روس جي پرڏيهي وزارت جي هڪ چوٽيءَ جي عهديدار چيو آهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادين جا تجارتي سيٽلائيٽ يوڪرين جي جنگ ۾ ملوث هئڻ جي صورت ۾ روس جي لاءِ انهن کي نشانو بنائڻ جائز هوندو.
روس 1957 ۾ انسان جو جوڙيل پهريون سيٽلائيٽ يا مصنوعي سياريو’اسيپوتنڪ ون’ خلا ۾ موڪليو هو ۽ ان کان پوءِ 1961 ۾ پهريون انسان بردار راڪيٽ خلا ۾ روانو ڪيو هو. آمريڪا ۽ چين وانگر روس نمايان جارحانه خلائي اهليت جو مالڪ آهي.
سال 2021 ۾ روس پاڻ پنهنجي هڪ سيٽلائيٽ کي تباه ڪرڻ جي لاءِ اينٽي سيٽلائيٽ ميزائيل لانچ ڪيو هو.
روس جي پرڏيهي وزارت هٿيارن جي عدم ڦهلاءَ ۽ ڪنٽرول جي محڪمي جي معاون سربراه، ڪونسٽنٽين وورونٽسيوف گڏيل قومن جي اداري کي ٻڌايو ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي اولهه جي تسلط کي نافذ ڪرڻ جي لاءِ خلا کي استعمال ڪرڻ جي ڪشش ڪري رهيا آهن.
وورونٽسيوف لکيل تقرير پڙهندي چيو ته يوڪرين جي جنگ جي ڪوششن ۾ مدد جي لاءِ مغربي سيٽلائيٽس جو استعمال ’’انتهائي خطرناڪ طريقو’’ هيو.
هن گڏيل قومن جي فرسٽ ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته ’’بظاهر، مغرب جو شهري انفرا اسٽرڪچر ڪنهن انتقامي حملي جو هڪ جائز هدف ٿي سگهي ٿو’’.
هن وڌيڪ چيو ته يوڪرين جي مدد جي لاءِ اولهه جي طرفان اهڙن سيٽلائيٽس جو استعمال ’’اشتعال انگيزي’’ آهي.
وورونٽسيوف مخصوص سيٽلائيٽ ڪمپنين جو ذڪر نه ڪيو حالانڪه ايلون مسڪ هن مهيني جي شروع ۾’’سٺي مقصدن’’ جي لاءِ ضرورت جو حوالو ڏيندي چيو هو ته سندس راڪيٽ ڪمپني ’SpaceX’ يوڪرين ۾ پنهنجي اسٽار لنڪ انترنيٽ سروس جي لاءِ فنڊ ڏيڻ جاري رکندي.
يوڪرين جي جنگ ۾ هزارين ماڻهو هلاڪ ٿي چڪا آهن. ڪووڊ کان پوءِ يوڪرين تي جارحيت عالمي اقتصادي بحاليءَ کي نقصان پهچايو آهي ۽ 1962 جي ڪيوبا جي ميزائيل بحران کان پوءِ مغرب سان سنگين ترين نوعيت جي تصادم کي جنم ڏنو آهي.
(هن رپورٽ جو مواد خبر رسان اداري، رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)