رسائی کے لنکس

پيپلز پارٽيءَ جو جماعت اسلاميءَ سان پهريون رابطو، تحفظات دور ڪرڻ جي پڪ


سعيد غنيءَ جي اداره نور حق ۾ حافظ نعيم سان ملاقات
سعيد غنيءَ جي اداره نور حق ۾ حافظ نعيم سان ملاقات

ڪراچيءَ ۾ بلدياتي انتخابات کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پهريون ڀيرو جماعت اسلاميءَ سان باضابطه رابطو ڪيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي وفد اداره نور حق ۾ جماعت اسلاميءَ جي رهنمائن سان ملاقات ڪئي.

ملاقات کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي رهنما ۽ صوبائي وزير، سعيد غنيءَ سان گڏ آيل ميڊيا سان گفتگو ڪندي جماعت اسلاميءَ جي رهنما ۽ ميئر جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلاميءَ پنهنجي تحفظات کان پيپلز پارٽيءَ کي آگاه ڪيو آهي. جماعت اسلامي انتظار ڪندي ته معاملات حل ٿين، جنهن کان پوءِ باقاعده ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

ان موقعي تي سعيد غنيءَ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جماعت اسلاميءَ سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن ملاقات ڪري تحفظات کان آگاه ٿجي.

هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي خواهش آهي ته جماعت اسلاميءَ سان ڪراچيءَ ۾ ملي هلجي جيڪو شهر جي لاءِ بهتر آهي.

سعيد غنيءَ چيو ته ڪيترائي معاملا براه راست حڪومت جي اختيار ۾ ناهن. جماعت اسلامي جا جيڪي به اعتراض آهن انهن ۾ حڪومت جتي به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي اها ادا ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلاميءَ کي به جن يونين ڪائونسلن تي اعتراض هيو انهن تي اليڪشن ڪميشن ڪاروائي شروع ڪئي آهي. ان جو جيڪو به فيصلو ٿيندو ان کي قبول ڪيو ويندو.

سعيد غنيءَ چيو ته اليڪشن ڪميشن بهتر طور تي ڪم ڪري رهي آهي ليڪن ان جي لاءِ ممڪن ڪونهي ته سڀني کي راضي ڪري.

ڪراچيءَ جي مڪاني انتخابات جا نتيجا مسترد، تحريڪ انصاف جو ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي رهنما اسد عمر چيو آهي ته سندس پارٽي ڪراچيءَ جي بلدياتي چونڊن کي مسترد ڪري ٿي، اليڪشن ڪميشن مستعفي ٿئي ۽ شهر ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي اسد عمر چيو ته ڪراچيءَ وارن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. جماعت اسلاميءَ جون سيٽون به کسيون ويون آهن. سندس بقول، صوبي جي حڪمران جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪراچيءَ جي عوام مسترد ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ جي بلدياتي انتخابات کي مسترد ڪيون ٿا. اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. انهن چونڊن جي نتيجن کي منسوخ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي.

XS
SM
MD
LG