رسائی کے لنکس

ڀارت ۾ معاشي اڻ برابري، ارب پتي شخصيات جي تعداد ۾ واڌارو


ڀارتي ارب پتي، گوتم آڏاڻي (فائيل فوٽو)
ڀارتي ارب پتي، گوتم آڏاڻي (فائيل فوٽو)

نئين دهليءَ جي هڪ غير منافع بخش خانگي اداري، ’آڪسفيم انڊيا’ سومر ڏينهن پنهنجيءَ هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ جي مجموعي دولت جو 40.5 في صد حصو هڪ في صد امير فردن جي هٿ ۾ آهي، جڏهن ته 50 في صد آباديءَ وٽ مجموعي دولت جو رڳو هڪ في صد آهي.

آڪسفيم جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته 2020 ۾ ڀارت ۾ ارب پتي ماڻهن جو تعداد 102 هيو جيڪو 2021 ۾ وڌي 142 ۽ 2022 ۾ 166 ٿي ويو. ان جي برعڪس ملڪ ۾ 22 ڪروڙ 89 لک ماڻهو غربت جو شڪار آهن.

رپورٽ جي مطابق ملڪ جي 100 امير ماڻهن وٽ 54 هزار ارب کان وڌيڪ روپيا آهن، جڏهن ته ڏهه نمايان امير ترين شخصن وٽ 27 هزار ارب روپيا آهن. سال 2021جي مقابلي ۾ انهن امير ترين شخصيات جي دولت ۾ 32.8 في صد جي واڌ ٿي آهي.

تجزيه ڪارن جي مطابق ڀارت جتي دنيا جي تيز رفتار معيشت آهي اتي ڀارت اهو ملڪ آهي جتي عوام جي وچ ۾ معاشي اڻ برابري تمام گهڻي آهي.

سينئر اقتصادي تجزيه ڪارجينتو رائي چوڌري چيو آهي ته عالمي وبا ڪرونا وائرس جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جو روزگار ختم ٿيو پر وڏي ۽ وچين درجي جي واپارين کي گهڻو نقصان نه ٿيو آهي، ليڪن ننڍن واپارين کي تمام گهڻو نقصان پهتو.انهيءَ دوران وڏن واپارين وبا جي دوران به تمام گهڻو پيسو ڪمايو.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا جي ستن وڏين معاشي طاقتن ڪرونا وبا جي اثر کان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ پيسو لڳايو ۽ سمورو پيسو شيئر مارڪيٽ يا ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروبار تي لڳو رهيو، جنهن سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمي تيز ٿي.

سندس خيال ۾ پيسي جي مارڪيٽ ۾ اچڻ جي ڪري وڏن تاجرن جي ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت وڌي وئي ۽ ان کان پوءِ اميرن جي دولت ۾ به واڌ آئي، ليڪن ان جو ٻيو پهلو اهو آهي ته ڪرونا جي وبا کان پوءِ جي صورت حال جتي اميرن کي وڌيڪ امير ڪيو اتي غريب وڌيڪ غريب ٿي ويا.

آڪسفيم جي رپورٽ ۾ معاشي اڻ برابريءَ جو هڪ سبب ٽيڪس جي نظام ۾ موجود خامين کي به قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ مطابق اميرن جي ڀيٽ ۾ غريب وڌيڪ ٽيڪس ڏيندا آهن. هلندڙ سال غذائي ۽ ٻين شين منجهان جيڪو ٽيڪس حاصل ٿيو ان جو 64.3 في صد غريب ۽ وچين طبقي کان ڪٺو ڪيو ويو.

حڪومت ننڍين ننڍين شين تي به محصول وڌائي ڇڏيو

رپورٽ جي مطابق، ڀارت ۾ انڪم ٽيڪس جي شرح آمدني تي مبني هوندي آهي. ان جي ڪري سڌي سنئين ٽيڪس سڀني تي هڪ جيتري هوندي آهي، چاهي انهن جي ڪمائي ڪيتري به هجي. ’ويليو ايڊيڊ ٽيڪس’ تي گهڻو انحصار اڻ برابريءَ ۾ واڌ آڻي ٿو. ان ۾ غريبن کي آمدنيءَ جو وڏو حصو حڪومت کي ٽيڪس جي شڪل ۾ ڏيڻو پوندو آهي.

تجزيه ڪارن چيو آهي ته ڪرونا وبا کان پوءِ حڪومت ننڍين ننڍين شين جيئن ته ماچيس، ميڻ بتي، کير، بسڪوٽ تي ٽيڪس وڌايو، ايتري حد تائين جو مانيءَ تي به 18 في صد ٽيڪس عائد ڪيو ويو.

(سهيل انجم جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG