طالبان کي موسيقي، لطيف احساس، تعليم ۽ ’پرفارمنگ آرٽس’ سان نفرت آهي، ايتري حد تائين جو اهي’ساز ۽ آواز’ کي پسند ڪرڻ وارن کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا.
طالبان جي اچڻ کان ڪجهه ئي مهينا پوءِ نينگرين جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي دروازن کي ڪلف لڳي ويا ۽ عورتن جي ٻاهر نڪرڻ، روزگار ڪمائڻ تي پابندي لڳي وئي. هاڻي اهي بغير محرم جي ٻاهر نه ٿيون نڪري سگهن نه ئي سفر ڪري سگهن ٿيون.
پوئين سال وچ آگسٽ ۾ جڏهن آمريڪي قيادت واريون نيٽو جون فوجون افغانستان مان ٻاهر نڪتيون، ته ان وقت طالبان اقتدار تي قبضو ڪيو.سندن اچڻ جي خبر ٻڌي ائين لڳو ڄڻ ويهن ورهن جي روشن خيال معاشري جي تربيت جو پورهيو ٿرٿلي ۾ پئجي ويو هجي. سوچڻ واري ان طبقي ۾ کليل ذهن رکندڙ متمدن افغان شهري شامل هيا. انهن ۾ قلم ڪار، دانشور، موسيقار، تعليم دان، صحافي، سڀ شامل هيا.
ليڪن سڀني کان وڌيڪ پريشان اسڪول ۽ ڪاليج جون نينگريون ۽ روزگار سان لڳل عورتون ٿيون، جن ۾تعليم ۽ صحافت جي ميدان، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ عورتون به شامل هيون.
کين 1996 کان 2001 جو طالبان جو پهريون دور ياد هيو يا انهن پنهنجي وڏڙن کان ان باري ۾ ٻڌو هو. ڪنهن کي به يقين نه پئي آيو ته ڀلي ڪيتري به يقين دهاني ڪرائي وڃي پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ طالبان عام شهرين سان انسانيت وارو بهتر سلوڪ نه ڪري سگهندا.
ويهن سالن دوران پٺتي پيل افغان معاشري کي روشن خيال ۽ جديد بنائڻ جون لڳاتار ڪوششون ٿيون، جن ۾ تعليم عام ڪرڻ، عورتن کي سندن حق ڏيارڻ، پيشه وارانه هنر سيکارڻ ۽ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ شامل هيا. انهن ويهن سالن دوران عورتن کي معاشري ۾ بهتر مقام ڏيڻ جون ڏاڍيون ڪوششون ڪيون ويون. ان وقت تائين عام افغان معاشري ۾ محسوس ڪرڻ جي حد تائين روشن خياليءَ وارو رنگ اچي چڪو هو.
ڪابل ۾ موسيقي سکندڙ ۽ وائلن وڄائيندڙ نوجوان شاگردياڻين جو معاملو به ايترو ئي پريشان ڪن هو.
اربع جي ڏينهن وڊيو لنڪ ذريعي يورپ ۽ آمريڪا ۾ هڪ محفل سجائي وئي جنهن ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ عوام سان گڏ نينگرين ۽ عورتن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ جو تفصيلي ذڪر ٿيو.
ان ڏس ۾، ’Freedom House’ جي اشتراڪ سان ’وائس آف آمريڪا’ اربع جي شام ’Symphony of Courage’ جي عنوان سان ڊاڪيومينٽريءَ جي اسڪريننگ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ماهرن جي هڪ پينل افغان معاشري متعلق پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ماهرن جي پينل ۾ بيٿ نينڊلسن، اليگزينڊرا بريرو، فرشتا سخي ۽ ڊاڪٽر احمد سرمست شامل هيا، جڏهن ته اين رچرڊ ڪاروائي هلائي. اختتامي ڪلمات ’سائوٿ اينڊ سينٽرل ايشيا ڊويزن’ جي ڊائريڪٽر، عائشه تنظيم ادا ڪيا.
صورت حال جو موثر عڪس پيش ڪندي ڊاڪيومينٽريءَ ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪيئن 2010 ۾ قائم ٿيندڙ ’افغانستان نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف ميوزڪ’ (اي اين آئي ايم) جي موسيقيءَ جي اسڪول جي 273 ڄڻن تي مشتمل شاگردن ۽ فيڪلٽيءَ جي ڪهڙيءَ ريت مدد ڪري هوائي جهازن جي چئن اڏامن ذريعي ڪابل مان دوحا ۽ اتان لسبن نيون ويو. سڀني کان آخر ۾ موسيقيءَ جي اسڪول جون ٻه نامور شاگردياڻيون فريده ۽ زهرا ڪابل مان نڪتيون. دير جو سبب اهو بڻيو جو انهن جا پاسپورٽ تيار نه هيا. آخري ڪجهه ڏينهن دوران طالبان گهر گهر جي تلاشي ورتي ۽ ٻنهين نينگرين کي حڪم ڏنو ويو ته گهر کان ٻاهر نه نڪرن. ان وقت سندن چاچو احمد ساڻن گڏ هيو جنهن کين دلاسو ڏنو ته کين ضرور ملڪ مان ٻاهر ڪڍيو ويندو. قطر ايئرويز جو هوائي جهاز پهتو ته موڪلاڻيءَ مهل سندن ماءُ دعائون ڏئي کين گهران رخصت ڪيو. ڪابل مان 16 نومبر 2021 تي دوحا ۽ دوحا مان 12 ڊسمبر 2021تي سڄو گروپ گڏجي لسبن پهتو.
فريده ۽ زهرا ننڍيءَ عمر ۾وائلن سکي. هاڻي اهي افغان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا وٺي رهيون آهن (جيڪا روايتي، قديم، شاهوڪار ۽ سحر انگيز موسيقي آهي) ۽ افغان ۽ مغربي ساز سکي رهيون آهن. بيٿون، موزارٽ ۽ باخ جا جرمن ڪلاسيڪي سر سکڻ سندن خواب آهي.
ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ دوحا ۽ لسبن ۾ ميوزڪ ڪنسرٽ ٿيا جن ۾ ٻين کان علاوه فريده ۽ زهرا وائلن تي پنهنجي فن جو بهترين مظاهرو ڪيو. فريده ۽ زهرا خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اڳتي هلي جڏهن سندن ملڪ جون حالتون ٺيڪ ٿينديون ته اهي وطن واپس وينديون.
سرمست ٻڌايو ته ڪوششون جاري آهن ته پوئتي رهجي ويل خاندانن جي ڀاتين کي ڪيئن افغانستان مان ٻاهر ڪڍيو وڃي.
طالبان جي اچڻ کان پوءِ حجاب جي لباس پائڻ ۽ محرم ساڻ ڪري گهران نڪرڻ جا هدايت نامه جاري ڪيا ويا، نينگرين جي لاءِ اسڪول، ڪاليج بند ٿي ويا. رباب، تمبورو، ستار، هارمونيم، وائلن ۽ طبله نه صرف خاموش رهيا بلڪه ڪيترن هنڌن تي انهن سازن کي ساڙيو ويو.
’وي او اي’ جي افغان سروس جي اڳوڻي سربراه، بيٿ نينڊلسن ۽ ڊاڪٽر سرمست تفصيل سان ٻڌايو ته آمريڪا، پورچوگال ۽ قطر جي مدد سان ’اي اين آئي ايم’ جي موسيقيءَ جي اسڪول ۾ تعيلم پرائيندڙ، سازوڄائيندڙ ۽ استادن جي گروپ کي افغانستان مان پهرين دوحا ۽ پوءِ لسبن ڪيئن آندو ويو.
بيٿ ان توقع جو اظهار ڪيو ته ’سمفني آف ڪريج’ جهڙيون حوصلو وڌائيندڙ فلمون ايندڙ وقت ۾ به تيار ڪيون وينديون، جن ۾ افغان معاشري جي باري ۾ حقيقت تي مبني عڪاسي جاري رکي ويندي.
سرمست ان اميد جو اظهار ڪيو ته ستت ئي بين الاقوامي طور تي ميوزڪ جي ٽورز جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دوران موسيقيءَ جا ڪنسرٽ رکيا ويندا.
پورچوگال جي سفارت ڪار، اليگزينڊرا بريرو چيو ته سندس ملڪ کي خوشي آهي ته موسيقيءَ جي عاشقن ۽ چاهڻ وارن جي گهربل مدد ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته لسبن پهچڻ واري هن گروپ جي خاندانن جا ڀاتي جيڪي ملڪ مان ٻاهر نڪرڻ گهرن ٿا انهن جي هر ڪا ممڪن مدد ڪئي ويندي.
فرشتا سخي چيو ته هن وقت افغانستان جي صورت حال تشويش ناڪ آهي، جتي عوام جا بنيادي حق کسجي چڪا آهن. هن چيو ته وقت اچي چڪو آهي ته انساني حقن جي باري ۾ آگهي وڌائي وڃي ۽ افغان عورتن ۽ ڇوڪرين کي يقين ڏياريو وڃي ته اهي همت نه هارن.
پنهنجي اختتامي ڪلمات ۾ ’سائوٿ اينڊ سينٽرل ايشيا ڊويزن’ جي ڊائريڪٽر، عائشه تنظيم چيو ته جڏهن طالبان اقتدار تي قبضو ڪيو ته ڪنهن کي ڪو شڪ ڪونه هيو ته اهي ’’ڪجهه ئي عرصي ۾ اظهار ۽ رائي جي آزادي ۽ عورتن جي حقن جي معاملي تي بدلجي ويندا ۽ اهو ئي ٿيو’’.
هن چيو ته طالبان ’وائس آف آمريڪا’ جي دري ۽ پشتو ريڊيو نشريات بند ڪيون آهن. ’’اسان کي فخر آهي ته پنهنجو مشن جاري رکندي، عورتن سميت ڪمزور ۽ بنيادي حقن کان محروم طبقن جو آواز بنجڻ جي روايت قائم رکي آهي. اهو عزم جاري رهندو. اسان جا سامعين اسان جا پروگرام دلچسپيءَ ۽ شوق سان ٻڌندا رهيا آهن. اسان هر صورت ۾ پنهنجي سامعين تائين پهچندا رهندا سين’’.
عائشه تنظيم ڪيترن ئي سالن تائين افغانستان ۽ پاڪستان جي خطي لاءَ ’وي او اي’ جي ’بيورو چيف’ رهي آهي ۽ تازو کيس بهترين پيشه ورانه صحافتي ڪارڪردگيءَ تي ’David Burke Award’ ڏنو ويو آهي.
(رپورٽ)