رسائی کے لنکس

سيڪيورٽي تشويش جي ڪري پاڪستان ۾ چين جو قونصل خانو بند


پاڪستان سي پيڪ اٿارٽي (فائيل فوٽو)
پاڪستان سي پيڪ اٿارٽي (فائيل فوٽو)

پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورت حال تي تشويش جي ڪري، چين پبهنجي شهرين ۽ چيني ڪمپنين کي انتهائي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ٽيڪنيڪي سببن جي ڪري سفارت خاني ۾ پنهنجو قونصلر سيڪشن به بند ڪري ڇڏيو آهي.

چين جي پرڏيهي وزارت جي قونصلر کاتي جي طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل ايڊوائزريءَ ۾ چيو ويو آهي ته چيني شهري پاڪستان ۾ اهڙن علائقن ۾ وڃڻ کان احتياط ڪن جتي انهن جي سلامتيءَ کي وڏو خطرو پيش اچي سگهي ٿو.

هدايت نامي ۾ چين پاڪستان ۾ پنهنجي شهرين ۽ ڪاروباري ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته ا هي پاڪستان ۾ سيڪيورٽيءَ جي صورت حال سنگين ٿيڻ جي ڪري خبردار رهن ۽ غير ضروري سرگرمين کان پاسو ڪن.

ليڪن چيني سفارت خاني چيو آهي ته ان جي ڪري ويزا حاصل ڪرڻ جو طريقه ڪار متاثر نه ٿيندو. ليڪن چيني سفارت خاني ٽيڪنيڪي سببن جو تفصيل جاري نه ڪيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هيءُ قدم بظاهر سيڪيورٽيءَ تي تشويش کي سامهون رکندي کنئيو ويو آهي، ته جيئن ويزا وٺڻ جي لاءَ ماڻهو سفارت خاني اچڻ بجاءِ ’جيريز’ جون ويزا سروس جون خدمتون حاصل ڪن.

چين پاران هي قدم اهڙي وقت کنئيو ويو آهي جڏهن گزريل مهيني جي آخر ۾ پشاور جي پوليس لائينز مسجد ۾ ٿيڻ واري خودڪش حملي ۾ 100 کان مٿي ماڻهو مري ويا هيا.

نومبر جي آخر ۾ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي پاران جنگ بندي ختم ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي.

هوڏانهن پاڪستان ۾ سرمايه ڪاري بورڊ جي اڳواڻ، هارون شريف چيو آهي ته پاڪستان جي اولهه ۾ واقع صوبن ۾ ٿيڻ وارا عسڪريت پسندن جا حملا چين جي لاءِ تشويش جو باعث آهن.

هن چيو ته پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 200 چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن.

هارون شريف چيو ته ’سي پيڪ’ منصوبن تي ڪم ڪرڻ وارن چيني شهرين جي لاءِ سيڪيورٽيءَ جا خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه چيني ڪمپنين پنهنجي سيڪيورٽيءَ جو پاڻ بندوبست ڪيو آهي.

هن چيو ته چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن ۽ ماهرن جي ضرورت آهي ۽ انهن ڪارڪنن جون خدمتون حاصل ڪرڻ واري ڪنهن به چيني ڪمپنيءَ تي حملي جي صورت ۾ چين ڏانهن منفي سگنل ويندو آهي.

ٻئي پاسي، پاڪستان جي وزير داخله رانا ثنا الله چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي شهرين ۽ چين پاڪستان راهداري منصوبن تي ڪم ڪرڻ وارن شهرين کي ’فول پروف’ سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

رانا ثنا الله تعلق رکندڙ عمل دارن کي چتاءُ ڏنو آهي ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به ڪوتاهيءَ کي برداشت نه ڪيو ويندو.

پاڪستان جي سرڪاري ميڊيا مطابق، رانا ثنا الله اها ڳالهه آچر ڏينهن گوادر ۾ ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن جي پيش نظر چيني شهرين کي تحفظ جي لاءِ منعقد هڪ اجلاس دوران چئي.

هن چيو ته ’سي پيڪ’ جي منصوبن جي لاڳت ۾ هڪ في صد چيني شهرين کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رکيا ويا آهن.

XS
SM
MD
LG