڪ (فائي فوٽو)

آمريڪا ۾ نيشنل فيونرل ڊائيريڪٽرز ايسوسي ايشن هڪ رپورٽ ۾ پيشن گوئي ڪئي آهي ته 2035 تائين لڳ ڀڳ 80 في صد آمريڪي پنهنجي آخري رسمن ۾ ميت جي ساڙڻ کي ترجيح ڏيندا.

آمريڪا جي رياست، پنسلوانيا جي شهر لنڪاسٽر ۾ 1876 ۾ جڏهن مردن کي ساڙڻ واري پهرين ڪمپني کولي وئي ته سندس خالق ۽ آپريٽر، فرانسس ليموئن کي ڪيٿولڪ چرچ تنقيد جي نشانو بنايو هو.

ميت کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو هي نئون طريقو خطرناڪ سمجهو ويندو هيو ڇوته ان سان روايتي مذهبي تدفين ۽ معاشري جي اخلاقي قدرن جي احساس لاءِ خطرو پيدا ٿيو. سو سالن جي عرصي کان پوءِ 1963 ۾ مصنفه جسڪا مٽ فورڊ جي سڀني کا وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب دي آمريڪن وي آف ڊيٿ لکي ته جيئن آمريڪين کي پنهنجي ان تجربي کان آگاه ڪيو وڃي ته هن موت ۽ موت جي خوف ناڪ تجارت ۾ ڇا ڪجهه ڏٺو.

يادگاري جنازن جي ڊائريڪٽرن قبرستانن ۽ ٻين متعلقه پيشن تي ڪڙي تنقيد ڪرڻ کان پوءِ ميت کي ساڙڻ جي حق ۾ راءِ ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو. ليڪن 1970 تائين آمريڪا جي ڪريميشن ايسوسي ايشن جي انگن اکرن مطابق صرف پنج في صد آمريڪي اهڙي قسم جي رسمن جي طريقي جي حق ۾ هيا، ليڪن 2020 ۾ 56 في صد کان وڌيڪ آمريڪين ان طريقي کي بهتر قرار ڏنو.

آخر ان حد تائين ڊرامائي تبديليءَ جو سبب ڇا آهي؟ هڪ آمريڪي تاريخ دان ۽ مصنف لڳ ڀڳ 30 ورهن کان پوءِ ڪتاب ڇا قبرستان مرده آهن؟ ۾ لکيو آهي ته کيس ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي ته ماڻهو پنهنجي حالتن جي لحاظ سان مختلف سببن جي ڪري ميت کي ساڙڻ جو فيصلو ڪندا آهن، جن منجهان هيٺيان ٽي سبب قابل ذڪر آهن.

پهرين وجه بيان ڪندي هن لکيو آهي ته جنازي ۽ زمين ۾ دفنائڻ تي خرچ وڌيڪ ٿو اچي. جڏهن ته ان جو دارومدار خرچ، جاءِ ۽ مقام جي لحاظ سان مختلف هوندو آهي. عالمي آبادي جي جائزي مطابق خاندان جنازن کي دفنائڻ تي سراسري طرح اٺ هزار آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪندا آهن. مسي سيپي ۾ اهو خرچ لڳ ڀڳ ساڍا ڇهه هزار ڊالر آهي، جڏهن ته رياست هوائيءَ ۾ ان تي خرچ 15 هزار ڊالرن کا ڪجهه گهٽ آهي.

ان خرچ جي ڀيٽ جيڪڏهن ميت کي ساڙڻ سان ڪئي وڃي ته هي هڪ هزار کان ٻه هزار ڊالر تائين آهي، جنهن ۾ شمشان گهاٽ يا جنازي جو ڊائريڪٽر لاش کي ساڙڻ کان پوءِ جي ڪنهن به خدمت تي ٻڌل نه هوندا آهن. هي انگ اکر آخري رسمن ۾ درج آهن. انهن جي ڀيٽ پارٽنگز ڊاٽ ڪام ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

ليڪن ڪيترائي ماڻهو گهٽ خرچ واري رسمن جو انتخاب نه ٿا ڪن. نيشنل فيونرل ڊائريڪٽرز ايسوسي ايشن مطابق، باه جي حوالي ڪيل ميتن تي ايندڙ خرچ ڇهه هزار ڊالرن کان مٿي هو. هيءَ رقم يقيني طور تي بچت آهي، ليڪن ايڏي وڏي رقم ناهي جنهن جي باري ۾ ڪيترا ئي ويب سائيٽس دعوا ڪندا آهن.

ميت کي ساڙڻ جو ٻيو سبب ماحولياتي اثرات کي قرار ڏنو ويو آهي. هيءَ ڳالهه واضح آهي ته جنازي تي ايندڙ خرچ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، البته ثقافتي طريقن سان ايتري تيزيءَ سان تبديلي فيصله ڪن عنصر ناهي. ٻيو عنصر ماحولياتي سوچ جو آهي جنهن ۾ لاش کي تابوت ۾ وجهي دفنايو ويندو آهي.

آمريڪا جي پائيدار ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ واري زمين جي زيبائش جي ماهر، الگزينڊرا پارڪر چيو آهي ته اهڙي قسم جي قبرستانن ۾ تدفين جي باري ۾ مونجهه زمين جي استعمال کان وٺي انهن طريقن تائين آهي جن جي ذريعي لاش کي تيار ڪيو ۽ دفنايو ويندو آهي.

ڪجهه ماڻهو ماحولياتي اثرات جي باري ۾ گهڻا پريشان آهن. دفنائڻ جي روايتي ڪم ۾ جسم کي خوشبو لڳائڻ جي ضرورت پوندي آهي. لاش کي تابوت ۾ رکيو ويندو آهي، جيڪو اڪثر سخت ڪاٺيءَ يا اسٽيل سان ٺهيل هوندو آهي. جنهن کان پوءِ گهڻن هنڌن تي ان کي ڪنڪريٽ يا اسٽيل جي قبر ۾ لاٿو ويندو آهي ۽ ارد گرد جي لان کي عام طور تي ڪيڙي مار دوائن جي استعمال سان سائو رکيو ويندو آهي. لڳ ڀڳ 15 لک لاشن کي دفن ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيو ته آمريڪا ۾ هزارين ٽن ٽامو، پتل ۽ اسٽيل، اٺ لک گيلن کان وڌيڪ پاڻيٺ ۽ لکين فٺ ڪاٺي ان عمل ۾ استعمال ٿيندي آهي.

خبر رسان اداري، اي پي جي هڪ رپورٽ مطابق، ميت کي ساڙڻ تي قدرتي گيس جو استعمال ڪندي جسم کي باه ڏني ويندي آهي، جنهن کي ماحولياتي طور تي ايترو حساس نه سمجهو ويندو آهي جيترو ٻين روايتن کي سمجهو ٿو وڃي.

ميت کي ساڙڻ جو رجحان ٽيون عنصر آهي، جيڪو مذهبي ادارن کان ماڻهن جي رابطن ۾ گهٽائيءَ جو سبب آهي، جيڪو کين قبرستان کان پري ڪري ڇڏيندو آهي. سال 1999جي مقابلي ۾ 2021 ۾ صرف 47 في صد آمريڪين جو تعلق چرچ، عبادت گاه يا مسجد سان هيو، جڏهن ته 70 کان وڌيڪ بالغ ماڻهو جو چوڻ هو ته انهن مذهبي ادارن منجهان ڪنهن هڪ سان سندن تعلق آهي.

نوجوان آمريڪين جو وڌندڙ تعداد انهن مذهبي ادارن سان منسلڪ ناهي جتي سندن ڏاڏو، ڏاڏي ۽ ماءُ پيءُ شامل آهن، جنهن جو ثبوت سڙڪ جي ڪناري قبر، يادگاري ٽيٽو يا ٻي ڪا روايت شامل هو.

گهڻي ڀاڱي آمريڪي هاڻي ميت کي ساڙڻ کي آزمائش جي طور تي قبول ڪري رهيا آهن. ڪن ماڻهن مطابق، کين اهو اختيار پسند آهي جنهن سان انساني باقيات کي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي، گهر ۾ رکيو وڃي، جهنگن، پارڪن، سمنڊن يا ندي نالن ۾اڇلايو وڃيِ.

(هن خبر ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG