آمريڪا چيو آهي ته ايران سان جوهري معاهدي جي بحالي، جنهن جو تعلق تهران جي جوهري پروگرام تي پابندين کي نرم ڪرڻ سان آهي، اها هاڻي واشنگٽن جي ترجيح ناهي.
آمريڪي پرڏيهي ناتن جي محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائس اخباري نمائندن کي ٻڌايو آهي ته عالمي طاقتن سان ايران جو پنهنجي جوهري پروگرام کي محدود ڪرڻ جو معاهدو جنهن کي ’جوائنٽ ڪمپري هنسو پلان آف ايڪشن’ چيو ويندو آهي، هاڻي ڪجهه مهينن کان اسان جي ايجنڊا تي ناهي.
آمريڪا 2018 ۾ ان وقت ايران سان جوهري معاهدي کان الڳ ٿيو هو جڏهن ان وقت جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو چوندي معاهدي مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته هي معاهدو ايران جي لاءِ تمام سازگار آهي.
اهو چوندي، ٽرمپ ايران تي ٻيهر اقتصادي پابنديون لڳائي ڇڏيون هيون.
ايران پاڻ تي لڳايل انهن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي ته هو جوهري بم بنائڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي. ليڪن ٻئي طرف معاهدي مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ان يورينئم کي پگهرائڻ جي سلسلي ۾ نه صرف اضافو ڪيو آهي بلڪه ان جا ذخيره به وڌايا آهن. هن وڌيڪ جديد سينٽري فيوجز نصب ڪيا ۽ افزودگي جي درجي ۾ واڌ آندي آهي.
پرائس اربع جي ڏينهن چيو ته ايران جي پاران پوئين سال جي آخر ۾ معاهدي ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي لاءِ شرطن کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جو توجه ايران ۾ وسيع پيماني تي سيپٽمبر کان جاري مظاهرن جي سلسلي ۾ ايراني عوام جي عالمي حقن جي حمايت جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش تي لڳل آهن ۽ ان سان گڏ و گڏ آمريڪا يوڪرين تي روسي حملي ۾ ايران جي ڪردار تي به نظر رکيون پيون اچي.
ترجمان اهو به چيو ته ’’ايران جي حوالي سان اسان کي جيڪو سڀ کان وڌيڪ پيچيدو چيلينج آڏو آهي ان ۾ جوهري پروگرام سان گڏ وچ اوڀر (مشرق وسطي) ۾ ايران جون بدنيتيءَ تي مبني سرگرميون آهن’’.
پرائس اخباري نمائندن کي چيو ته توهان اهو ڏسو ته ايران پنهنجي ئي عوام سان ڇا سلوڪ ڪري رهيو آهي.
بقول سندس، ايران رياستي جبر ۽ تشدد جي خلاف آواز اٿارڻ وارن بهادر ايرانين سان ڪهڙيءَ ريت پيش اچي رهيو آهي ۽ هو روس کي جنهن نموني فوجي ۽ سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان امداد ڏئي رهيو آهي، ان تي به نظر رکڻ جي ضرورت آهي. بغير ڪنهن شڪ جي اهو معاملو پيچيده ۽ مشڪل چيلنجن ۾ شامل آهي.
(وي او اي نيوز)