رسائی کے لنکس

سعودي خاتون عمل دار تعليمي قابليت جي ڪري باس جي جاءِ والاري


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

سعودي عرب جي اسلامي امور جي وزير عبدالطيف الشيخ هڪ نوجوان خاتون اهل ڪار کي سندس تعليمي قابليت جي بنياد تي وزارت جي ترجمان تعينات ڪرڻ جواعلان ڪيو آهي.

خليجي نشرياتي اداري، گلف نيوز مطابق سماجي ميڊيا تي شيئر ڪيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وزير وزارت جي ميڊيا ڊپارٽمنٽ ۾ هڪ نوجوان خاتون عمل دار سان گفتگو ڪندي سندس تعليمي قابليت ۽ انتظامي ڄاڻ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري رهيو آهي.

اها ڳالهه ڄاڻڻ کان پوءِ ته هن وٽ ميڊيا ۾ بي اي جي ڊگري آهي جڏهن ته هن جو مينيجر اڪائونٽس ۾ ڊگري رکندو آهي، وزير حڪم جاري ڪيو ته هن محڪمي جي سربراهي اها خاتون ڪندي جڏهن ته سندس مينيجر کي ساحلي شهر جدي منتقل ڪيو ويو.

رپورٽن مطابق، وزارت اسلامي أمور جي ترجمان خاتون جو نالو شاهاد منشي آهي، جيڪا وزارت جي پهرين خاتون ترجمان مقرر ٿي وئي آهي.

وزير جي ان فيصلي تي ڏڦيڙ پيدا ٿي پيو آهي.

فيصلي جي حامين جو چوڻ آهي ته تبديليءَ جو مقصد هڪ اهل فرد کي مناسب جاءِ تي لڳائڻ آهي، جڏهن ته ناقدين ان فيصلي کي جلد بازي قرار ڏئي رهيا آهن.

شاهاد 2020 ۾ پبلڪ رليشنز ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. هن پنهنجي تقرريءَ جو دفاع ڪيو آهي.

خليجي ٽيلي ويزن، روتانا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ شاهاد جو چوڻ آهي ته کيس وٽ ميڊيا ڪوريج ۽ مختلف اخبارن جي لاءِ رپورٽون لکڻ جو تجربو آهي.

هن چيو آهي ته هن ڪيترائي ايونٽس متعقد ڪرايا آهن ۽ ميڊيا جي ڪمن ۾ حصو ورتو آهي.

سعودي عرب ۾ تازو اهڙا قدم کنيان ويا آهن جن ۾ خواتين کي به سرڪاري نظام ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سنه 2018 ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي ڊرائيونگ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن قدم کان پوءِ عورتن جي موٽر گاڏي هلائڻ تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پيل پابندي ختم ڪئي وئي هئي.

XS
SM
MD
LG