رسائی کے لنکس

هٿياربند فوج تي تنقيد ڏوهه قرار نه ڏنو وڃي، صحافتي آزاديءَ جي اداري جو مطالبو


رپورٽرز ودائوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) جي پريس 2022 انڊيڪس
رپورٽرز ودائوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) جي پريس 2022 انڊيڪس

رپورٽرز ودائوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) پاڪستان جي وزير اعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو هٿياربند فوج تي تنقيد کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي ڪنهن ارادي کي فوري طور تي روڪي، ڇو ته ان جي ڪري صحافتي آزاديءَ کي خطرو آڏو اچي سگهي ٿو.

سندس بقول، تجويز ڪيل نئين قانون جا لفظ تمام غير واضح آهن ۽ ان جو اثر هلندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ ’’هاڃيڪار’’ ثابت ٿي سگهي ٿو.

فوج تي تنقيدي تبصري تي پنج سال قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي، جيڪا قانون ۾ ٿيندڙ ترميم جي ڪري عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي.

اطلاع مطابق، وفاقي حڪومت اهو ترميمي مسودو منظوريءَ جي لاءِ پارليامنٽ ۾ پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.

پينل ڪوڊ ۾ ترميم جي مسودي ۾ جنهن کي رپورٽرز دوائوٽ بارڊرز ڏٺو آهي، هڪ نئون سيڪشن اي 500 تجويز ڪيو ويو آهي جنهن جي ذريعي عدالت يا پاڪستان فوج يا ان جي ڪنهن ميمبر جي مذاق اڏائڻ يا اسڪينڊلائيز ڪرڻ جي ارادي سان بيان ڏيڻ يا ان کي ڦهلائڻ ڏوهه قرار ڏنو ويندو جنهن تي پنج سال قيد يا ڏهه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي.

رپورٽرز ودائوٽ بارڊرز چيو آهي ته اها ترميم فوجداريءَ جي ضابطي تي به لاڳو ٿيندي، جنهن ۾ شامل ٿيندڙ هڪ نئين شق جي ڪري پوليس ڪنهن به فرد کي پوليس وارنٽ ڏيکارڻ کان سواءِ گرفتار ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ان کي جيل موڪليو ويو ته عدالت کان ٻاهر ڪنهن فيصلي جي صورت ۾ به ضمانت يا رهائيءَ کان انڪار ٿي سگهي ٿو.

آر ايس ايف جي ايشيا پيسيفڪ ڊيسڪ جي سربراه، ڊينئل بسٽرڊ چيو آهي ته اسان وزير اعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو ان تجويز ڪيل ترميم کي فوري طور تي رد ڪري جنهن جي ڪري هر قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا.

هن چيو ته قانوني مسودي جي غير واضح هجڻ جي ڪري پوليس کي صحافين جي خلاف حد کان وڌيڪ انتظامي اختيار ملي ويندا ۽ اهو قانون واضح طور تي صرف هٿياربند فوج جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي تبصري کي روڪڻ جي لاءِ آندو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اها قانوني ترميم اهڙي وقت ڪئي پئي وڃي جڏهن پاڪستان ۾ ايندڙ مهينن ۾ عام چونڊون متوقع آهن ۽ اهڙين ترميمن ڪرڻ سان جمهوري عمل جي راه ۾ سخت رڪاوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي.

تجويز ڪيل ترميم جي باري ۾ انسٽي ٽيوٽ فار رسرچ، ايڊوڪيسي اينڊ ڊولپمينٽ جي سربراه، محمد آفتاب عالم چيو آهي ته کيس حڪومتي ادارن جي باري ۾ ڪا ڀل ڪانهي.

هن رپورٽرز ودائوٽ بارڊرز سان ڳالهائيندي چيو ته تجويز ڪيل ترميم پاڪستان ۾ هتڪ عزت ۽ اظهار جي آزاديءَ تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ جاري مهم جو حصو لڳي ٿي.

محمد آفتاب عالم چيو ته هي قانون منظور ٿيڻ جي صورت ۾ عام طور تي اظهار جي آزادي ۽ خاص طور تي صحافتي آزاديءَ تي تمام هاڃيڪار اثر پئجي سگهي ٿو.

XS
SM
MD
LG