رسائی کے لنکس

مڊٽرم چونڊون: ريپبلڪنز ايوان نمائندگان ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي


ڪيلي فورنيا جي رياست مان منتخب ريپبلڪن پارٽيءَ جو ميمبر، ڪيون ميڪ ڪارٿي. 14 نومبر 2022.
ڪيلي فورنيا جي رياست مان منتخب ريپبلڪن پارٽيءَ جو ميمبر، ڪيون ميڪ ڪارٿي. 14 نومبر 2022.

آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ مخالف ڌر جي جماعت، ريپبلڪن پارٽيءَ اربع جي ڏينهن 218 سيٽون حاصل ڪري معمولي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

اٺين نومبر تي ٿيڻ وارين وچين مدت جي انتخابات جي سمورن نتيجن ۾ اڃان ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو ڇو ته ڪيترن ئي حلقن ۾ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل اڃان جاري آهي.

خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، 435 ميمبرن تي مشتمل ايوان نمائندگان ۾ ڪنهن به جماعت کي برتري حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 218 سيٽون درڪار هيون ۽ اربع جي ڏينهن ريپبلڪن پارٽيءَ گهربل انگ حاصل ڪري ورتو آهي.

حڪمران جماعت ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي ايوان ۾ هاڻي تائين 211 سيٽون مليون آهن. اهڙي طرح، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ اٺ سيٽون هاريون آهن.

وچ مدتي چونڊن کان اڳ ايوان ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي ريپبلڪن پارٽي تي نون سيٽن جي برتري حاصل هئي.

جيڪڏهن ريپبلڪن پارٽي ايوان نمائندگان ۾ پنهنجي سرسي جاري رکي سگهي ته ان صورت ۾ صدر جو بائيڊن ۽ سندس انتظاميا جي لاءِ مشڪلون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته بائيڊن جي مواخذي جو امڪان به ٿي سگهي ٿو.

ايوان نمائندگان ۾ اڳ ڪڍڻ کان پوءِ ريپبلڪن پارٽي اهم ڪميٽين جو ڪنٽرول سنڀالي وٺندي. ان کي قانون سازي ڪرڻ ۽ صدر بائيڊن، سندس خاندان ۽ انتظاميا جي خلاف تحقيقات ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو.

ڪي ريپبلڪن ميمبر صدر جي پٽ، هنٽر بائيڊن جي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاروبار جي معاملن جي پڇا ڳاڇا ۾ دلچسپي رکن ٿا.

وچين مدت وارين چونڊن کان اڳ ريپبلڪن پارٽيءَ ملڪ کي درپيش اقتصادي چيلينجن ۽ صدر بائيڊن جي گهٽجندڙ مقبوليت مان فائدو وٺندي ايوان نمائندگان ۾ وڏي تعداد ۾ سيٽون حاصل ڪرڻ جي اڳ ڪٿي ڪري رهيا هيا. ليڪن کين ملڻ واريون سيٽون اميد کان ڪافي گهٽ آهن.

هوڏانهن ايوان نمائندگان مان منظور ٿيڻ واري ڪنهن به بل کي سينيٽ جي منظوري ملڻ مشڪل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڇنڇر ڊيموڪريٽس اڪثريت حاصل ڪئي هئي.

سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽ ميمبرن جو تعداد 50 ۽ ريپبلڪنز جو 49 آهي. ٻئي جماعتون هاڻي جارجيا ۾ ڇهين ڊسمبر تي سينيٽ جي انتخاب کي ايوان ۾ برتري حاصل ڪرڻ جي لاءِ آخري موقعي جي طور تي ڏسي رهيون آهن.

ايوان نمائندگان ۾ سرسي حاصل ٿيڻ کان پوءِ اسپيڪر جو انتخاب سڀ کان اهم آهي جنهن جي لاءِ ريپبلڪن پارٽيءَ جي پاران ڪيون ميڪ ڪارٿي ڪوشش ۾ لڳل آهي.

ليڪن مڊٽرم انتخابات جا نتيجا ميڪ ڪارٿيءَ جي اسپيڪر ٺهڻ جي منصوبي کي مشڪل ۾ وجهي سگهن ٿا، ڇو ته ڪجهه قدامت پسند ميمبر اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته ڇا سندس حمايت ڪئي وڃي يا سندس حمايت جي لاءِ شرط وڌا وڃن.

XS
SM
MD
LG