پاڪستان جي مذهبي ناتن واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي پراڻي حج جي ڪوٽا بحال ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 65 سالن جي عمر جي حد کي به ختم ڪيو ويو آهي.
وزارت پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب پاران مذهبي ناتن جي وزير مفتي عبدالشڪور کي حج جو ساليانو مسودو ملي چڪو آهي. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حج جي لاءِ پاڪستان جي هڪ لک 79 هزار 210 جي پراڻي ڪوٽا بحال ڪئي وئي آهي ۽ اهڙيءَ طرح 65 سالن جي حد کي به ختم ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڪرونا پابندين جي ڪري 2022 ۾ حج جي لاءِ پاڪستان جي ڪوٽا 81 هزار 132عازمن تائين محدود ڪئي وئي هئي.
مذهبي ناتن جي وزارت چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2023 جي حج جي پاليسيءَ جو اعلان ڪابينا جي منظوريءَ کان پوءِ ڪيو ويندو، جڏهن ته حج جون درخواستون فيبروريءَ جي آخر تائين گهرائڻ جو امڪان آهي.
وبا کان اڳ وانگر حج جي ادائگي ٿي سگهندي، سعودي عرب
ٻئي پاسي، سعودي عهديدارن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال زائرين جي حج جي ڪوٽا ڪووڊ 19 کان اڳ واري هوندي.
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، سومر جي رات جدي ۾ حج متعلق اخباري ڪانفرنس ڪندي، سعودي عرب جي حج جي وزير، عمره توفيق بن فوازن الربيعه ڪرونا پابندين جي خاتمي جو اعلان ڪيو.
سعودي عرب جي خبرن جي سرڪاري اداري، ’ايس پي اي’ مطابق، توفيق بن فوزان چيو آهي ته هو ٻه سٺيون خبرون کڻي آيو آهي. پهرين اها ته زائرين جي ڪرونا کان اڳ واري ڪوٽا بحال ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي عمر جي ڪا پابندي نه هوندي.
هن چيو ته ٻي خبر اها آهي ته سموري دنيا ۾ ڪنهن به حج مشن کي ڪنهن به لائسنس يافتا ڪمپنيءَ سان معاهدي جي اجازت هوندي جيڪا انهن ملڪن جي عازمين جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهندي.
توفيق بن فوزان چيو ته ڪرونا پابندين جي دوران ئي سعودي عرب حج جي لاءِ عمر جي حد کي به 18 کان 65 سالن جي وچ تائين مقرر ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سعودي عرب حج جا سفري انتظام ڪرڻ وارين خانگي ڪمپنين جو تعداد به محدود ڪيو هو.
حج دنيا جي وڏي مذهبي ميڙ منجهان هڪ آهي. ڪرونا وبا جي آغاز کان اڳ هر سال لڳ ڀڳ 25 لک ماڻهو سڄيءَ دنيا مان حج جي ادائگيءَ جي لاءِ سعودي عرب ايندا هيا.
ليڪن ڪرونا جتي وڏن اجتماعن کي متاثر ڪيو اتي حج تي به ان جو اثر پيو هو. 2020 ۾ ڪرونا جي ڪري لڳڻ واريون پابنديون عازمين حج جي تعداد کي محدود ڪيو ۽ صرف سعودي عرب جي هڪ هزار رهائشين حج ڪيو هو.
بعد ۾ 2021 ۾ سعودي عرب ۾ موجود لڳ ڀڳ 60 هزار ماڻهن حج ادا ڪيو هو. ليڪن، 2022 ۾ ان تعداد کي وڌايو ويو هو ۽ دنيا مان 10 لک جي لڳ ڀڳ عازمين کي حج جي اجازت ڏني وئي هئي.
حج اسلامي مهيني ذي الحج ۾ ادا ڪيو ويندو آهي ۽ ان ۾ مناسڪ جو آغاز اٺ ذي الحج کان ٿيندو آهي. هلندڙ سال جون ۾ حج ادا ڪيو ويندو.
(هن خبر ۾ شامل ڪجهه معلومات خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)